Wednesday, December 19, 2018

ھي منھن ۽ منصور جي دار


ھي منھن ۽ منصور جي دار
ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
”منصور“ ھڪ نالو آھي يعني ته منصور ڪيترن ئي ماڻھن جو نالو آھي. سيٺ منصور ھجي يا ماستر منصور ھجي. منصور ويراڳي آف ھالا ھجي يا شاعر منصور دائودپوٽو ھجي ۽ اھڙيءَ طرح کوڙ سارا منصور ٿي گذريا آھن. ھاڻي به آھن ۽ آئندھ به ھوندا، ڀلي ھجن. اسان جون اکيون ٿڌيون! سچ چيو اٿن ته ڀاڳين جا ڀاڻ خالي ناھن ٿيندا. البت جنھن ”منصور“ جو اسان کي ذڪر ڪرڻو آھي سو ”منصور حلاج“ جي نالي سان مشھور آھي.


ھي بزرگ ”ابن منصور، بن منصور، منصور“ جي نالن سان مشھور آھي ۽ عالمي شھرت ماڻي چڪو آھي. ھونئن ته موت گھڻن ئي سگھارن جا لاھ ڪڍي چڪو آھي. پر منصور کي موت به ماري نه سگھيو آھي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڄاڻ مطابق منصور ”ھڪ مشھور صوفي درويش، حسين بن منصور جنھن ”انا الحق“ جو نعرو ھنيو، ”انا الحق“ يا ”من خدايم“ خاڪم بدھن! الله ائين نه چوائي! ”مان خدا آھيان“ جو نعرو ھڻي منصور سڄي دنيا ۾ ٿرٿلو وجھي ۽ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو. البت شريعت جي (جيڪا ظاھر تي ھوندي آھي) وڪوڙ ۾ اچي ڌونڌواڙجي ويو. فتويٰ ڏيندڙن کيس ڪافر ڄاڻائيندي ”ڪفر“ جي فتويٰ ڏيئي کيس ”واجب القتل“ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جنھن جي پوئواري جي نتيجي ۾ منصور کي سوريءَ تي چاڙھيو ويو يعني ڦاسيءَ تيٽنگي ماريو ويو. کيس چيچلائي ماريو ويو پر ھن ”انا الحق“ جي نعري تان ھٿ نه کنيو. انھيءَ تان منصور ۽ سندس دار ضرب المپل بڻجي ويا.
سوري/ سوليءَ جو مفھوم ھڪ فارسي لفظ ”دار“ يا تختئه دار ۾ اچي ڀو جنھن جي معنيٰ ڦاسي/ ڦاھي/ سوري A gallows/ A gibbet/ Impaling stake آھي. ڦاسي جي سزا مليل ڏوھارين Criminals کي ڦاسي گھاٽ تي آڻي، ڪاٺ جي تختي تي بيھاري، ڳچيءَ ۾ ڦندو/ ڦاھو/ نوڙ/ رسو وجھي، ھيٺان پيرن وارو تختو ڪڍي ڇڏڻ سبب ڦاسي ڏنل ڏوھاريءَ جو مڻڪو ٽٽڻ ڪري سندس لاش ٽنگيل ۽ لڙڪيل ھوندو آھي ۽ ڪجھ وقت لاءِ ٽنگيل حالت ۾ ھوندو آھي ته جيئن ماڻھو عبرت وٺن ۽ ڏوھارين کان نفرت رکن.
Hanged and exposed to public scorn.
ڦاسي چڙھڻ/ چاڙھڻ جو اھو طريقو، قديم زماني کان وٺي، ٿوريءَ ڦير ڦار سان اڄ به مروج آھي.
ھالاڻيءَ واري سوري.
سنڌ ۾ سوري تي چاڙھڻ جو رواج قديم زماني کان ھلندو آيو آھي، جنھن جا ڪيترا ئي انداز ۽ نمونا آھن. ساھتي واري علائقي ۾ ”ھالاڻيءَ واري سوري“ ان جو ھڪ نمونو آھي.
سنڌ جي ساھتيءَ واري تاريخي شھر ’ھالاڻي‘ سان لڳو لڳ ”قومي شاھراھ“ تي ھڪ ميدان اڄ به موجود آھي جتي ڪلھوڙن ۽ ميرن جي جنگ لڳي ھئي. ان کي ”ھالاڻيءَ واري جنگ“ چيو ويندو آھي. جنگ ۾ ڪلھوڙن ھارايو ۽ ميرن کٽيو ھو. انھيءَ دؤر ۾ خطرناڪ ڏوھارين، خونين، ڌاڙيلن، ڦورن، باغين، ملڪ ڊوھين، وڳوڙين کي سر عام ڦاسيءَ تي چاڙھيو ويندو ھو. جنھن کي ”سوريءَ تي چاڙھڻ يا ٽنگي مارڻ (to be hanged to death) چيو ويندو ھو.
ھالاڻيءَ واري سوريءَ جو نمونو ئي نرالو آھي. انھيءَ سوريءَ جا نشان شھر ھالاڻي جي اوڀر طرف ٺيڪراٺي جي صورت ۾ اڄ به موجود آھن.
اھا ”سوري“ ھڪ ”ٺلھ“ يا مناري جھڙي اڏاوت ھئي، جنھن جو بنياد اٽڪل ۱۳۰ فوٽن تي رکيل ھو ۽ ان جي چوٽي/ اوچائي تي ھڪ ننڍو ٿلھو ٺھيل ھو، جنھن تي ھڪ ماڻھو مشڪل سان ويھي سگھندو ھو. انھيءَ سوريءَ جي اوساري پڪين سرن ۽ گچ سان ٿيل ھئي ۽ ان جي ڊيگھ اٽڪل ۱۳۰ فوٽ کن ھئي. اھا ھيٺان کان ٿولھ ۾ ويڪري ھئي ۽ آخري مناري وانگر چوٽي ھيس، جنھن تي مشڪل سان ماڻھو بيھي سگھندو ھو. سوريءَ جي چوڌاري ھيٺان نوڪدار لوھا ڪلا کتل ھئا. ڪنھن به ڏوھيءَ کي ان تي چاڙھڻ لاءِ ڪاٺ جي ڏاڪڻ ڪتب آندي ويندي ھئي. ميرن جي صاحبيءَ ۾ ان سوريءَ جو ڪجھ حصو ڊھي پيو پر ان جي مرمت ڪا نه ڪرايائون. ھن وقت اھا ڊھي زمين دوز ٿي ويئي آھي ۽ پڪين سرن جا ٽڪرا ٽڙيا پکڙيا پيا آھن.
اندازو ڪيو وڃي ته چاڙھيل ماڻھو ”چوٽ“ تي بيٺو رھي، اڃ بک سبب بيحال ٿي ننڊ جي ھڪ ئي جھوٽي ۾ ڌوڙيو ڪري. مٿان ايڏي بلنديءَ تان ھيٺ ڪرڻ سبب لوھ جي کوڙيل ڪلن مٿان سٽجي اچي پوڻ سبب زندھ ڪيئن ٿو بچي سگھي؟
دراصل ”سوريءَ“ جو مقصد ھوندو ئي آھي ڏوھاريءَ کي چيچلائي/ عذاب ڏيئي مارڻ ته جيئن ٻيا ان مان سبق پرائين.
سنڌ جي عالمن، زاھدن، صوفين، بزرگن، شاعرن منصور ۽ سندس دار يعني سوري جو ڀرپور انداز ۾ ذڪر ڪيو آھي. منصوري مام کي پروڙيندي، سنڌڙي جي شھباز قلندر فرمايو؛
منم عثمان مروندي، که يار خواجه منصورم،
ملامت مي کند خلقي ڪه من برادر مي رقصم.
شاھ عبداللطيف:
سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا ھلندي جيڏيون. (سر ڪلياڻ)
سِڪڻ ۽ سوري، ٻئي اکر ھيڪڙي. (سر ڪلياڻ)
منصور ۽ ”انا الحق“ جو نعرو:
منصور، ”انا الحق“ جو نعرو ھنيو، جنھن جي تشريح ڪندي، سلطان الاوليا خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو ”ابيات سنڌي“ ۾ فرمائي ٿو (شارح: عبدالرحيم گرھوڙي/ ترجمو: علامه دائودپوٽو):
سرتيون سٽ ڪپاھ، مارھوم منصور کي،
ٿي ترڪيب تباھ، وحدت وائي وات ۾.
الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن مجيد ۾ حضرت موسيٰؑ  جي ڳالھ ڪندي فرمايو آھي ته؛ ”ربنا الذي اعطيٰ کل شيءِ خلقهٗ ثم ھدي.“ يعني اسان جو پالڻھار اھو آھي، جنھن سڀ شيءِ کي پنھنجي صورت بخشي ۽ پوءِ ھدايت ڏنائين. مثلاً: سُٽ ذات جي لحاظ سان ڪپھ آھي ۽ ٻيو سڀ ڪجھ اعتبار جي ڪري. تنھنڪري جڏھن منصور جو امڪاني تعين (وجود) سندس نظر کان غائب ٿي ويو ۽ فقط محض وجود ڏنائين جو عين الحق آھي تڏھن چيائين ته ”انا الحق“ (آ حق آھيان). کيس قتل ھن ڪري ڪيو ويو، جو شرع جو حڪم آھي ظاھر تي ۽ سندس ظاھر ڪلام سندس تعين (وجود) جو ثبوت ڏنو، جو غير حق (حق نه) آھي.
سچل سرمست:
۱) ھئي حلاج ذرو سُڌ سِر جي، تنھن سسي توڏ ڪپائي.
۲) شاھ منصور حلاج حسيني، سوري ڪيئن سينگاري.
۳) آپ انا الحق اليندا، سولي آپ سليندا!
قادر بخش بيدل:
۱) منصور وانگي سڪ منجھان، سر يار! سوري تي سجيج.
۲) ڪيئي ”منصور“ ڪيا ھن شعلي سورليءَ تي ھسوار.
نانڪ يوسف:
واھ گرو جي شاھ دراز!
سچا عاشق انا الحق ساز!(ٻاڻي)
صوفين جون منزلون:
ڪو به ڄمندي ڄام ناھي ھوندو. ڄائي ڄم کان ڪو به ”منصور“ ناھي ھوندو. منصورجي اعليٰ مقام کي رسڻ لاءِ طالب کي ڪي منزلون طئي ڪرڻيون پون ٿيون. مقصد جو معراج ماڻڻ لاءِ کيس ڪي ڏاڪا مٿي چڙھڻا پوندا آھن. بيدل سائين انھيءَ رندي راھ جي پرواز وارين منزلن جو ذڪر ڪيو آھي:
اڏر پکيئڙا ونءُ واھيري نڪر منجھان ناسوت،
جنھن وساريو قالب خاڪي آھي ماھر ۾ ماھوت،
پاڻ سڃاڻ ته آھين عارف، جاءِ تنھنجي جبروت،
گھڻا ڏينھن وٿاڻ ھو تنھن جو، لامڪان لاھوت،
آدم حوائون ھيئن تون اڳھون، بيشڪ ۾ باھوت،
”بيدل“ ڪر پرواز جو سعيو، ھل موٽي ھاھوت!
منصوري مام:
الله ڪل ڪائنات، انسانن، ساھوارن، حيوانن، جنن، ڀوتن، فرشتن جو خلقڻھار، اپائڻھار ۽ نگھدار آھي، ساري خدائي ۾ انسان جو مرتبو اعليٰ آھي. اھو ئي سبب آھي جو انسانذات جي رھنمائيءَ لاءِ جيڪي سوا لک (ھڪ لک چوويھ ھزار) نبي موڪليا ويا، اھي سڀ انسانن مان چونڊيا ويا.
 محسن انسانيت، سيد النبياءِ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم، نبي آخر زمان آھي ۽ جنھن کانپوءِ ڪو نبي ناھي اچڻو.
الله ھڪ آھي، ”الک“ آھي، جنھن کي لکي سمجھي (Conceive) نه ٿو سگھجي. اھا ڳالھ انسانن ۽ ٻين جي پھچ کان ٻاھر آھي.
”ھيڪڙائي ھيڪ“ يعني واحد جي وحدانيت جي تشريح لاءِ ڪيترا ئي نظريا پيش ڪيا ويا، صوفين جي نظريي ”ھمه اوست“ کي سمجھڻ لاءِ پھريائين پاڻ کي سڃاڻڻو پوي ٿو. جنھن پاڻ کي سڃاتو، تنھن پنھنجي رب کي سڃاتو.
صوفين جي عقيدي مطابق ”ٻيائي“ (ھڪ الله سان ٻئي کي شريڪ ڪرڻ) ڪفر آھي. الله جا پيارا ٻانھا، ٻيائيءَ کي ٻک وجھي دوئي کي دسي ”ھڪ“ جو مشاھدو ماڻين ٿا.
”الله سڀ جو الله آھي. آھي به الله، ھوندو به الله.“
لطيف سرڪار جي چواڻي؛
قادر پنھنجي قدرت سين قائم آھي قديم.
ھيڏانھن وري انساني ”دماغ“ جو اٿو مٿو ئي ناھي. انسان جڏھن سوچ جي انتھا تي پھچندو آھي ته کيس پنھنجي وجود ۾ الله جو نور نظر ايندو آھي ۽ ھو ھڪدم منصور واري دم زني ڪندو آھي.
وحدت الوجود (ھيڪڙائي ھيڪ):
تصوف جا نظريا:
شيخ اڪبر محي الدين ابن عربي ھجري ڇھين صدي (۶۲۸-۵۶۰) جي تحقيقي مقالي ”ڪشف ۽ شھود“ جي حوالي سان سنڌ جو برک ماھر تعليم ۽ عالم، عثمان علي انصاري، سندس ترتيب ڏنل ”سچل سرمست جو سنڌي ڪلام“ جي مقدمي ”حقيقة الوجود“ ۽ ”وحدت الوجود“ واري تصور جي نظرئي جي وضاحت (تشريح) ڪندي لکي ٿو:
شيخ اڪبر ثابت ڪيو ته ڪائنات ۽ ڪائنات جي خالق جو وجود ھڪ آھي. ٻه نه آھن...
سندس چوڻ آھي ته اسلامي عقيدن جو اولين بنياد آھي توحيد ۽ جيڪڏھن وجود جي مرتبي ۾ ”دوئي“ کي داخل ڪيو ويو يعني ته ٻه ”وجود“ قبول ڪيا ويا، ته توحيد جون پاڙون ڪپجي وينديون. ساري ڪائنات وجود واھد مان پيدا ٿي ۽ ،وجود واحد“ پيدا ڪئي. ڇو ته ھڪ مخفي خزاني کي عالم آشڪار ڪرڻو ھو، تنھن ڪري ”ذات“ پاڻ کي صفات ۾ ظاھر ڪرڻ فرمايو ۽ ھيءَ ساري ڪائنات ٺھي. ھن ساريءَ ڪائنات ۾ جو ڪجھ به موجود آھي، انھيءَ ھڪ ئي آفتاب جا شعاع آھن. انھيءَ ھڪ نور جون تجليون آھن. ”موجود“ حقيقت ۾ اھا ھڪ ئي ذات آھي ۽ باقي موجودات. انھيءَ ”ذات“ کان ڪو جدا وجود ڪو نه ٿيون رکن. جيئن نھريون، حباب، موجون ۽ ڪُنَ، سمنڊ جي پاڻيءَ کان جدا ڪا حيثيت نه ٿا رکن.
آ اصل پاڻي آھيان، ڪيئن ٿا سمنڊ سڏين،
نانءَ مٿم ناحق جا، رکيا الاجي ڪن؟
منصور حلاج جو نعرو ”انا الحق“ ۽ بايزيد بسطاميءَ جو قول ”سبحاني ما اعظم شاني“ شيخ اڪبر (ابن عربي) جي عڪاسي ڪن ٿا.
منصور جو ڦاسيءَ يا سوليءَ تي چڙھڻ ڪو معمولي واقعو نه آھي. سچائي، دليري، بي باڪي، خودشناسي جي حوالي سان دنيا جي تاريخ جو اھم واقعو آھي. جنھن جو ڪو مپال نه ٿو ملي. ھن غير معمولي واقعي کي ڪي ڏاھا ئي سمجھي سگھن ٿا. منصور جي ”انا الحق“ واري نعري ۾ ڪي ”راز“ سمايل آھن جن کي ”داناي راز“ ئي سمجھي سگھن ٿا.
منصور دلير صوفي ھو. ھن کليو کلايو ”سچ“ ڳالھايو. کيس باز رھڻ لاءِ گھڻو ئي سمجھايو ويو پر ھو مُڙيو ئي نه ۽ نعرا ھڻندو رھيو. کيس ھدايتون ڪيون ويون ته ”ڪفر“ کان بچي پر ھن چيو:
من نه مي گويم، يار گويد بگو!
(مان نه ٿو چوان، يار چوي ٿو ته چئو!)
منصور موج ۾ اچي، ھڪلون ڏيئي چوندو ھو. بقول سچل سرمست:
”منصور جي موج ۾ ٿو انا الحق الايان.“
سندس خيال شاھ لطيف جي چواڻي ھي آھي:
ھونگارين ته ھلان، بيھارين ته بس!
واڳ ڌڻين وس، آ ڪا پاڻ وھيڻي؟
سچل چيو:
”جيڪي پيندا مئي منصوري، محب ٿيندا مستانا.“
منصور کي ھر طرف ”حق“ نظر آيو ۽ ھن ان جو دليرانه طريقي سان وڏي واڪي اظھار ڪيو:
ٻيو ڪو ڄاڻڻ محض گناھ،
ھر ڪنھن صورت آپ الله!
منصوري مام کي پروڙيندي، سچل سرمست حق جو ھوڪو ڏنو:
”سچو“ سارو سچ ٿيو، سائين الا،
وچون آ وياس!“
منصور ”سچ“ چيو ۽ سچ تان سر ساھ صدقو ڪري ڇڏيو. ڦاھي جي ڦندي تي چڙھندي وقت به ”سچ“ تان دستبردار نه ٿيو.
سچ ته ھي آھي ته منصور جو ٻيو نالو ”سچ“ آھي. ”سچ“ ڳالھايو وڃي پوءِ سر وڃي ته وڃڻ ڏيوس.
منصور ھر دور ۾، ھر ملڪ ۾، ڪنھن به روپ ۾ ايندو رھي ٿو. مطلب ھي ته منصور کي ھر زماني ۾ ڦاسيءَ تي چاڙھيو ويو آھي. مخدوم بلاول کي مذھبي جنون ھيٺ سازش ڪري سزا ٻڌائي، گھاڻي ۾ پيڙي ماريو ويو. شاھ عنايت جھوڪ واري کي شھيد ڪيو ويو.
ظاھر پرست منصوري مام کي پروڙي نه سگھيا ۽ منصور کي سوريءَ تي لٽڪايو ويو. منصور اڃا زندھ آھي ۽ کيس ڦاسي ڏياريندڙ جو نالو نشان ئي ڪونھي.
منصوري مام کي پروڙيندڙ نيھن جا نعرا ھڻندا رھندا. بيدل فرمائي ٿو؛
”من خدايم موج ۾ ”عطار“ فرمايو ادا،
سر وڍائڻ ۾ مون ڏٺي ”بيدل“ جي ساري مدعا.
منصور جي دار ۽ مسور جي دال
”منصور جي دار“ جي حوالي سان اردو ۾ ھڪ چوڻي مشھور آھي:
”يه منه اور مسور کي دال“
(ھي منھن ۽ مسور جي دال)
ھن چوڻيءَ يا پھاڪي جو منصور سان ڪو به واسطو نه سمجھيو وڃي. منصور جو لاڳاپو، دار يعني ڦاسيءَ سان آھي. ھي منھن ۽ منصور جي دار! منصور جي ڦاسي چڙھڻ ۽ مسور جي پاڻ ۾ ڪا به مٽي مائٽي نه آھي.
”ڪاڏي منھن مريم جو، ڪاڏي الھيار!“
”ڪٿان جي جھار، ڪٿان جي جھرڪي.“
ائين کڻي چئجي ته
”وھي نه وھي، وٺ رينگٽ کي.“
دراصل مٿي ڄاڻايل قسم جون چوڻيون لفظن جون بگڙيل صورتون  ھونديون آھن جن کي ڄٽڪي گفتگو جو ڄٽڪو انداز غلط العام مان غلط العوام بڻجي ويل سمجھيو وڃي. ڳالھ وڃي اتي پھتي ته منصور جي سوريءَ جو واسطو ”قتل“ ٿيڻ سان آھي جڏھن ته مسور جي دال سان ان جو ڪو به لڳ لاڳاپو نه سمجھيو وڃي.
جڏھن به ڪو ڊاڙي، ٻٽاڪي، لاڙي لٻاڙي، يا ڪو مٿي ڦريل ڪنھن ”مھيم“ يعني ”مھم“ (ڏکئي ڪم) کي سر انجام ڏيڻ لاءِ گوڏا کوڙي، ناس پتو ٻوڙي، ھام ھڻندو آھي ته اھڙي ”لٻاڙ سنگ“ لاءِ چيو ويندو آھي؛
”نه منھن، نه مھانڊو؛ ھليو آھي مھم کي منھن ڏيڻ.“
منصور وانگر ڪنھن اعليٰ مقصد لاءِ سر ڏيڻ ڪو سٿرو ڪم نه آھي. البت ”دال“ خاص ڪري ”مسور“ جي دال تي ميار ئي ناھي. دراصل ”دال“ سڀ کان گھٽ درجي جو ڳنڌڻ آھي، جنھنجي ڀيٽ چڱي منھن مھانڊي سان ڪرڻ ھڪ وائڙي ڳالھ چئبي. مٿيون پھاڪو ڪنھن دال کائو جي ”دماڪ“ مطلب ته بد دماغي جو فتنو آھي.
کلندي ڪڏندي سر اڏيءَ تي رکي، قتل ٿيڻ ڪنھن ڀاڙئي ڀوڙئي جي وس جي ڳالھ نه آھي. مقصد ھي ته منزل جي مومل ماڻڻ لاءِ، سرن جون سٽون ڏيڻيون پون ٿيون. سوڀون سر گھرن.
مسور جي دال واري چوڻيءَ ۾ منصور جي ”دار“ کي تلاش ڪرڻ ”بي فضول“ مطلب ته بنھ فضول آھي. ڪٿي منصور جي دار جي عظمت ڪٿي مسور جي دال!
غذائيات جا ماھر چون ٿا ته ”دال“ بدچال ۾ ”ڪاڪت“ مطلب ته طاقت جا جزا، يعني وٽامنس انتھائي گھٽ درجي جا ھوندا آھن. بس ائين کڻي سمجھو ته غاريبو گذران! ”دال“ کان نفرت جو ھي مثال کڻي وٺو. مھمان جي آڏو ”دال“ جو نالو وٺي پوءِ سندس منھن مبارڪ کي چتائي ڏسو.
دال جي نالي وٺڻ سان مھمان کي پيٽ ۾ وڪڙ ۽ ولھوٽا پوندا محسوس ٿيندا آھن جنھن جي ثابتي سندس ”منھن“ مان ئي ظاھر ھوندي آھي.
جڏھن Face is the index of mind. ته پوءِ دال بدافعال جي ڀيٽ ڪنھن مُنھن مھانڊي سان ڪرڻ ڪھڙي چڱ مڙسي آھي؟!
دال جا حمايتي چون ٿا ته؛ دال جا منڪر جن جي منھن تي سال جا ٻارنھن ئي مھينا دال ھاري پئي ھوندي آھي، سي به ’دال، ننگ پال‘ جي بي عزتي خراب ڪندي نفرت کان چوندا آھن ته؛ ”ھون!؟ دال به کائڻ جي شيءِ آھي؟!“ اھو ئي سبب آھي جو دال جا ايلرجڪ، ’دال، ڪري نھال‘ کي ”ڦوسڪ فوڊ“ سمجھي ان کان منھن موڙي، ناتا ٽوڙي ائين چوندا ٻڌا ويا آھن ته؛ ”دال کائڻ کان ته ٻڏي مرڻ بھتر آھي.“
دال، ڪونھي حال‘ پر دال، وري به ”دال“ آھي. دال مڱن جي ھجي يا چڻن جي ھجي يا مٽرن جي. ھر حال ۾ دال آھي ۽ رھندي، قيامت تائين ماڻھن جي پچر نه ڇڏيندي. البت غريب ويچارا دال کائي سُڃائيءَ جو ڀرم رکڻ لاءِ ٻوڙ پلاءَ جون اوڳرايون ڏيندا ڏٺا ويا آھن.
گاما گَڙ گَڙ ۽ دال:
گاما گَڙ گَڙ ڪير آھي. الائي ڪڏھن ۽ ڪٿان، قرب جا قدم ڀري اچي پاڻ واري شھر ۾ نازل ٿيو آھي، سا خبر اسان کي ”ملوم“ يعني معلوم نه آھي. کانئس جڏھن سندس ”آل اقبال“ بابت پڇيو ويندو آھي ته بُلھا شاھ کي آڏو ڪندي چوندو آھي:
”بلھا مين ڪي جاڻا مين ڪوڻ؟“
نلڪن جوڙڻ جو مڪئنڪ يعني ڀلوڙ ڪاريگر آھي ۽ روزگار جي سانگي ھجرت ڪري ھتي پھتو آھي. ھتي سندس گھرج ھئي گھڻي ڏاڍو دل کي وڻي، ماڻھن کيس دل ۾ جايون ڏنيون. اسان وارا ھمراھ، نلڪا ٺاھي، پورھيو ڪري، روزي ناھن ڪمائيندا البت لوھرن کان پنھنجي پسند مطابق ڪھاڙيون ٺھرائي انھن ۾ ڳاڙھا ڳن استعمال ڪندي سينگاري رکندا آھن.
 ھا ته گاما گَڙ گَڙ جڏھن ھن شھر ۾ پھريون ڀيرو وارد ٿيو ھو ته ساڻس مختصر ”ڪِٽ“ يعني نلڪن جوڙڻ جا اوزار ۽ ٻيو ڪجھ سامان ھو. جن ۾ ھڪ عدد کٽولي، رڌپچاءَ جا ڪجھ برتن، ”حقو“ ساڻ ھوس.
پنھنجو دولت خانو يعني گھر ھڪ مسواڙي دڪان ۾ قائم ڪري ورتو اٿائين. دڪان اندران بند ڪري ڇڏڻ کان پوءِ ”سڪ ٻلي ڪاٺ ۾“.
دڪان جي سامھون ھڪ وڻ جي ڇانو ۾ سندس چار پائي پيل ھوندي آھي. رڌپچاءَ واريچلھ تي دال جي ديڳڙي ۲۴ ڪلاڪ رکيل ھوندي آھي. اتي سندس ”مستقل“ قبضو آھي، جتان کيس ڪو به لڏائي نه ٿو سگھي. شھر وارن کي سندس اھميت جي ڄاڻ آھي، ٻي صورت ۾ سندن پاڻي بند ٿيڻ جو خطرو ھميشه ڪر کنيو بيٺو ھوندو آھي، ته متان ”ڪربلا“ نه پيدا ڪري وجھي.
گاما ۽ سندس حقو ھميشه گڏ ھوندا آھن. گاما گَڙ گَڙ ۽ حقي جي ”بُڙ بُڙ“ ساڀ سلامت رھي! ھقو ڀري، تيار ڪري، نڙ وات ۾ ڏيئي ڦوڪ ڀري في الحال ته ھڪ ئي ڦوڪ ۾ ڍانڍارجي ويندو آھي ۽ پوءِ ھئونش سنڀالي ڳائڻ شروع ڪندو آھي.
”دال پھائي ھي قسمت نال! مواريان، مين صدقي جاوان!“
پوءِ حقي جو دم ھڻي، ڪن تي ھٿ رکي سر وکيريندو آھي:
سوھڻي ڊُب گئي وچ دريا دي، انون ڪڊي گا ڪوڻ؟
ڊُب گئي تو ڪي ھويا؟ سانون ڪي پتا؟
وري مستي ۾ اچي چوندو آھي.
ميريا جگني ڪيندي ھي، نام علي دا ليندي ھي!
جگني لک ڪروڙ دي ھي...
پوءِ غمن جو گھوماٽيل گاما گَڙ گَڙ ڪنھن گذريل واردات کي ياد ڪندي گنڀيرجي روئي ڏيندو آھي ۽ گونگا ڳوڙھا ڳاڙيندي، قلندر جي فقيرياڻي لوڪ ڳائڻي ريشمان جو ھي سُپر ھِٽ ڪلام ڳائيندي ڳائيندي ماٺ ٿي ويندو آھي.
ربا! نھين لگدا دل ميرا!
تيري باجھون ھويا ھينره..!
گھڻي وقت کان گاما گَڙ گَڙ گم آھي. خبر نه آھي ته ڪٿي آھي. البت سندس وڃڻ کان پوءِ شھر کي واٽر سپلاءِ جي سھوليت ملي چڪي آھي!
خير! گاما لاھور ۾ ھجي يا ڇانگا مانگا ۾ ھجي، پر خوش ھجي!!
ھتي به خوش ھجي، ھن جھان ۾ به خوش ھجي!
دال جي برڪت:
دال، برڪت-ڀريو کاڌو آھي. دال ۾ اھڙي ڪا حڪمت سمايل آھي جو ان کي جيترو به وڌائڻ چاھيو وڌائي سگھو ٿا. اوچتو ڪي مھمان اچي مٿان ڪڙڪن ته گھٻرائڻ جي ڪا ڳالھ نه آھي. انھيءَ سلسلي ۾ واڌو واھ ڏانھن ڏسو، کوڙ سارو پاڻي موجود آھي. جيڪو ”دال“ جي مقدار کي وڌائڻ جو ڪم ڏيئي سگھي ٿو.
دال ۽ ادب:
دال جي ادبي اھميت پنھنجي جاءِ تي نمايان آھي. ”دال“ تان ڪيترا ئي اصطلاح ۽ پھاڪا موجود آھن. مثال طور: دال ڳرڻ، دال ڪڍي وجھڻ (سيکت ڏيڻ)، دال-کائڪ (ڪمزور)، منھن تي دال ھاريل (بد صورت)، دال جو آڪڙ، دال دول، ڇا دال ڇا بسم الله، دال؛ ننگ پال وغيرھ. مطلب ته سنڌي ٻولي ۽ ان جي ترقيءَ ۾ ”دال“ جو ڪردار اھم آھي.
دال ۽ ٻوڙ:
صدين کان وٺي ”دال“، ٻوڙ ٿيڻ جو ن سر ٽوڙ ڪوششون ڪري رھي آھي. ڪوشش، ڪاميابيءَ جي ڪنجي چئي ويئي آھي. محرم موالي سدائين چوندو آھي ته؛ ”وڏا! دال جڏھن ترقي ڪري ’ٻوڙ‘- ڳچيءَ جو نوڙ، بڻجي ويندي ته پوءِ ”قيامت جا آثار“ ويجھا سمجھيا وڃن!
جيل خانن جھڙوڪ ”سنٽرل جيل“ سکر ھجي، نارا جيل حيدرآباد وارو ھجي. اتي دال جو استعمال عام جام ھوندو آھي. قيدي ٽولا جڏھن ننڍين ننڍين ڳالھين تان پاڻ ۾ وڙھندا آھن ته گارين جي سُر تار، ھڪلن ھوڪرن جي ھونگار تي دال سان ڀريل پيالن جو آزادانه منصفانه ۽ غير جانبدارانه استعمال ٿيندو آھي. خطري جا سائرن وڄندا آھن. ڀڄ ڊوڙ پيجي ويندي آھي ۽ پوليس جا اٽالا پھچي ”سچوايشن تي ڪنٽرول“ يعني ته حالتن کي قبضي آڻڻ وارين عملي ڪوششن کي لڳي ويندا آھن.
قيدين جا آڙيڪاپ اڳواڻ ھڪدم گيئر مٽائي، بک ھڙتالون ڪرڻ يا تحريڪ ھلائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي جيل مئنيوئل مطابق سھولتون وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيندا آھن.
”جيلر صاب“ منھن مٿو پٽيندي، پنھنجي ليکي چوندو آھي، ھي قيدي آھن نواب جا پٽ، کين روزانو گوشت جو ڳاڙھو ٻوڙ کارائجي، بجيٽ سندن بابو ڏيندو. ھڪ پنڻ، ٻيو مھائڻ!
پوءِ ٿيندي آھي ”انڪاري“ يعني انڪُواري جنھن جي نتيجي ۾ سرڪش قيدين کي بند وارڊ ڪيو ويندو آھي ۽ جيلر سس+پينڊ يعني ”سسپينڊ“ ٿيل ھوندو آھي.
دال جو درياھ:
ممتاز تاريخ دان ۽ محقق سيد حسام الدين راشدي ”ھو ڏوٿي ھو ڏينھن“ ۾ بي باڪ عالم ۽ مزاحيه شاعر مولانا نذير حسين جتوئي جو ذڪر ”دال“ جي حوالي سان ڪيو آھي. مولانا مرحوم گھوٽڪي ۾ قائم سيدن جي رھائشي مدرسي ۾ علم جي تحصيل ڪندو ھو. مدرسي ۾ ملندڙ غير معياري کاڌي مان تنگ ٿي، ھڪ عدد شعر لکي، منتظم اعليٰ يعني وڏي سائين کي ڏياري موڪليو ته دال جي درياھ مان ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچايو وڃي ۽ اپيل ڪئي:
سيدا، نام خدا، فضل ھي فرمائجو،
دال جي درياھ مان، ٻيڙو ٻڏيءَ جو تارجو!
شاھ صاحب شعر پڙھي لطف اندوز ٿيو ۽ کاڌي جي معيار ۾ سڌارو آڻڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
غريب ماڻھو دال سان مَريڙو استعمال ڪندا آھن، جنھن تان چيو ويندو آھي؛
دال سان مَريڙو، ھُل ۽ بکيڙو!
ھڪ ڳالھ ھيءَ ته دال جو ”ٻوڙ“ ھرگز ناھي ٿيندو. انھيءَ ڪري ڪنھن خوش فھميءَ ۾ پوڻ نه گھرجي ۽ دال کي ”دال“ ئي رھڻ ڏنو وڃي. ويچاري دال!
ٻوڙ ڳچيءَ ۾ نوڙ:
وڏا ماڻھو گوشت خور ٻڌايا وڃن ٿا. تتر جي گوشت جي کائڻ جا شوقين، ٻوڙ کي گھٽ ۽ فراءِ کي زيادھ پسند ڪندا آھن. ”چر چر سيخ و ڪباب“ جو لطف وٺندا آھن. انھيءَ ڪري ئي اھي يعني وڏا ماڻھو ۰جن جي وڏائي قد بت سان مشروط سمجھي وڃي)، تترن جو شڪار ڪندڙ ۽ پاليندڙ جا ”موٿاڄ“ ڏٺا ويا آھن. اھڙن ڀوتارن جا شوق به گھڻا ھوندا آھن، اھي سگھارا شڪار جا خفتي، ڪُتئي يعني ڪتن پالڻ جا شوقين، ڪڪڙن جي ميل، رڇ جي بڇ، اٺن جي ڊوڙ، ڏاندن جي گوءِ، تترن جي ٻولين جا مقابلا ڪراييندڙ عادي ناسودي ٻڌايا وڃن ٿا. کائڻ پيئڻ جا شوقين جن جي ”ٽيبل“ يعني دسترخوان تي ست-رڇي، مطلب ته ستن قسمن جا (طرحين طرحين) جا عمدا طعام، سواءِ ”دال“ جي موجود ھوندا آھن جن مان ”مرغي“ ۽ ”تتر“ ٽاپ تي ھوندا آھن. انھيءَ ڪري تترباز (تترن جا شوقين) شڪارين کي پيءُ کان وڌيڪ عزت ڏيندا ٻڌايا ويا آھن. پوءِ شڪاري، ڪو ٻاليشاھي يا چھڙو چمار ڇو نه ھجي!
ذڪر پئي ھليو ”ٻوڙ، سدا جوڙ“ جو، جنھن لاءِ ميرن جي دور کان نموني طور باقي بچيل رھيل کھيل بورچي ٻڌائين ٿا ته ڳاڙھو ٻوڙ ڇا چئجي؟ ٻاڪري گوشت ۾ ”حلواڻ“ يعني ڳاڙھو ڪچڙو ڇيلي جو گوشت کائيندڙ کي نر-گھٽو يا ويڙھاڪ بنايو ڇڏي. ڪڪڙ جي ڳالھ ڇڏي ڏيو.
ماسات مٺي ذات، ڪڪڙ ڪھ ته کائون رات!
ڪڪڙ ديسي ھجي يا پرديسي يعني فارمي جنھن کي تڪبير وجھي ڪھڻ وارو لازمي شرط ذري گھٽ ختم ٿي چڪو آھي. البت مرغي خورر چوندا آھن، ته ڪڪڙ ديسي ھجي ته ”افضل“ آھي. مڇي جي ٻوڙ ۾ ڏنڀرو يا ڪُرڙو ھجي ته ٻيو ڦاھو گھرجي! پلي جو ته ”جباب“ ئي نه آھي، پلو سڀ کان ڀلو، ھوندو به ڀلو، ٿيندو به ڪل جو ڀلو! ”پلي“ تان چوندا آھن ته؛ ”جن کاڌا پلن جا پيٽارا، تن جا ھينئڙا ويچارا!“
پلي جي حوالي سان ”ميربحرن“ جو ذڪر ضروري آھي. ڄامشوري جي ملاحن جا خاص انداز ۾ تيار ڪيل پلا، جنھن به ھڪ دفعو کائي ڏٺا. سو ماڻھپي کان ئي ٻاھر سمجھيو وڃي. سولي سنڌيءَ ۾ مطلب ھي آھي ته اھو جنھن ھڪ ڀيرو پلو کاڌو، سو ساري عمر پلن جي پچر ئي نه ڇڏيندو.
ھونئن ته درياھ ۾ واري پيئي اڏامي. پلن جا عاشق انھيءَ انتظار ۾ ھوندا آھن ته درياھ ۾ ڪڏھن ٿو پاڻي اچي؟ پلن جي زندگي پاڻيءَ سان ٻڌائي وڃي ٿي، پر ”ٻوڙ“ تان ڪيترا ئي اصطلاح ۽ پھاڪا موجود آھن. مثال طور؛ ”ٻوڙ ھارڻ“ معنيٰ ڄٽڪي ھلت يا غير معياري گفتگو ڪرڻ، مطلب ته آئوٽ آف ايٽيڪيٽ! ٻوڙ-باز شاعر جي چواڻي:
عشق تنھن جي ۾ مٺا، مان ٻوڙ ھاريندو وتان!
اھڙا اڻ-گھڙيا uncultivated، وائڙا ۽ وات-پٽيا والو سڏيا ويندا آھن. وٽن کائڻ پيئڻ، چوڙڻ ماڻڻ، ھلت چلت جو ڪو ڍنگ ئي ناھي ھوندو. جھڙا ڄاوا تھڙا ڌريا پيا ھوندا آھن. ٻوڙ، پلاءُ کائڻ کان وڌيڪ ڪپڙن تي ھاري وجھندا آھن ۽ ”ڄٽوڙ“ (وڏو ڄٽ) جي ”نيڪ نالي“ سان سڏيا ويندا آھن. انھيءَ تان چوندا آھن:
”ڄٽ ۽ ڦٽ ٻڌو ڀلو!“
ھوڏانھن ٻوڙ جا شوقين  ٻوڙ جي ڌپ تي کارو ڊڳڙين جو کائي ويندا آھن ۽ شڪراني جون اوڳرايون ڏيندي چوندا آھن:
ڳاڙھو ٻوڙ، ڪونھي جوڙ،
منھن نه موڙ، واعدو نه ٽوڙ.
جديد دؤر جا منصور:
فولاد فقير:
ڪلجڳ جو ڪاپڙي فولاد فقير، شر بلوچ، خيرپور ضلعي جي شھر مينگھو شر جو رھاڪو ھو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ مزاح نگار علي احمد بروھي صاحب فولاد فقير جو ذڪر تحريري صورت ۾ ڪيو آھي.
ويجھڙائيءَ وارن سالن ۾ خيرپور ضلعي جي ڳوٺ ”مينگھو شر“ ۾ ھڪ عدد ”منصور“ عشق حقيقي جي ميدان ڪار زار ۾ زاروزار ڪُڏي آيو. سندس نام نامي اسم گرامي ته الائي ڇا ھو پر ماڻھو کيس ”فولاد“ فقير سڏيندا ھئا. چون ٿا ته ”عالم“ ھو پر گھڻي علم مان پيدا ٿيل ”دل ھول“ سبب آڦرجي پوڻ ڪري عجب رنگ اختيار ڪيو ھئائين ۽ ”شيطان“ تي عاشق بڻجي کيس پنھنجو ”مرشد“ ڪري ورتو ھئائين. پنھنجي ”مرشد ڪامل“ يعني شيطان جي حمايت ڪندو رھندو ھو. شيطان جو مان وڌائڻ لاءِ ھڪ دفعي ھڪ ئي ھنڌ لڳو لڳ ٻه دعوتون ڪيائين؛ ھڪ الله تعاليٰ جي مٺڙي نالي ۾ ۽ ٻي پنھنجي مرشد مڻيادار بنھ لاچار يعني شيطان صاحب جي نالي ڪيائين. الله واري پاسي دعوت ۾ ديڳ دال جي ۽ کارو مانين جو رکيل ھو. ته ٻئي پاسي ست-رڇي (ستن قسمن جا طعام) يعني ٻوڙ پلاھ، سيرا، ٽاشڻيون رکيل ھيون. عام دعوت ھئي. ماڻھن جو درياھ اٿلي پيو. ماڻھن کي فولاد جي فلسفي سان ڪا دلچسپي ڪا نه ھئي. ”ڀت ڀلي شيطان جو کائو، پر نالو ”رب“ جو وٺ!“ فولاد اعليان ڪيو ته ڀائرو، ڏسو مرشد جو ڪارنامو. گھڻن سارن جو ايمان باطل ڪري وڌو اٿس. فولاد فقير پاڻ کي ”الله“ سڏائڻ لڳو.
برک عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ممتاز ليکڪ علي احمد بروھي ”فولاد“ جي فضيلت، الله سڏائڻ واري دعويٰ کان پريشان ٿي، پاڻ وڃي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ فولاد جي ڪارگذارين کي قلم ھيٺ آڻي ڇڏيو.
فولاد وڏو قابل عالم ھو. ”مباحثي ۽ مناظري جو ماھر“ کيڏاڙي ھو. يعني ته شيطان جي حوالي سان ڪنھن به موضوع تي بحث مباحثي ۾ شيطان جي برڪت سان ڪو به کيس شڪست ڏيئي نه سگھندو ھو.
ڪنھن به عالم فولاد جي انھيءَ الله سڏائڻ واري ڪافراڻي دعويٰ ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ صورتحال جو ڪو قانوني نوٽيس يعني legal cognizance نه ورتو ۽ نه وري ڪا فتويٰ جاري ٿي سگھي! اھڙي صورتحال ”فولاد فقير“ ۾ غير ضروري فوقيت جو احساس پيدا ڪيو ۽ سندس مٿي مبارڪ ۾ مڳي يا تڪبر ڀرجي ويو ھو.
ھڪ ھمراھ ھمٿ ٻڌي فولاد فقير کي سيکت ڏيڻ لاءِ پروگرام ٺاھيو ۽ وجھ وٺڻ لاءِ تاڙ ۾ رھيو. کيس خبر ھئي ته ”فولاد فقير، پنھنجي خاص وضع جي پوشاڪ پھري، مٿي تي ڪلاھ جنھن کي تاج سڏيندو ھو، سينگاري، گھوڙي تي سوار ٿي ميرواھ تي تفريح خاطر پابنديءَ سان ويندو آھي ۽ شام جو واپس موٽندو آھي.“ ھميشه تاڙ ۾ رھندڙ ھرماھ يني ھمراھ تاڙيندي، شام ڌاري واٽ تي، ھڪ واريءَ جي ڀٽ جي اوٽ وٺي، ھٿن ۾ حيدري ڏنڊو سنواري بيھي رھيو. جيئن فولاد فقير جو گھوڙو ڀٽ تي چڙھيو ۽ گھوڙي تي سوار فولاد، سامھون نظر اچڻ لڳو، ھمراھ ھڪل ڪئي:
”ڪير؟“
جواب: ”الله“
”نه ويندين! مون ته تو کي آسمان تي پئي گوليو پر چڱو جو ھتي اچي ويو آھين! تو منھنجي پيءُ کي ماريو، ماءُ کي ماريو، زال ماري، مطلب ته سڄو گھر برباد ڪيو، نه ڇڏيندوسانءِ!“
پوءِ ڏنڊو ھٿن ۾ مضبوط جھلي اچي فولاد فقير تي ڪڙڪيو. ڏنڊن جا ڌوڙيا لائي ڏنائينس. فولاد خاموشيءَ سان باٺا جھليندو رھيو. سندس دستار مبارڪ مٿي تان لھي پري وڃي پئي. ھمراھ پنھنجي ڪارروائي ختم ڪري گم ٿي ويو. فولاد گھوڙي تان لٿو ۽ پنھنجو ”تاج“ کڻي مٿي تي رکي ڳوٺ روانو ٿي ويو.
انھيءَ دکدائڪ واردات کان پوءِ فولاد فقير نينھن جو نعرو ھڻڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ سير تفريح کي گھٽائي، ”نھ“ جي برابر ڪري ڇڏيو.
ڪير ڀلي پاڻ کي ’کٽي کل‘ سمجھي پر جڏھن کل خراب ٿيندي آھي ته کل لھرائڻ جو شوق وڌي ويندو آھي ۽ انھيءَ شوق جي تڪميل لاءِ پاڻ کي منصور ثاني ڄاڻي منصور واري دم زني ڪندو آھي ۽ پوءِ........ .... پاڻ سياڻا آھيو!
ناظرين گرامي! مطلب ته مانَ-وارا پڙھندڙئو!
صورتحال اوھان آڏو آھي. منصور ته پيدا ٿيندا ئي رھندا، البت ”سوريءَ سزاوار“ ڪير ڪير ٿيندا، سا خبر ھوندي خلقيندڙ کي! چوندا ڪين آھن ته؛ غيب جي گدو چوي، خبر خاوند کي!
مرڻو ته ھڪ ڏينھن ضروري آھي پر مرڻ ۾ تڪڙ اصل نه ڪرڻ گھرجي. ائين نه ٿئي جو ”ريءَ مختي“ مطلب ته مفت ۾ مارجي وڃجي. سياڻا چوندا آھن: ”اھڙي مرڻ کان جيئڻ ڀلو آھي.“ انھيءَ لاءِ پنھنجي سر جو بچاءُ لازمي آھي!
منصور جي ”سوري“ يا ”دار“ سڏي پيئي. جنھن به منصور جو سڏ ورنايو سو ويو، ھميشه لاءِ ويو، ڄڻڪ ڄائو ئي نه ھو. ھونئن به ”منصور جي سوري“ ڪا ”مسور جي دال“ ته نه آھي جا بنا اوڳرائيءَ جي ھضم ٿي وڃي. ھر ڪو پنھنجو منھن مبارڪ آئيني ۾ ڏسي. ائين نه ٿئي آئينو ئي ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوي.

(ماھوار نئين زندگي، حيدرآباد، جلد نمبر؛ ۵۵/۵۶، شمارو نمبر (۱۲/۱) ڊسمبر ۲۰۰۲- جنوري ۲۰۰۳ع، شوال-ذوالقعد ۱۴۲۳ھ، صفحو ۲۲ کان صفحو ۲۸ تائين تان ٿورن سان کنيل)

1 comment:

  1. 💖 سلطان العارفين حضرت صوفي فولاد فقير شر💖

    صوفي فولاد فقير شر 1867ع ڌاري ضلعي خيرپور تعلقي ٺري ميرواهه ۾ پيدا ٿيو. پاڻ هڪ صوفي بزرگ، انسان دوست ۽ سٺو تعليمدان ٿي گذريو آهي. پنهنجي سڄي زندگي تصوف جي راهه ۾ گذاريائين. درگاه جهوڪ شريف ڏانهن گهڻا ئي پيرين پنڌ ڪيائين.... هڪ دفعي جهوڪ شريف جي سجاده نشين ميان غوث محمد فقير وٽ ويو ۽ اتي اڪثر ويندو هو. ساڻس گڏ سندس ڀائيٽيو دوست علي فقير ساڻس گڏ هلندو هو. هڪ دفعي جهوڪ شريف ۾ ترسيل هو ته کيس خواب ۾ شاه عنايت شهيد ديدار ڪرايو ۽ ميان غوث محمد فقير سجاده نشين کي حڪم ڪيائين ته فقير فولاد علي کي مون وارو تاج ڏيو. اهو خواب ميان غوث محمد به ڏٺو ۽ پهرين رات خيال نه ڪيائين وري ٻي رات به ساڳيو خواب ڏٺائين ته به اعتبار نه ڪيائين. آخر ٽئين رات کيس زبردست تاڪيد ٿيو ته جيڪڏهن توهان اسان جو چوڻ نه ڪندئو ته نقصان هيٺ ايندئو. اهڙي تاڪيد بعد ميان غوث محمد فقير شاه شهيد وارو رکيل تاج کڻي اچي فقير فولاد علي کي ڏنو.
    حضرت سخي قبول محمد درازي به سندس زماني ۾ موجود هو. هڪ دفعي وٽس ويو ته سخي صاحب ڀاڪر پائي کيس پيشاني تي چمي ڏني ۽ چيائينس ته توکي آفرين هجي جو عشق الاهي ۾ ايتريون تڪليفون سَٺيون اٿئي. تون هن دور جو منصور آهين. تو جيتريون تڪليفون ڪنهن ٻئي صوفيءَ نه سٺيون آهن. توکي اگر حضرت سچل سرمست جو همراز چئجي ته به واڌارو ڪونه ٿيندو.
    سائين فولاد علي قلندر شهباز جي بشارت تي پيِرڳوٺ ڀرسان مڱرجي ڳوٺ ۾ سيد محمد علي شاهه جو مريد ٿيو جيڪو پاڻ فقير خوش خير محمد جو طالب هو. فقير سائين فولاد علي شر 100 سالن جي ڄمار ۾ پهرين ربيع الاول 1387 هه مطابق 10 جون 1967ع ڏينهن ڇنڇر وقت صبح جو 10 بجه وصال ڪيو. ان اولياءَ الله لايموت ينقلون من الدار الي الدار. يعني بيشڪ الله جا ولي مرن ڪونه پر هن گهر کي مٽائي هن گهر ۾ رهن ٿا.
    صوفي فولاد شر جا ڪجهه ارشادَ:
    💖 اڄ ڪلهه صوفي عام ٿا سڏائين، پر سچو صوفي ڪروڙين مان ڪو هڪ لڀندو. ان نفس سارو جڳ ماري ناس ڪيو آهي. مئن ماريا جڳ سارا مئين ڪون ڪنهين نه ماريا، جنهن نفس کي لا جي ترار سان ماريو سو فهو الله ٿيو، جنهن نفس کي ماريو سو خاڪ ٿيو، جيڪو خاڪ کان پاڪ ٿيو سو پاڪ ٿيو.”
    💖جنهن صوفيءَ کي اِن ٻڌل نفس جو چڪُ پيو ته ڪو نه اُسرندو. ذڪر واري ترار به ڇڏائي ويندس. صوفي کاڌي پيتي ڏي لڙيو ته نفس جو چڪ پئجي ويندس.”
    “اولياءَ (مرشد) هجي ڪامل، انکي ٻئي جهان ڏيو ته توهان کي دم عنايت ڪري. هُن جي ڏنل دم ۾ الله سمايل هوندو آهي.”
    “💖دنيا جي ماڻهو کي فقيري محبت ٻڌائڻ ايئن آهي جيئن ٻوڙي کي دُهل ٻڌائجي

    فقير فولاد علي شَر پنهنجي دور جو درويش ٿي گذريو آهي۔ خيرپور ضلعي جي ٺري ميرواهه تعلقي جي اتر ۾ چئن ميلن جي مفاصلي تي سندس ڳوٺ مينگهو فقير شَر هو۔ سندس چوڻين ۽ ناياب ڳالهين تي مشتمل ڪتاب ”گوهر “ عالمن، سالڪن ۽ اسان جهڙن جاهلن لاء روشنيء جو ذريعو آهي۔ ڪتاب 1942 ۾ ڇپيو

    ❤ جيڪو خلق کان بيزار ٿيندو سو معني' جي محبوب جي روبرو ٿيندو.
    ❤ ظاهر جا بادشاهه جو فقيرن کان دعائون گهرندا آهن ان مان پڪ ڄاڻو تہ دعا جا مالڪ فقير آهن.
    ❤ دنيا دارن لاءِ دنيا پوڄا جي مڙهي آهي. جو اتي مٿو ٿا ٽيڪين، اٺئي پهر ان مڙهي جي تعريف ٿا ڪن.
    ❤ فقير عارف شب قدر آهي. تارو لاٽ ڪري ته ان گمان ۾ ڀليل آهن. حقيقت ۾ شب قدر ان لاٽ ۾ لڪل آهي. فقير عارف کي به جيڪو سوال ڪندو ته ان جو مطلب ٿيندو.
    ❤ جنهن دنيا سان محبت ڪئي تنهن ڄڻ زهر کاڌو هنڌان هنڌان ڦاٽي پوندو. بوتو به خراب ٿيندس. بُڇڙو ٿي مرندو.
    ❤ آدمي جو زيب ۽ زينت اسم اعظم جي ذڪر ۾ آهي. سواءِ ذڪر جي آدمي بي حاصل ۽ ڏوهاري آهي. جنهن کان ﷲ وسريو اهڙو خراب ٻيو ڏوھ ئي ڪونهي.
    ❤ دل هڪ ٿانءُ آهي ان ۾ يا ﷲ رهائجي يا دنيا ٻہ شيون گڏ نہ رهي سگهنديون.

    💖 سلطان العارفين حضرت صوفي فولاد فقير 💖

    ReplyDelete