گھاٽي سرنھن
ٻانڀڻ
عبدالرزاق ڀنگو بھڻ
ھيءُ
سنڌ جو مشھور و معروف پھاڪو، سڀڪنھن پنھنجي زندگيءَ ۾ ٻڌو ۽ چيو
ھوندو.
ڪڏھن
ڪنھن ماڻھوءَ کي ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ کان نقصان پھچندو آھي يا ڪو ڪنھن کي دلاسو ڏيئي
ڌڪ ڪڍندو آھي، تڏھن اڪثر ڪري ھن پھاڪي جو استعمال ٿيندو آھي. صحيح ۽ سچو پھاڪو ھن
ريت آھي؛ ”ڪم سو منھنجو ٿيو، باقي تنھنجي سو گھاٽي سرنھن ڏٺم.“
اھو
پھاڪو ڪيئن وجود ۾ آيو، تنھن لاءِ ٻھراڙيءَ جا ماڻھو ھڪ عجيب و غريب ڳالھ ڪندا
آھن، جا شايد گھڻي قدر سچي ھجي- ڳالھ ھن
ريت آھي:-
”ڪنھن
زماني ۾ ھڪ ڳوٺ مان چوري ٿي ويئي. چور ٽپڙ کڻي ڳوٺ کان ٿورو پنڌ ٻاھر نڪري ويو ھو.
ماڻھن کي جڏھن خبر پيئي ته چور جو پيرو کڻي سندس پيڇو ڪرڻ لڳا. چور ھڪ ٻيلي (جو
ڪجھ پنڌ دور ھو) ڏانھن ڊوڙندو ٿي ويو ۽ امڪان ھو ته ھو ماڻھن جي پھچڻ کان اڳ ئي ان
ٻيلي ۾ غائب ٿي وڃي. اھو سمورو لقاءُ انھيءَ ڳوٺ جي زميندا جي ڌيءَ پئي ڏٺو، جيڪا
مٿي ماڙيءَ تي بيٺي ھئي. ھن خيال ڪيو ته چور ٻيلي ۾ پھتو ته پوءِ پڪڙجڻ کان ڇٽو،
سو بيھي ڏاڍي آواز سان چوڻ لڳي؛ ”ادا! اترئين طرف کان قابو ٿجو، متان چور بابي
واري گھاٽي سرنھن ۾ لڪي وڃي.“
چور
اھي لفظ ٻڌي، خيال ڪيو ته ٻيلو اڃا پري آھي. شايد واھرو مونکي انھيءَ جي پھچڻ کان
اڳ اچي رسن، سو ڀڄان ٿو انھيءَ گھاٽي سرنھن ڏي، جنھن بابت ڇوڪريءَ ماڻھن کي تاڪيد ڪيو آھي. ماڻھن کي ڇوڪريءَ جي
ڏاھي ھجڻ جي خبر ھئي. سو ويتر اتريون پاسي ڇڏي بيٺا. چور اھڙو موقعو ڏسي، ٻيلي
ڏانھن منھن مٽي ۽ گھاٽي سرنھن واري طرف ڀڄڻ تي کڻي زور رکيو. ماڻھن جڏھن ڏٺو ته
چور ھاڻي زور پٽ تي ڏنو آھي، سو ان طرف سڪ ڪيائيونس ۽ وڃي کيس رسيا. چور کي ھڪ ھو
ٽپڙن جو بار ٻيو پادرن جو خوف، جنھن کان ھو تکو ڊوڙيو، سو يڪدم سوچن پيو ھو سو لڳو
واجھائڻ ته اڃا ”گھاٽي سرنھن اچي ئي ڪا نه ٿي.“
ڪجھ
اڳتي وڌڻ سان معلوم ٿيس ته ڏيڍ گراٺ جيتري کٿل سرنھن برابر ڪن ڪڍيو بيٺي آھي. اتي
ئي عجب ۾ پئجي سٿرن تي ھٿ ھڻي چيائين؛ ”مار! ھي آھي اھا گھاٽي سرنھن جنھن جي آسري
تي ھيڏي آيس.“
اڃا
ھي انھن خيالن ۾ محو ھو ته ڪاري ڏاند جا مالڪ اچي ڪڙڪيس. کڻي کنڀيائونس ۽ پوءِ ته
اھڙي حالت ڪيائونس جو چور ئي سمجھي سگھي ٿو. کيس سڪ ٻڌي، مار ڏيئي ۽ ٿڪ بجو ھڻي،
ڳوٺ ڏي وٺي ھلڻ لڳا. جڏھن چور انھيءَ ماڙيءَ ھيٺان لنگھيو جنھن تي زميندار جي ڌيءُ
چڙھي ويٺي ھئي. تڏھن ان ڏانھن نھاري، کيس چوڻ لڳو ته؛ ”ادي! پڪڙيو سو وڃان ٿو،
باقي پڻھين واري گھاٽي سرنھن ڏسي آيس.“
(ماھوار نئين زندگي، جولاءِ
۱۹۵۶ع، صفحو ۴۴ تان ٿورن سان کنيل).
گھاٽي سرنھن؛ ھڪ فقرو آھي، جيڪو ورجيس طور ڪتب ايندو آھي. پھاڪو ھجڻ لاءِ لازمي آھي ته مڪمل جملو ھجي، جنھن ۾ فعل، فاعل ۽ مفعول ھجن. ھن ۾ اھي ٽئي جز ناھن، لھاذا اھو پھاڪو يا چوڻي نه ٿو سڏائي سگھي. اگر پويان مصدري فعل لڳل ھجيس ھا جيئن ”گھاٽي سرنھن ڏسي ڇڏڻ“ ته پوءِ ان کي اصطلاح سڏجي ھا. جڏھن ته ”ادا! منھنجو سو ڪم ٿيو، باقتي تنھنجي گھاٽي سرنھن ڏسي ڇڏيم.“ جملي اندر نقطو سمايل ته آھي پر منجھس ڦرندڙ گھرندڙ فاعل ۽ مفعول آھن ۽ ڪو مقرر يا مروج روپ ناھي تنھن ڪري اھو به پھاڪو يا چوڻي ناھي. جيئن ته اھو فقط ھڪڙو معني خيز فقرو آھي، جنھن ڪري ان کي ورجيس (سنڌي) يا تلميح (عربي) يا تلويح (فارسي) ئي سڏبو.- مرتب)
ReplyDelete