پھاڪا ۽ ھنر
لوڪ ادب جون شاخون
الله بخش نظاماڻي
(پھاڪا، اسان جي
ٻوليءَ جو حصو آھن، جن ۾ مجموعي طور، انساني تجربن ۽ مشاھدن جي عڪاسي ٿئي ٿي.
پھاڪن جو لاڳاپو، عوام، سندن رھڻي ڪھڻي، رسمن رواجن ۽ ثقافت سان ھوندو آھي. عام
گفتگوءَ ۾ پھاڪن جو استعمال ڄڻ ٻوليءَ کي سونھن بخشي ٿو ۽ ٻڌندڙن آڏو واقعن کي
تصويرن ۾ پيش ڪري ٿو، جنھن ڪري ڳالھ سمجھائڻ ۾ پاڻ وڌيڪ لطف پئدا ٿئي ٿو.
مثال طور: جيڏا اٺ،
تيڏا لوڏا.
ھنر، اکرن جي عقلي
اوساريءَ کي ھنر ٿو چئجي. سگھڙ ڪچھرين ۾ پنھنجو ھنر بيتن ۽ ڏوھيڙن جي صورت ۾ پيش
ڪندا آھن. گھڻو ڪري انھن بيتن ۾ ڳجھارتون ڏنيون وينديون آھن، جن ۾ سماجي زندگيءَ
سان لاڳاپيل تجربن ۽ مشاھدن بابت ڳوڙھي معني سمايل ھوندي آھي. انھن بيتن ۽ ڏوھيڙن
جي اپٽار ڪچھريءَ ۾ واھ جو مزو پيدا ڪريو ٿي ڇڏي.
ادارو پڙھندڙن آڏو،
پھاڪن توڻي ھنر بنسبت مختصر احوال پيش ڪري ٿو. – ادارو)
