Showing posts with label پهاڪن پچار، لعلڏنو، ’پروانو‘ سومرو، اصطلاح، فقرو، ورجيس، محاورو،. Show all posts
Showing posts with label پهاڪن پچار، لعلڏنو، ’پروانو‘ سومرو، اصطلاح، فقرو، ورجيس، محاورو،. Show all posts

Thursday, October 25, 2018

پهاڪن پچار - ’پروانو‘ سومرو


پهاڪن پچار
’پروانو‘ سومرو
ٻوليءَ جو خزانو کولجي ٿو ته ڪيترا ئي ھيرا، جواھر ۽ موتي ملن ٿا. اھڙن ھيرن ۽ من موھيندڙ موتين کي ڪي صراف ۽ سالڪ ئي سڃاڻي سگھن ٿا ۽ ملھ ڪٿي سگھن ٿا. جھڙي تھڙي جي جاءِ ڪانھي. پھاڪا، چوڻيون، محاورا، اصطلاح، استعارا، تشبيھون، ٻٽا لفظ، مرڪب لفظ، متضاد لفظ ۽ ٻوليءَ جا اھڙا ٻيا کوڙ سارا جواھري جزا ٻوليءَ جي سکئي ستابي ھجڻ سان گڏ ان جي سھڻائپ جو سبب بنجن ٿا ۽ ٻوليءَ کي ٻھڪايو وجھن ٿا. انھيءَ ڏس ۾ سنڌي ٻولي پنھنجو مٽ پاڻ آھي. سنڌي ٻوليءَ ۾ پھاڪن، چوڻين، محاورن ۽ اصطلاحن جو اڻ ميو مواد موجود آھي. ٻوليءَ جي باغيچي ۾ ٽڙيل گلڙن وانگر سموري سماجي وايومنڊل کي سونھن ۽ سرھاڻ سان واسين پيا. اھڙن سندر گلڙن جي بيشمار ھجڻ ڪري ھيءَ ٻولي شاھوڪار ھجڻ سان گڏ سھڻي ۽ سيبتي ٻولي بنجي پئي آھي. جڏھن اھڙي قسم جي ٻولي لکي، پڙھي ۽ ڳالھائي وڃي ٿي ته ان کي ”ورجيسي ٻولي“ چيو وڃي ٿو. ورجيسي ٻوليءَ ۾ پھاڪن ۽ چوڻين کي وڏي اھميت حاصل آھي، جيئن اونداھيءَ ۾ سوجھري کي. ورجيسي ٻوليءَ جي معني ئي آھي ٺھيل ٺڪيل ۽ سينگاريل ٻولي. پھاڪا، چوڻيون، محاورا، اصطلاح، استعارا ۽ تشبيھون، ٻوليءَ جو لباس به آھن ته سينگار باڪس پڻ، جيڪي ٻوليءَ کي گھونگھٽ ۾ سينگاري ويھاريل ڪنوار جھڙو بنائين ٿا. پھاڪي ۽ چوڻيءَ ۾ ڪھڙو فرق آھي ۽ ڪنھن سرجيا آھن؟ اھو به ھڪڙو سوال آھي. پھاڪو ڇا آھي؟ ان بابت ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جي راءِ آھي ته؛ ”پھاڪو لفظ جي لغوي معني آھي؛ پھ ڪري يا سوچي سمجھي اچاريل ٻول. ليڪن اصطلاحي معني ۾ ھڪ عام چوڻيءَ کي پھاڪو چيو ويندو آھي. يعني اھڙو جملو جنھن ۾ ڪنھن ڳالھ يا نتيجي واسطي ھڪ ”مثل“ ڪري دھرائڻ عام ھجي. ان جي مختصر وصف ھيٺينءَ ريت بيان ڪري سگھجي ٿي. عوامي ٻوليءَ جي ھر اھا مقبول، سادي مگر مائيدار ڪھاوت جنھن کي ڳالھ ۾ زور پيدا ڪرڻ يا نقطي کي نروار ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو، تنھن کي پھاڪو چئجي ٿو. اھو ايتريقدر ته دلنشين ۽ عام فھم آھي جو ڳالھائيندڙ ان کي بي ڌڙڪ استعمال ڪري ٿو ۽ مخاطب دماغ کي ڪنھن زور ڏيڻ کان سواءِ ان جو مطلب به سمجھي وٺي ٿو.“ (ڪتاب سنڌي ورجيسي ٻولي صفحو نمبر ۱۶). ڊاڪٽر غلام قادر سومري به پھاڪن ۽ چوڻين کي ھڪ شيءَ ڄاڻايو آھي: (ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ان جي سکيا صفحو نمبر ۱۲۱) جڏھن پھاڪي ۽ چوڻيءَ جي اھڙي وصف پڙھي بس ڪجي ٿي ته پوءِ من ۾ مونجھارو موجود رھي ٿو ته پھاڪو ڇا آھي ۽ چوڻي ڇا آھي؟ ڇو ته پھاڪي سان گڏ لفظ چوڻيءَ کي ”۽“ جي واڌاري سان لکي الڳ ظاھر ڪيو وڃي ٿو، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو ته اھي ھڪ نهمپر ٻه وٿون آھن. جيڪڏھن اھي ٻه الڳ وٿون نه ھجن ته پوءِ انھن تي مختلف نالا رکڻ جي ضرورت ڪھڙي؟ ورجيسي ٻوليءَ جي ٻين ڪتابن جو مطالعو ڪجي ٿو ته انھن ۾ پھاڪن سان گڏ چوڻيون، محاورا ۽ اصطلاح به ملن ٿا، جن کي جداري صورت ۾ نه لکيو ويو آھي ۽ نيٺ منجھي ٿو پئجي ته پھاڪو ڪھڙو آھي، چوڻي ڪھڙي آھي، محاورو يا فقرو ڪھڙو آھي ۽ اصطلاح ڪھڙو آھي. اھڙي مام صديق منگئي جي ڪتاب ”ڦلواڙيءَ“ ۾ به موجود آھي. جنھن ۾ پھاڪن، چوڻين، محاورن ۽ اصطلاحن کي ملائي ”مڪس پليٽ“ جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آھي. عجيب صورتحال اھا آھي جو جڏھن پھاڪن، چوڻين ۽ محاورن بابت مختلف ڏاھن جا ڏنل رايا پڙھجن ٿا ته لٿي پٿي سڀني جزن جي معنيٰ ۽ مفھوم ساڳيو ٿو بيھي ۽ لغتن ۾ به لڳ ڀڳ ساڳي معنيٰ ٿي ملي. منھنجي خيال ۾ پھاڪو ڪنھن ڏاھي ماڻھوءَ جو مشاھدي ماڻڻ ۽ تجربي کان پوءِ سوچي سمجھي چيل ڏاھپ ڀريا ٻول آھن، جن کي سمجھڻ لاءِ ذھن تي ڪو خاص زور ڏيڻو ڪو نه ٿو پوي، جيئن ”اھو ڪي ڪجي، جو مينھن وسندي ڪم اچي.“ چوڻي وري تجربي ۽ مشاھدي جي آڌار تي ڪنھن وينجھار جي واتان اچانڪ نڪتل گفتو يا ڪھاوت آھي، جنھن کي ھو انھن حالتن ۽ ڪيفيتن مان گذرندي بنا ڪنھن رک رکاءَ جي في البديھ چئي ٿو وجھي. اھا چوڻي پوءِ عوامي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيڻ شروع ٿيو وڃي، جنھن ۾ پھاڪي جيترو فلسفو ۽ سگھ ڪانھي. جيئن ”زال جھور ته به اکين جو نور.“ باقي محاوري لاءِ اھو چئي سگھجي ٿو ته اھو به پھاڪي ۽ چوڻيءَ کان الڳ شيءِ آھي، جنھن ۾ خيالن جي آڌار انھن ٻنھيشين کان ھلڪي ھوندي آھي. گرامر موجب اھو ڪڏھن جملي جو جزو به بنجي ٿو. اھو ٻوليءَ جي عام رواج مطابق معنيٰ ڏئي ٿو، جيئن ”زراعت، عبادت“.