سنڌي چوڻيون
ميمڻ عبدالمجيد
سنڌي
اسان جي سونھاري سنڌ جا سياڻا
سگھڙ، سپورنج ۽ شاعر دنيا جي اتفاقن ۽ آزمودن تي ڪي چوڻيون جوڙي ويا آھن، جي
پنھنجي مضمون، ھيئت، خيالن جي بلندي، دلڪشي ۽ تاثر جي ڪري ضرب المثل ٿي، عام ۾
مقبول ۽ مشھور ٿي ويون آھن. انھن ۾ زندگيءَ جا حقائق حقيقت پسندانه ۽ پر اثر نوع ۾
بيان ٿيل آھن. انھيءَ ڪري اھي اڄ به اسان کي ۽ ايندڙ نسل کي نه فقط معلومات ڏين
ٿيون، پر زندگيءَ جي اونداھيءَ راھ ۾ مشعل جو ڪم ڏئي سگھن ٿيون.
سنڌي چوڻيون اسان جي ثقافت جون
ترجمان آھن؛ انھن ۾ قديم زماني جي سنڌي رھڻي ڪھڻيءَ جي جھلڪ نظر ايندي. يعني ھو
سنڌي ثقافت جي ارتقائي تاريخ بيان ڪن ٿيون. نه فقط ايترو، پر خود تاريخ تي به
روشني وجھن ٿيون. سنڌي ثقافت لاءِ اھڙو چٽو ثبوت ٻيو ٿي نٿو سگھي. مطلب ته اسين
چوڻين جي ذريعي، سنڌي ثقافت جي تاريخ جون ڪڙيون ملائي سگھون ٿا.
چيو وڃي ٿو ته، زندگيءَ ۾ ھر
گھڙيءَ تبديل اچي ٿي، انھيءَ ڪري زندگيءَ جا قدر غير متبدل آھن. اھا حقيقت آھي ته،
ھر گھڙيءَ، ھر پلڪ انسان جي زندگيءَ ۾ ڦيرو اچي ٿو. انسان نوان رخ ۽ نوان روپ
اختيار ڪري ٿو. پر ان ھوندي به زندگيءَ جي بنيادي قدرن ۾ ڪو به فرق نظر نٿو اچي.
ڏک، خوشي، ڪاوڙ وغيره انساني زندگيءَ جا مختلف پھلو آھن، اھي ھر دور ۾ ۽ ھر منزل
تي انسان سان وابسته رھيا آھن. اھا ٻي ڳالھ آھي ته، انھن جي اظھار ۾ فرق اچي وڃي؛
پر انھن جي بنياد تي ڪو به اثر نٿو پوي، يعني انساني زندگيءَ جا قدر ڪو نه ٿا
بدلجن، پر رجحان بدلجندا رھن ٿا. اھو ئي سبب آھي، جو جيڪو ادب انساني زندگيءَ جي
قدرن جي ترجماني، حقيقت پسندانه نوع ۾ ڪندو آھي، اھو زنده رھندو آھي. دنيا جا عظيم
شاعر اڄ به زنده آھن ۽ انھن جو پيغام اڄ به نئون آھي.
دنيا جي ادب ۾ پھاڪن ۽ چوڻين کي
به اھا ئي حيثيت حاصل آھي. جيئن ته انھن ۾ انساني زندگيءَ جو مشاھدو ۽ مطالعو
ھوندو آھي، تنھن ڪري اھو ڪيترن ڪسابن کان قائم رھندو ايندو آھي. انھن ۾ دانائن جي
دانشوري، پرک ۽ پروڙ، نتيجو ۽ اندازو، فنڪارانه ۽ فلسفيانه انداز ۾ ھوندو آھي؛
انھيءَ ڪري ھن کي ھميشه جيئن واري زندگي ملي ويندي آھي. البته اڄوڪي دور ۾ ھن جو
رواج ڪجھ گھٽجي ويو آھي. اھا اسان جي بيپرواھي آھي جو پنھنجي وڏڙن جو ورثو وڃون ٿا
وڃائيندا. اسان جي سنڌي زبان ۾ پھاڪن ۽ چوڻين جو جيترو ذخيرو آھي، اوترو ٻيءَ ڪنھن
به زبان ۾ ڪونھي. ھينئر ضرورت آھي ته اسين انھن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪيون. خوشيءَ جي ڳالھ
آھي، جو اسان جي بزرگن جھڙوڪ؛ ڪاڪي ڀيرومل، مرزا قليچ بيگ ۽ ڪيولرام سلامتراءِ
آڏواڻيءَ انھيءَ سلسلي ۾ ابتدائي ڪم ڪيو آھي. محترم عبدالڪريم صاحب سنديلي به
انھيءَ ڏس ۾ ڪم ڪيو آھي. تازو سندس ڪتاب ”پھاڪن جي پاڙ“ شايع ٿي چڪو آھي. پر چوڻين
تي اڃا خاص ڪم نه ٿيو آھي، ۽ نه وري انھن تي ڪو ڪتاب ئي شايع ٿيو آھي.
تاريخي ارتقا
چوڻين جي تاريخ به ايتري ئي پراڻي
آھي، جيتري انساني شعور جي تاريخ قديم آھي. جڏھن کان انسان ابتدائي دور کان گذري
باشعور ٿيو آھي، تڏھن کان انسان ذات ۾ داناءَ ۽ دانشور پيدا ٿيا آھن، جن کي غير
معمولي حيثيت حاصل رھي آھي. انھن سڀني پنھنجي فھم ۽ فراست جي ذريعي انسان ذات جي
رھنمائي پئي ڪئي آھي. انھن جا قول، علم ۽ عقل جي نڪتن کان سواءِ، دنيا جي تجربن ۽
واقعن تي به مشتمل ھوندا ھئا ۽ ديني توڙي دنيوي لحاظ کان مشعل راھ جو ڪم ڏيندا
ھئا.
سنڌي
زبان ۾ جيڪي چوڻيون مروج آھن، اھي به تمام قديم زماني کان ھلنديون اچن ٿيون. انھن
سان گڏ وقت بوقت شاعر، سگھڙ، سپورنج ۽ سياڻا انھن ۾ پنھنجن تجربن ۽ آزمودن جي آڌار
تي اضافو به ڪندا آيا آھن. اسان جون چوڻيون نه فقط شاعرن ۽ سگھڙن منظوم ڪيون آھن؛
پر غير شاعر سياڻن به جوڙيون آھن. غير شاعرن جي چوڻين جي قدامت ڪٿي نٿي سگھجي؛
البت ايترو چئي سگھجي ٿو، ته منجھانئن ڪيتريون تمام قديم زماني کان ھلنديون اچن
ٿيون. اسان کي ڪيتريون ئي اھڙيون چوڻيون ملن ٿيون جن جي زماني جو تعين ڪري نٿو
سگھجي. البته ايترو چئي سگھجي ٿو ته، اھي قديم زماني جون آھن. انھن ۾ ان زماني جو
صحيح نقشو چٽيل ملي ٿو. ھيٺيون بيت ان وقت جو يادگار آھي، جڏھن بادشاھ پاڻ ۾
وڙھندا ھئا، ۽ رعيت تي ظلم ڪندا ھئا، ته ڪڇڻ وارو ڪو نه ھوندو ھو:
بادشاهه
ديوانو نه ٿئي، هاٿيءَ ٿئي نه هار،
ڪلر
ويري ڪوٽ جو، مڇيءَ ويري ڄار،
مرد
ويري ننڊ، عورت ويري سينگار،
لانڀڙ-پونڇو
ٻڙڌيو، نَکَ اگھاڙي نار،
سڃو
هاري سکڻو، کوهي کارو نار،
ڪميڻو
ڪچهريءَ ۾، گانڊو ڏيندو گار،
پوءِ ڍائي
کان قرض نه کڻجي، توڙي هجي تجار،
اهي
هجن ستار، ته به ٻارهن ئي ٻن پيا.
شرح: بادشاھ چريو ٿئي ته، ضرور ظلم ڪري؛ ھاٿي جيڪڏھن ھار کائي ته، پوئتي موٽي
پنھنجا ماڻھو ماري؛ ڪلر، ڪھڙي به ڪوٽ کي کائيندو رھندو؛ مڇيءَ جو دشمن ڄار آھي؛
مرد جو دشمن ننڊ آھي؛ ۽ عورت جو سينگار دشمن آھي، ڇاڪاڻ جو ھر ڪنھن جون نگاھون
منجھس وڃي کپنديون؛ جيڪو ٻڙڌيو (ڍڳو)، لانڀڙ-پونڇو (حد کان ڊگھي پڇ وارو) ھوندو
ته، ان ۾ کوٽ يا ٽھڻ جو عيب ھوندو؛ جا عورت ھٿ پير اگھاڙا ڪري ھلي (بنا پردي)، سا
ٺيڪ نه ھوندي؛ ھڪ ھاريءَ جي ٻنيءَ ۾ جيڪڏھن ڪا به شيءِ نه ھوندي ته اھو مھمان کي
ڪجھ به آڇي نه سگھندو؛ کاري پاڻيءَ وارو نار خراب آھي، ڇاڪاڻ جو کوھ جو پاڻيکارو
ھوندو؛ ڪميڻو ماڻھو ڪچھريءَ ۾ ضرور گند مئيندو؛ پوءِ شاھوڪار ٿيل کان قرض نه کڻجي،
ڇاڪاڻ جو ھو قرضيءَ جي عزت ۽ مجبوريءَ جو خيال نه ڪندو؛ اھڙين ڳالھين کان پري
ڀڄجي.
ھيٺ ھندي بيت ۾ مندن جون
خاصيتون ڏنل آھن. ان سان گڏ اھو به ڏيکاريل آھي، ته شل نه راجا رسي. يعني ھي بيت
به انھيءَ وقت جو يادگار آھي، جڏھن حقيون ناحقيون راجا رعيت تي ڪاوربو ھو، ته ھر
قسم جو طلم ڪندو ھو:
چمڪا
ڀلا نه چيٽ ڪا، ووٺا ڀلا نه ڄيٺ،
روٺا
ڀلا نه راجا، ٽوٽا ڀلا نه سيٺ.
شرح: چيٽ ۾ جيڪڏھن کنوڻ کنوين، ته مينھن ضرور وسي ۽ فصل کي نقصان رسي تنھنڪري
چيٽ ۾ کنوڻ جو چمڪو سٺو نه آھي. ڄيٺ مھيني ۾ ان، ديرن ۾ ھوندو آھي، تنھنڪري انھن
ڏينھن ۾ جيڪڏھن مينھن وسيو ته ان خراب ٿي ويندو. راجا جو ناراض ٿيڻ به خراب آھي،
ڇاڪاڻ جو ناراض ٿيندو ته ظلم ڪندو. سيٺ کي به جي ٽوٽو آيو ته ڦاھو کائي مرندو.
ھيٺين بيت ۾ ھڪ تجربو بيان ڪيو
ويو آھي، جيڪو ڪانويليءَ جي آنن لاھڻ سان تعلق رکي ٿو. سياڻن ڪانويليءَ جي آنن تان
ھيءَ چوڻي جوڙي آھي، جيڪا ٻھراڙيءَ وارن جي چوڻ موجب ٻارھوئي صحيح ثابت ٿيندي آھي:
ڪانويليءَ
آنا ٽي، ته پاڻي جي؛
جي آنا
چار، ته پاڻي تار؛
جي آنا
پنج، ته پاڻي گنج.
شرح: يعني جنھن تُور تي ڪانويليءَ ٽي آنا لاٿا، ته ان مند ۾ درياھ ۾ پاڻي مشڪل
چڙھي. جيڪڏھن تُور تي چار آنا لاٿائين ته ان مند ۾ درياھ ۾ پاڻي تار وھندو. جيڪڏھن
ڪنھن تُور تي پنج آنا لاٿائين ته پاڻي تمام جھجھو ٿئي ٿو ۽ سڪر سڻائي ٿئي.
ھيٺين بيت ۾ کاڌن جي خاصيتن
بابت بيان ڪيو ويو آھي:
گوشت کاڌي
گوشت وڌي، کير کاڌي کوپري،
دال
کاڌي پيٽ وڌي، ساڳ کاڌي اوجھري،
ڀت
کاڌي ست وڃي، ڌرتيءَ نظر اوپري.
گوشت کائڻ جي ڪري ماڻھو ماس ۾
وڌي ٿو، کير کائڻ جي ڪري دماغ وڌي ٿو. دال کائڻ جي ڪري پيٽ وڌي ٿو. ڀت کائڻ جي
ڪري، طاقت گھٽجي ٿي.
ھيٺيون بيت محترم سنديلي صاحب
به پنھنجي ھڪ مضمون ۾ آندو آھي، جنھن ۾ ھڪ آزمودو بيان ٿيل آھي:
ڳئون
مينھن ويٺي ڏُڀي؛ بيٺي ڏُڀي اُٺِ،
چاري
اَٽي ڏجي سَڃَ، ڳئو اَٽي مُٺ،
جھڙو
لڳي واءُ، تھڙي ڏجي پُٺِ.
شرح: چاري اٽي:- چانورن جي اٽي کي؛ سنڃ:- ھٿ جي بڪيءَ جو زور؛ ڳئو اٽي:- ڪڻڪ جي
اٽي کي.
اھي سمورا بيت قديم زماني جا
معلوم ٿين ٿا، جن جي جوريندڙن جا نالا معلوم نٿا ٿين. نالي سان شاعرن جون چوڻيون
به اسان کي اتان ملڻ شروع ٿين ٿيون، جتان کان سنڌي شعر جي تاريخ ملي ٿي. سنڌي جي
پراڻي شعر ۾ ساموئيءَ جا ست بيت به اچي وڃن ٿا، جيڪي سمن جي دور جا آھن. جيڪڏھن
چوڻيون نه ھجن ھا ته، ھيترو سارو زمانو لتاڙي اڻويھين صديءَ ۾ ھڪ انگريز محقق برٽن
صاحب جي ڪنن تائين نه پھچي ھا! معلوم ھجي ته ساموئيءَ جا ست بيت ڪنھن به تاريخي
ڪتاب مان نه مليا آھن، پر برٽن صاحب عوامي زباني قلمبند ڪيا ۽ پنھنجي ڪتاب ۾ نقل
ڪيا. ساموئيءَ جي بيتن وارين چوڻين ۾، آزمودن جي بنيادن تي پيشنگويون بيان ٿيل
آھن.
ھڪ بيت مثل طور ھت پيش ڪجي ٿو:
ھاڪ
وھندو ھاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بھ،
مڇي ۽ لوڙھ، سمين ويندي سوکڙي.
ھن ۾ سمن جي طرز حڪومت کان
متاثر ٿي، سمن جي زوال ڏانھن اشارو ڪيو ويو آھي.
ساموئي جي بيتن کان پوءِ قاضي
قاضن جا يت ملن ٿا. سندس ست ئي بيت صوفيانه چوڻيون آھن، جي صوفين وٽ مشھور ھيون.
اھو ئي سبب آھي جو شاھ ڪريم جي زباني اسان کي مليون آھن. سندس ستن بيتن کي ڏسي
اندازو لڳائي سگھجي ٿو، ته قاضي قاضن ھڪ بلند پايه شاعر ھو، جنھن جو ڪيترو ئي ڪلام
ھوندو، پر سندس اھو ئي ڪلام اسان تائين پھتو آھي، جو تصوف جا صاحب چوڻيون ڪري
چوندا ھئا. سندس ھڪ بيت ھي آھي، جنھن جي ڪيترن ئي صوفي شاعرن تتبع ڪيو آھي:-
ڪنز
قدوري قافيه، پڙھي پروڙين سڀ،
ته ڪر
منڊي ماڪوڙي، کوھ ۾ پيئي ڪڇي اڀ.
شاھ ڪريم جي ڪلام ۾ نه فقط
صوفيانه چوڻيون آھن، پر ڪيريون دنيا جي آزمودن تي به مشتمل آھن. صوفيانه چوڻين جي
سلسلي ۾ ھيءَ چوڻي تمام مشھور آھي:-
”ھنيون
ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ.“
سندس ھيٺين چوڻين ۾ ھيءَ حقيقت
بيان ٿيل آھي ته دنيا ۾ پنھنجي محنت ۽ ڪوشش کان سواءِ ٻيو سڀ ڪوڙ آھي:
”جي
اتر جي لاھ، سڄڻ سڀ پرکيا،
ريءَ
پنھنجي کٽئي، سڀر ٻري نه باھ.“
”نينھن
نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه ھون.“
شاھ لطيف ته ھمه گير شاعر آھي.
سندس ڪلام ۾ ڪيترن ئي قسمن جون چوڻيون ملن ٿيون. مثال طور ڪجھ چوڻيون ھت پيش ڪجن
ٿيون:-
”گُنديءَ
نينھن نه سَپجي، دونھن نه پچي ماھ.“
”کڻ
بورائو باز کي، ڳجھ مَ ڳري لاءِ.“
”ڏک
سکن جي سونھن، گھوريا ڏک سکن ري.“
”منھن
۾ موسيٰ جھڙو، اندر ۾ ابليس.“
”ڏورج
ڏيو ھٿ ڪري، ڏور مَ ڏيان ڌار.“
”ڪنگن
لٿي ڪاڻِ، گڏيو ھنج حبيب کي.“
شاھ لطيف کان پوءِ به ڪيترن ئي
شاعرن ۽ سگھڙن چوڻيون چيون. ھيٺيون چوڻيون ماضي قريب جي سپورنجن جون جوڙيل آھن،
جيڪي اڪثر مسخرا محفلن ۾ ٻڌائيندا آھن ۽ پنھنجي طرفان انھن ۾ سٽون وڌائيندا ۽
گھٽائيندا آھن:
۱
ڪـُوَڻ
کي پاڻيءَ جيان، پيِڙي پياريم ڪماند،
نڪو
زهر زمين ۾، نڪو ڌاتوري ڌَر پاند،
ڪمائي
ڪم ذات سان، وئي سا وِڙواند،
جنهن
جو بـَد بُنياد، تنهن جو ميوو مِٺو ئي نه ٿئي.
۲
وڙھڻ
ويريءَ سان، اڪ کڻي سوٽو،
واڻئي
جي ھٽ تي، ھجي وٽ کوٽو،
ساماڻيل
زال کي، ور ڏيڻ ڇوٽو،
انھن ۾
ٽوٽو، اٿئي سڄڻ سمجھ تون.
۳
ڪلر
جنھن مان ڪين ٿئي، توڙي جال پيرينس جر،
اڪ
منجھان انب نه ٿئي، توڙي ڦندڙيءَ جھلي ڦر،
ڪانھ
ڪمند نه ٿئي، توڙي ھجي سچو سر،
نانگ
ناڙو نه ٿئي، ٻڪر وھي نه ھر،
ڪانءُ
ڪبوتر نه ٿئي، توڙي سونو پائي پر،
مرون
پاليائون مينھن تي، پر ٿي پيو ساڳيو سوئر،
حرامي
حلالي نه ٿئي، توڙي ھجي سونھن سڀر،
محمد
چوي اھڙين عادتين آدميءَ کان ڏور سدائين ڏر.
۴
ڪڻڪ
کري ته ٻڻڪ ڪري، جوئر کري ته ڪاڻي ڪري،
زال
کري ته گھر نه ڪري، وڏيرو کري ته ظلم ڪري،
حاڪم
کري ته عدالت نه ڪري، گڏھ کري ته گوھي ڪري،
محمد
چوي سوٽي کڻين ساڻ، ته گڏھ گوھي نه ڪري.
(ماھوار بادل گاڏي کاتو حيدرآباد،
واليوم ۴، شمارو نمبر ۹، سيپٽمبر ۱۹۶۸ع، صفحو ۲۱ کان صفحو ۲۵ تائين، تان ٿورن سان
کنيل)
No comments:
Post a Comment