گوھرن جا گفتا
صالح محمد يار محمد سمون
جوڀن جاڙ ڪي
۱
ٺڳَ-روپَ-جوڀنَ جي، مون
کي ڪا نه پئڙي ڪَلَ،
نڪ وھي، نيڻ ٽمن، دل نه
اڳوڻا دَلَ،
ڏندن ڏاڍائي ڇڏي، ڇڻيو
پون ڇَلَ،
ھٿن ھاج ڇڏي، جي ھئا ڪم
جا قابل،
چڪو چيلھ مان نه لھي،
ماٺيا ٿيا ملھ،
پيرن پُرَڻ ڇڏيو، جي ھئا
آھو نڙ جھل،
ڪم مٿئين ڪم عقل، وئين
جوڀن جاڙ ڪري.
۲
ھٿ ڏڪن، ننھن نچن، ڪڏھن
ڪين ڪي ڪاڻ،
وارن ويس مٽايو، اھي
پيريءَ جا پرياڻ،
ڏندن ڏاڍائي ڇڏي، ڄڀ تي
لٿو ڄاڻ،
آھن سَنڌَ مڙيئي ساڻُ، پر
جوڀن ريءَ جڏا ٿيا.
۳
جوڀن
گئي، چار ٽول گيا؛ چان گيا، چگن گيا، سنت پسند گيا،
جوڀن
گئي پنج ٽول گيا،
ڏندين ڏاڍائي ڇڏي، سواد
نه اچي ان،
اک جھيڻي، نڪ وھي، چيو نه
ڪن ڪن،
ھاءِ ڙي جوڀن دن، تو پنجئي
نيا پاڻ سين.
۴
عشق اڻانگو سپرين، عشق
ڏاڍي ذات،
ھڪڙو رھي ٿو اکين ۾، ٻيو
اٿس اندر منجھ اوطاق،
ايڏو ئي فراق، اوچتو اٽڪي
اشرف چوي!
چار ئي ھار مٺيون!
۱- سھڻي ميھار مٺي، سسئي مَھار مٺي،
سورٺ مڱڻھار مٺي، ليلان ھار مٺي،
چار ئي ھار مٺيون.
ياد مڙيو ئي جنڊ،
جيڏيون جنڊ نه وسري!
۱- ڏيرن ڪارڻ ڏونگر ڏوري ساڻس نڪو سنڊ،
۲- اطلش آڇي عمر سومرو؛ کاچ، کٽون ۽ کنڊ،
۳- ميھر ڪارڻ سھڻي، متان ڪو گھمي ٻڌو ھو گھنڊ،
۴- ڦل وڍيندي فقير جو، متان ڪو لڳو ھوس منڊ،
۵- ليلان ڪاڻ مجني، متان ڪو ڏينھان کنيو ھو ڏنڊ،
۶- مومل، سومل، سھج، سليمت، صالحان، تن جو پيءُ ڪو راجا
نند،
۷- مومل ڪارڻ مينڌرو، ڏيندو ھو روز سويلو رند،
۸- تڏھن ڪري پئڙو ھنج ۾، متان ڪو چوڏس ماھ جو چنڊ،
ائين ياد مڙيئي جنڊ، ياد مڙيئي جنڊ.
۱- پنجئي لڄوت، پنجئي
لڄوت!
پھريون ته پاڙو ڪري، ٻيو ڪري ھيڻي سان ھمت،
ٽيون رڻ وڙھي، چوٿون گھر کارائي ماني،
پنجون جي حاڪم ڪري پوري عدالت،
ته اھي پنجئي لڄوت، پنجئي لڄوت.
۲- پنجئي سھنج، پنجئي سھنج!
گھر ڌيڻو، ٻنڀ ٻاجھري، ان
پاڻي جا گنج،
جي سڀئي ڀائر صلاح ۾ ته
اھي پنجئي سھنج،
گھر ندي ڪناري، زمين
سوڙھي سھنج،
سلڇڻي زال گھر ۾ پٽ به
ھوئيس ھنج،
ڀلو گھوڙو در تي، مٿس
سونا سنج،
اھي پنجئي سھنج!
۳- پنجئي ٻھڪن، پنجئي ٻھڪن!
جوان مڙس حرس گھڻو، چيلھ
ٽڪا ڇڻڪن،
سورھيه جنگ ۾ گھڙن، جتي
ڌڙ پيا ڌٻن،
سوڀون سنگھارن کوڙيون، وڄڙين
مينھن وسن،
اھي پنجئي ٻھڪن، اھي
پنجئي ٻھڪن.
۴- پنجئي گھمن چريا،
پنجئي گھمن چريا!
چريا شينھن گھمن، چريا
ورن واءَ،
چريا جوڀن ڏينھڙا، چريا
چاڙھ درياءَ،
جي ڪڪر ڀنا اڀ ۾، ته اھي
پنجئي چريا.
۵- پنجئي سرڳ دئار،
پنجئي سرڳ دئار!
پل چڙھڻ، کٽ ٻھڻ، ٽي
سلڇڻي نار،
پراڻي ڪڻڪ، نئون اگھ، اھي
پنجئي سرڳ دئار.
۶- پنجئي ٽھڪ، پنجئي ٽھڪ!
گھر ندي ڪناري، سانوليءَ
ڏھڪ،
انڌاري ڏيئو ٻري، وڄڙيءَ
کوت،
جي پٻڻ پاسارو ڪيو، ته
اھي پنجئي ٽھڪ.
۷- پنجئي گھوچائي،
پنجئي گھوچائي!
ري ڪوڏر ٻني ولي، ري ڏاٽي گاھي،
اڪيلو شھر گھمي ٻيو ڏيئي
اڻ-پڇي گواھي،
نيچي ويھي اوچي مٽي، اھي
پنجئي گھوچائي.
۸- پنجئي نه ڄاوا،
پنجئي نه ڄاوا!
ھُڙ ڏاند، کٽر ڍڳي، اَپليو
وياءُ،
بجا تر، ڇڊي ڪڻڪ، اھي
پنجئي نه ڄاوا!
۹- پنجئي سور، پنجئي سور!
گھر ٽمڻو، چنجھي زال، اڪن
جو ٻارڻ،
جون جي توڻ، ڪرڪريو ڪانڌ،
اھي پنجئي سور، اھي پنجئي
سور.
نصيحت
۱- زال ھٽ تي نه ڇڏجي،
قرآن پٽ تي نه ڇڏجي،
گھوڙي ڇوڙي گھٽ تي نه
ڇڏجي،
ڌارئي کي آڻي گھر ۾، کٽ
تي نه ڇڏجي.
۲- مرد ويري ننڊَ، مڇيءَ
ويري ڄارُ،
ڪلرُ ويري ڪوٽَ جو، جَوَ
ويري جھار،
واڌو ويري وڻَ جو، لوھ
ويري لو تو ھار،
پکي ويري پوکَ جو، ڌڻَ
ويري نَھار،
ڪڪڙ ويري ڪپھ جو، واڻئي
ويري وار،
پرس پڄاڻان جا ڪري، تنھن
نار ويري سينگار.
بدنام!
۳- ڍڳي ڪپڙا چٻڻي، نر
گھوٽ ڪٽ ڪام،
ميري ڪر ڪر ڪرڻي، آوي گھر
مھمان،
گيدي مان ڀڄڻا، گھر ٻيھي
ڪھي ڪلام،
راجا جوٺ ٻولڻ، اھي پنجئي
بدنام.
۴- ھٿ سَرَ ۾ نه وجھجي،
بلا وَرَ ۾ نه وجھجي،
گھوڙي ھَرَ ۾ نه ٻڌجي،
دشمن گھر ۾ نه ڇڏجي.
ڏٺ!
۵- اڪ آمون نه ٿئي، ڀلي
ڦٽي جھلي ڦر،
ڪلر مان ڪين ٿئي، توڙي
جام پيارينس جر.،
پَرُ پنھنجو نه ٿئي لٽائي
کارائينس گھرُ،
شيدي ڳورو نه ٿئي جي مھٽي
لاھينس مَرُ.
اعتبار نه ڪجي!
درياھ جي آرن تي، فقيرن
جي ڍارن تي،
ننڍن ٻارن تي، ڪارن وارن
تي،
اعتبار نه ڪجي.
اڪ جي سونٽي تي، دل جي
کوٽي تي،
پاڻيءَ جي ڦوٽي تي، قد جي
ڇوٽي تي،
اعتبار نه ڪجي.
ڪائي جي گلاس تي، ولين جي
واس تي،
نجوميءَ جي آس تي،
پرديسيءَ جي پياس تي،
اعتبار نه ڪجي.
سانوڻ جي مينھن تي، سياري
جي ڏينھن تي،
نوچيءَ جي نينھن تي،
پاليل شينھن تي،
اعتبار نه ڪجي.
ڊڀ جي نوڙيءَ تي، پوڙھي
گھوڙيءَ تي،
گھٽي سورھيءَ تي، بندوق
ٺوڙھيءَ تي،
اعتبار نه ڪجي.
سوداگر جي ساک تي، مسخري
جي وات تي،
ڪاسائيءَ جي ڪات تي،
ڪميڻي جي ذات تي،
اعتبار نه ڪجي.
پاڻيءَ جي ڇَرَ تي،
رنگيلي جي گھر تي،
درياھ جي ڀَرَ تي، نئن جي
وَرَ تي،
اعتبار نه ڪجي.
پرائي مال تي، ٺڳ جي حال
تي،
چرسيءَ جي ڳالھ تي،
ڌاريءَ جي خيال تي،
اعتبار نه ڪجي.
ڪلر جي گاھ تي، چڱي جي
چاھ تي،
چور جي ويساھ تي، سدائين
ساھ تي،
اعتبار نه ڪجي.
۱- ٽن قسمن جي ماڻھن تي
اعتبار نه ڪرڻ گھرجي.
۱-۱ اھي جي دنيا جي پٺيان لڳا رھن ٿا ۽ خبر
نٿي پوين ته موت اسان جي مٿي تي آھي.
۱-۲- اھي جيڪي مالڪ کان منھن موڙي گناھ ڪن
ٿا.
۱-۳- اھي جيڪي خوشامدڙيا آھن ۽ پنھنجي ساراھ
ٻڌي خوشي ڪن ٿا.
۲- دنيا ۾ ھيٺيون اٺ
شيون فائديمند آھن.
۱- عورت کي حياءُ ڪرڻ. ۲- جوان کي ادب ڪرڻ.
۳- پڙھيلن کي عبادت ڪرڻ. ۴- دولتمندن کي خيرات ڪرڻ. ۵- دوست کي پيار ڪرڻ. ۶- حسن
واري کي جس ڏيڻ. ۷ بادشاھ کي انصاف ڪرڻ. ۸. فقيرن کي معرفت جي واٽ وٺڻ.
نه ته.
عورت حياءَ کان سواءِ اھڙي آھي، جھڙو کاڌو
بنا لوڻ.
ادب کان سواءِ جوان اھڙو آھي، جھڙو موتي سپ
بنا.
پڙھيل جيڪو عبادت نه ٿو ڪري، اھو اھڙو آھي،
جھڙو بنا ڦل وڻ.
دولتمند جيڪڏھن خيرات نٿو ڏئي ته اھڙو آھي
جھڙو پاڻيءَ بنا تلاءُ.
دوست ٿي پيار نه ڪري، اھو اھڙو جيئن بدن روح
بنا.
سھڻو جس کان سواءِ اھڙو آھي جھڙو ڪمان تير
بنا.
بادشاھ عدل کان سواءِ اھڙو جھڙو بادل برسات
بنا.
فقير ٿي معرفت نه ڄاڻي اھو اھڙو جھڙو ڏيئو
روشنيءَ بنا.
۳- ٽن ڳالھين ڪري انسان
بيوس ٿئي ٿو.
۱- عورت سان الفت، جيڪا شيطان جي برابر آھي.
۲- شراب جو شوق، جو شيطان جو غلام آھي.
۳- مايا جي محبت، جا شيطان جي يار آھي.
۴- انسان جا ۵ گڻ ۽
انھن جا دشمن.
۱- مذھب يا ڌرم جو دشمن آھي؛ ڪوڙ!.
۲- عقل جو دشمن آھي؛ ڪروڌ!
۳- صبر جو دشمن آھي؛ خواھش!
۴- علم جو دشمن آھي؛ ھٺ!
۵- خيرات جو دشمن آھي؛ ڏيئي پڇتائڻ (ناحق
ڏنم).
۵- ھيٺين ستن قسمن جا
ماڻھو آخرت ۾ سک پائيندا.
۱- جي انصاف ۽ ويچار سان ھلن ٿا. ۲- جي
جوانيءَ کان پيريءَ تائين خدا جي عبادت ۾ شامل آھن. ۳- جي صبر رکندڙ ۽ سٺي صحت رکن
ٿا. ۴- جي اڪيلائي ۾ سجاڳ ٿي عبادت ۾ مشغول آھن. ۵- جي بنا تمنا جي خيرات ڪن ٿا.
۶- جي خدا جي راھ ۾ ٻين جو ڀلو ڪن ٿا. ۷- جي پرائي عورت ڏانھن خراب نگاھ نٿا ڪن.
۶- ھڪ خدا دوست بزرگ جو
قول آھي ته:
۱- جي دل جو دوست گھرجيئي ته خدا ئي بس آھي.
۲- جي رفيق گھرجيئي ته بزرگن جا قول ياد ڪر، جي گھڻا آھن. ۳- جي ڊپ کپيئي ته موت
ياد ڪر. ۴- جي دلاسو ڏيندڙ کپيئي ته پيغمبر ۽ مرشد ئي بس آھن.
۷- ھيٺيان ڪم سڀ ڪنھن
تي قرض آھن.
۱- ڪنھن کي ڏک نه ڏيڻ. ۲- ٻين کي پاڻ برابر
گھرڻ. ۳- حتٰي الوسع محتاج جو ڪم ڪرڻ. ۴- انجام پاڙڻ. ۵- سڀڪنھن سان مٺو ڳالھائڻ.
۶- غريبن سان دوستي رکڻ. ۷- ھٺ ۽ وڏائي ڪري پاڻ کي وڏو نه سمجھڻ. ۸- ڪنھن جي لائي
چائي نه ڪرڻ. ۹- بيمار جي خدمت ڪر، کيس دلداري ڏيڻ ۽ ھلي وڃي پڇڻ. ۱۰- پاڻ کان وڏي
کي وڏو سمجھڻ ۽ ان جي عزت ڪرڻ، ننڍي کي پيار ڪرڻ. ۱۱- ڪنھن جو ڏوھ پڌرو نه ڪرڻ،
پردو نه کڻڻ ۽ نڪي ڦاٽ ڦاڙڻ. ۱۲- محتاجن جي مدد ڪرڻ. ۱۳- سستي نه ڪرڻ. ۱۴- سڀ سان
ڀلائي ڪرڻ. ۱۵- برن ڪمن کان پاسو ڪرڻ. ۱۶- دوست خواھ دشمن کي نيڪ صلاح ڏيڻ. ۱۷- سچ
ڳالھائڻ. ۱۸- حسد، خواھش ۽ تعصب نه رکڻ. ۱۹- ٻين مذھبن يا ڌرمن ۽ انھن جي مذھبي
اڳواڻن جي عزت رکڻ. ۲۰- علم پڙھي عمل ڪرڻ.
عورت
۱- عورت خالص شاعري آھي ۽ ان جو حسن سڄو تن
شاعري آھي!
۲- جيڪڏھن دنيا ۾ عورت نه ھجي ھا ته آرٽ بي
رنگ، شاعري بي سود ۽ ادب ڦڪو ھجي ھا.
۳- عورت ھڪ خوبصورت گلدستو آھي، جنھن جي
بناوٽ ۾ نھايت نازڪ گل ڦل ۽ پتا استعمال ٿين ٿا.
۴- عورت ھڪ اھڙي حاڪم آھي جيڪا دنيا ۾ بنا فوج
جي حڪومت ڪري ٿي.
۵- دنيا اڌوري ھجي ھا ۽ عورت جي اچڻ سان ئي
مڪمل ٿي ويئي.
۶- عورت کي ايثار ۽ محبت لاءِ پيدا ڪيو ويو
آھي!
۷- عورت ئي روءِ زمين تي ھڪ اھڙو نوراني
چھرو آھي جيڪو نه صرف بيش بھا آھي پر اڻ ملھ به آھي.
۸- عورت ھڪ آسماني نور آھي جنھن سان پوري
ڪائنات روشن آھي.
(ماھوار پيغام ڪراچي، جلد ۳، شمارو ۱۲، اپريل
۱۹۷۹ع مطابق جمادي الاول ۱۳۹۹ ھ، صفحو ۲۹ کان صفحو ۳۳ تائين، تان ٿورن سان کنيل)
No comments:
Post a Comment