Showing posts with label شاھ لطيف جي ڪلام ۾ آيل اصطلاح، سُر يمن ڪلياڻ، نور افروز خواجه. Show all posts
Showing posts with label شاھ لطيف جي ڪلام ۾ آيل اصطلاح، سُر يمن ڪلياڻ، نور افروز خواجه. Show all posts

Saturday, December 15, 2018

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ آيل اصطلاح - سُر يمن ڪلياڻ - نور افروز خواجه


شاھ لطيف جي ڪلام ۾ آيل اصطلاح
(سُر يمن ڪلياڻ)
نور افروز خواجه
ڪنھن لفظ جي لغوي معنيٰ بجاءِ ڪا ٻي معنيٰ مقرر ڪرڻ کي ”اصطلاح“ سڏجي ٿو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”اصطلاح“ جي باري ۾ لکي ٿو ته ”اصطلاح“ انھن کي ٿو چئجي، جنھن جي لفظي ۽ رواجي معنيٰ ۾ فرق ھجي يعني لفظي معنيٰ ھڪڙي ۽ رواجي معنيٰ ٻي ھجي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ”اصطلاح“ جي معنيٰ لاءِ لکي ٿو ته؛ ”اصطلاح جون ٻه معنايون آھن. ھڪڙي مقرر ٿيل، جنھن کي ”لغوي“ يا اصلي معنيٰ چئجي ٿو، ۽ ٻي ”رواجي“ جنھن کي اصطلاحي معنيٰ چئجي ٿو.