Wednesday, December 12, 2018

پھاڪا ۽ ھنر- الله بخش نظاماڻي


پھاڪا ۽ ھنر
لوڪ ادب جون شاخون
الله بخش نظاماڻي
(پھاڪا، اسان جي ٻوليءَ جو حصو آھن، جن ۾ مجموعي طور، انساني تجربن ۽ مشاھدن جي عڪاسي ٿئي ٿي. پھاڪن جو لاڳاپو، عوام، سندن رھڻي ڪھڻي، رسمن رواجن ۽ ثقافت سان ھوندو آھي. عام گفتگوءَ ۾ پھاڪن جو استعمال ڄڻ ٻوليءَ کي سونھن بخشي ٿو ۽ ٻڌندڙن آڏو واقعن کي تصويرن ۾ پيش ڪري ٿو، جنھن ڪري ڳالھ سمجھائڻ ۾ پاڻ وڌيڪ لطف پئدا ٿئي ٿو.
مثال طور: جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.
ھنر، اکرن جي عقلي اوساريءَ کي ھنر ٿو چئجي. سگھڙ ڪچھرين ۾ پنھنجو ھنر بيتن ۽ ڏوھيڙن جي صورت ۾ پيش ڪندا آھن. گھڻو ڪري انھن بيتن ۾ ڳجھارتون ڏنيون وينديون آھن، جن ۾ سماجي زندگيءَ سان لاڳاپيل تجربن ۽ مشاھدن بابت ڳوڙھي معني سمايل ھوندي آھي. انھن بيتن ۽ ڏوھيڙن جي اپٽار ڪچھريءَ ۾ واھ جو مزو پيدا ڪريو ٿي ڇڏي.
ادارو پڙھندڙن آڏو، پھاڪن توڻي ھنر بنسبت مختصر احوال پيش ڪري ٿو. – ادارو)


پھاڪا
”پھاڪو“ سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪتل آھي. (۱) جنھن جي معني آھي نصيحت آميز چوڻي، ضرب المثل.
پھاڪا، دنيا جي سمورن ملڪن جي ٻولين ۾ اڪثر ڪري مروج آھن، جن جي معني ۽ مطلب ۾ لڳ ڀڳ گھڻي قدر ھڪجھڙائي آھي. فقط ٻوليءَ جو فرق آھي، جيئن ھيٺين مثالن مان معلوم ٿيندو:
۱- ھندي- بڙا ڪھاوڻ، بڙا دک پاوڻ.
سنڌي – جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.
۲- سنسڪرت- يٿا ديوا، تٿا ڀڪتا.
سنڌي – جھڙو راجا، تھڙي پرجا.
۳ – انگريزي- Grapes are sour.
سنڌي – گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي؛ ٿو کٽا.
۴ – فارسي- پراگنده روزي، پراگنده دل.
سنڌي – بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.
۵ – عربي – التعجيل فعل الشيطان.
سنڌي – تڪڙ ڪم، شيطان جو.
اھڙيءَ طرح اڪثر دنيا جي ملڪن ۾ پھاڪن جي معنيٰ ۽ مطلب ۾ ھڪجھڙائي آھي. پھاڪن ۾ وڏو فلسفو سمايل آھي. انھن مان ملڪ جي رسمن، ريتن، رواجن، تھذيب، تمدن ۽ مذھببي خيالن جو پتو لڳي ٿو. پھاڪا ۽ اصطلاح، سڀڪنھن ٻوليءَ جي سونھن آھن.
پھاڪن جو وجود ۽ رواج ڪٿان شروع ٿيو، ۽ ابتدا ڪڏھن ٿي؟ ان بابت ڪجھ چئي نه ٿو سگھجي؛ مگر ھيءَ لوڪ ادب جي صنف ڪافي ڪھني ۽ قديم آھي؛ جنھن جي شروعاتانساني ٻولين جي دور کان شروع ٿئي ٿي.
دراصل پھاڪا اسان جي وڏن دانائن، سگھڙن ۽ عقلمند اڪابرن جي آزمودن جا مجموعا آھن، جن مان ايندڙ نسل ڪيتريون ئي نصيحت آموز ڳالھيون حاصل ڪري سگھن ٿا. اھي گويا سندن لاءِ مشعل راھ جو ڪم ڏين ٿا.
سنڌي ٻوليءَ ۾ پھاڪا ۽ اصطلاح ڪافي سمايل آھن. انھن ۾ اڪثر نج ۽ ٺيٺ سنڌي ٻولي ڪم آيل آھي. اھي سنڌي لوڪ ادب توڙي معياري ادب جا عام جز آھن. انھن جي کوج ڪرڻ سان پتو پوندو ته سنڌي لوڪ ادب ۾ اھي املھ موتي سمايل آھن، جن جي انداز جو ڪاٿو ئي ڪونھي! اھي اڻ کٽ آھن. اھي لوڪ ادب ۾ چڱي خاصي اھميت رکن ٿا، مگر اسان جي اديبن سنڌي پھاڪن جي اڃا پوري کوجنا نه ڪئي آھي. ھن ڏس ۾ آنجھاني ديوان ڪيولرام آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند آڏواڻي ۽ انھن کان سواءِ سيد عبدالحسين شاھ موسوي ۽ سندس ساٿين مسٽر محمد ابراھيم ۽ مسٽر عبدالڪريم سنديلي چڱيون ڪوششون ڪيون آھن، جن کي نظر انداز ڪري نٿو سگھجي. انھن صاحبن، پھاڪن جي ارتقاءَ، سندن معنائون، مطلب ۽ پيڙھ ۽ اصليت جا اھڃاڻ پڻ ڪي قدر پيش ڪيا آھن.
مٿئين مختصر بحث مان معلوم ٿيندو ته پھاڪن ۾ وڏيون عقلمنديءَ ۽ دانائيءَ جون ڳالھيون ۽ ڪيترا ئي راز ۽ رمزون رچيل آھن، جي اسان جي وڏڙن پنھنجي پرايل آزموده مان گڏ ڪري چيا ۽ آکيا آھن.
پھاڪ ھڪ-سٽا، ٻه-سٽا ۽ ڏوھيڙن جي صورت ۾ چيل ھوندا آھن. چند مثال ھيٺ ڏجن ٿا.
۱- ڏڌو کير، ٿڻن ۾ نه پوي.
۲- سڳا سي ئي سيڻ، جنھين پکا اوڏڙا.
۳- خون کٿوري نه لڪي، توڙي باري پون بار.
۴- گھڻين زالين گھر نه ھلي، گھڻي ھاريئين ھر نه ھلي.
۵- ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه ھنج،
ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ، اچي بوءِ بھار جي.[1]
۶- سچ جي ٻيڙي لڏي، پر ڪين ٻڏي.

ھنر
”ھنر“، سنڌي لوڪ ادب جي ھڪ انوکي صنف آھي. ھنر جي معنيٰ آھي؛ عقلي فن يا ڪاريگري.
”ھنر“، ڪيترن قسمن جا آھن، مگر سگھڙ پنھنجو ھنر، بيتن ۽ ڏوھيڙن جي صورت ۾ پيش ڪندا آھن. اھي پنھنجي مطلب کي لڪ ۾ رکڻ لاءِ ڪئين رمزون رچيندا آھن. ھنر ۾ لفظن جي معنيٰ اونھي ۽ ڳوڙھي رکيل ھوندي آھي. ٻھراڙيءَ ۾ اڪثر ڪري ڳوٺن، واھڻن ۽ وسين ۾ جڏھن ٻھراڙيءَ جا ماڻھو ميڙن، ملاکڙن، عيدن برادن، شادين مرادين جي موقعن تي اچي گڏبا آھن، تڏھن اتي ڪچھريون لڳنديون آھن ۽ سگھڙ پنھنجا فن ۽ ھنر سھڻي ۽ سندر سخنن ۾ پيش ڪري، پنھنجيءَ قابليت جو مظاھرو ڪندا آھن.
”ھنر“ به ڳجھارت جو قسم آھي. ھن ۾ قسمين قسمين ۽ عجيب رنگ ۽ ڍنگ ۾ ڏوھيڙا چيل ھوندا آھن، جن جي ظاھري معنيٰ ته آسان پيئي لڳندي آھي، پر سگھڙ جنھن وقت ويھي، انھن جي اونھي معنيٰ تفصيلوار بيان ڪندا آھن، ان وقت ڳجھي ۽ ڳوڙھي معنيٰ جي راز جو پتو پوي ٿو ۽ ٻڌندڙن کي تعجب لڳيو وڃي. جيئن ھيٺين مثالن مان معلوم ٿيندو:
اڱڻ مٿي اوپرا، جڏھن ڏٺا تو ڏاھي،
سھي نه ڪيئي سسئي، توڙؤن تو ڏاھي،
پنھل وٺي ويا پاڻسين، تڙي تو ڏاھي،
تر تون تو ڏاھي، ڪاھي ويا ڪيچ ڏي.
ڀڃڻي:
۱- ڏاھي = سياڻي.
۲- ڏاھي = تو ڏاھي = تو+ڏانءُ+ھي= ڏانءُ (ڍنگ، اٽڪل)، تو ڏيرن جو ھيءُ ڍنگ سھي نه ڪيو.
۳- ڏاھي = توڏا+ ھي= ھي توڏا (اٺ)؛ پنھل سان گڏ، اٺ به وٺي ويا.
۴- ڏاھي = تو+ ڏاھين= تو + اوڏاھين.
سگھڙ ٿو چوي:-
”اي سياڻي سسئي! جڏھن اوپرا (ڌاريا) اٺ ڏٺا ھئا، تڏھن تون انھن کي جاچ ته ڪرين ھا. منڍ کان، شروع کان، جڏھن کان اٺ آيل ھئا، تنھن وقت کان، تو ھنن جي اٽڪل سھي ڪا نه ڪئي. ڏس، اٺن سان گڏ، پنھل به وٺي ويا. ھاڻ اي سسئي، تون ھڪدم اوڏانھن ڪاھ.“
”ھنر“ جا ڪيترا ئي قسم آھن. جھڙوڪ؛ سرائتا ھنر، چيروون ھنر، بي سرا ھنر وغيرھ.
سرائتا ھنر:
سرايتا ھنر، اھي ڏوھيڙا يا بيت آھن، جي ڪنھن سر تي ٻڌل ھجن. جھڙوڪ؛ عمر ماروئي، سھڻي ميھار، ليلا چنيسر وغيرھ.
چيروون ھنر:
چيروون ھنر، اھي بيت يا ڏوھيڙا آھن، جن جي ھر ھڪ مصرع جو پويون لفظ ساڳيو ھجي، ۽ اھڙي قسم جي بيتن ۾، لفظ گويا چيرجي نڪتل آھن، مثال:
ٻه وَرَ وني ھڪڙي، عمر! بي سيرين،
نپني ھيس مائٽن ۾، عمر! بي سيرين،
ڏينھن گذاريم ڪيترا، عمر! بي سيرين،
عمر! بي سيرين، رت روئي ٿي ماروئي.
بي سيرين= ست ۽ سيل کانسواءِ.
بي سيرين= سواءِ سيرن ۽ حلون.
بي سيرين= سواءِ ڏيارڻ جي، سواءِ (وارن کان) جونئن ڪڍڻ جي.
بي سيرين= سواءِ سيرن يا نشترن ھڻڻ جي.
مطلب ته جڏھن عمر، مارئي کي، شاديءَ لاءِ ستائي رھيو ھو، تڏھن مائي ٿي چوي؛ ”اي عمر، مون کي ھڪ ور اڳيئي آھي، ۽ ٻيو ور (تو کي) ڪري، پنھنجو سيل ۽ ست به وڃائيندس. تون مون کي ٻوڙ پلاءُ آڇين ٿو، مگر آ ننڍي ھوندي کان ئي حلون ۽ سيرن کان سواءِ نپني آھيان، اسان جو کاڄ ڏٿ ۽ ڏونئرا! مٿي ۾ جونئون پئجي ويون اٿم: جو ڪيترن ڏينھن کان وري به نه ڏياري اٿم. اي عمر، ماڻھو تڏھن رت ڏين، جڏھن سير ڇوڙائين، پر سواءِ سير جي ئي پيئي رت ڏيان.“
بي سرا ھنر
”بي سرا ھنر“، اھي بيت آھن، جي ڪنھن به سر ۾ نه ھجن، مثال:
اي ماءُ محسن سان، سھڻي ھئي سون سان، ھي ته قضا ڪم ڪيو.
ھي مٿيون بيت ڪنھن به سر ۾ نه آھي، بلڪ ھڪ اسلامي روايت آھي. معنيٰ آھي، امام حسن رضه (اي ماءُ محسن) سان، سھڻي حسين رضه (ھي سون) سان، ھي ته قضا ڪم ڪيو.
عام رواجي ھنر
”عام رواجي ھنر“ ۾ اھي بيت ۽ ڏوھيڙا اچي ٿا وڃن، جن ۾ ھمجنس، ذاتين، پکين ۽ جانورن، سازن، ڏينھن، مڇين، واھن، فقيرن، وکرن، ڪنڀار جي ٿانون، مٽن مائٽن، ان جي جنسن، تاس جي پتن، اسٽيشن، شھرن وغيرھ جي قسمن جا مثال اچي وڃن ٿا، جن ۾ انھن جا نالا ۽ نشان ڏنل ھوندا آھن، مثال ھيٺ ڏجن ٿا.
ھم نام:
سوناري جبل ڏٺو، اتي تون گھڙ،
ڏونگر ڏسي، ڇپر ڇو وئين؟
اڃا ٿو روه، سامھان ڪرين!
جبل، ڏونگر، ڇپر ۽ روه، چار ئي ھم نام ۽ ھم معنيٰ آھن.
ذاتيون:
رند، لغاري راڄ ۾، سي ڪامل! ڪوڙ نه ڪن،
عمراڻي آجڙيون، جتوئي پاس پرن،
زرداري ڪوٽن ۾، مارو ٽالپرن،
مري ڇڏينديس ڇن، ڪلوئي لڄائينديس ڪينڪي.
مٿي ڏنل بيت ۾ بلوچ قوم جي جدا جدا ذاتين جا نالا آھن، جھڙوڪ؛
رند، لغاري، عمراڻي، جتوئي، زرداري، ٽالپر، مري ۽ ڪلوئي. ھنن ذاتين ۾ لڪ ھن طرح آھي:
رند= رندي، پھلوان؛ لغاري= لغار؛ عمراڻي= عمر آڻيه آجڙيون= ٻڪرار، غريب؛ جتوئي= جي تو ئي؛ پرن= پلن؛ زرداري= (زر+داري) زر گڏ ڪيئي؛ ٽالپرن= (ٽال + پرن)، ٽال= وڻ جي ٽاري يا شاخ ۽ پرن = پلن: وڻ جي ٽاريءَ ھيٺ پلن، وڻ ھيٺ رھن؛ مري= مري؛ ڇن= ڇنو، جاءِ؛ ڪلوئي= ڪا لوئي، اباڻي لوئي.
مطلب؛ مارئي عمر کي ٿي چوي ته؛ ”اي عمر! تون چوين ٿو ته، شادي روا آھي، پر ارمان جو ڪو اھڙو رند نه آھي جو توکي سچ چوي. تنھنجي راڄ ۾ ڪنھن کي ٿوري گھڻي ڪا رندن جي لغار لڳل ھجي ھا ته اھي ڪوڙ نه ڳالھائين ھا. عمر تو کي کپي ته اھڙيون بيواھ عورتون آڻ، جي تنھنجي پاس ۾ پيئون پلن ته جيئن اَجر عظيم مليئي. اسان پنھنجي مڇي مانيءَ وارا آھيون، جيڪڏھن تو زر ڪوٽن ۾ گڏ ڪئي آھي ته فڪر نه آھي. اسين مارو ماڻھو وڻن ھيٺ پيا وقت ڪاٽيون. عمر، تو کي ياد رکڻ گھرجي ته آ ھتان مري نڪرنديس، پر اباڻي لوئيءَ کي ھرگز نه لڄائينديس.
مٽي مائٽي
نانا رس نه مينڌرا، ماما موٽي آءُ،
ماسڙ تو تي صدقو ڪريان، امڙ گھوري آءُ،
سوڍا مٽ م ساءُ، ڀيرو ڀڃ مَ ڀيڻ تان.
مطلب؛ مومل، راڻي سوڍي جي زاڪ ھئي، مگر سگھڙ بيت اھڙي نموني ۾ بيھاريو آھي، گويا سندس زال ئي نه ھئي. نانا= نه نه، ماما= مام، اشاري؛ ماسڙ= مان سر؛ امڙ= آ مڙھ، منھنجو بدن؛ ڀيڻ= ڀيڻي يا جاءِ.
مطلب: مومل ٿي راڻي کي چوي ته؛ ”اي راڻا، مون سان نه رس. مام ۾ موٽي آءُ، متان ڳالھ کلي پوي ۽ بدنام ٿيون. آ تو سان ٻڌل آھيان. منھنجي جند جان تو تان صدقي آھي. اي سوڍا! مون تان دل نه کڻ ۽ ھن جاءِ تي موٽي اچ.“
اھڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترا ئي ھزارن جي تداد ۾ اھڙي قسم جا ھنر، ڏوھيڙن ۽ بيتن ۾ چيل آکيل آھن، جن ۾ ڳجھا ۽ اونھا راز ۽ رمزون رکيل آھن، جن جي گوناگون معنيٰ ۽ مطلب جي سمجھاڻي ڏيڻ جھڙي تھڙي ماڻھوءَ جو ڪم نه آھي؛ فقط سگھڙ ئي اھي راز سمجھائي، ڪچھرين ۾ رنگ رچائي سگھن ٿا.
در اصل پرولي، ڳجھارت، ڏور ۽ سينگار وغيره سڀ ھنر جا قسم آھن، جي سگھڙ، ڪچھرين ۾ ڏيندا ۽ وٺندا آھن.
اڳي اھڙي قسم جون ڪچھريون عام جام ٿينديون ھيون. مگر ھاڻي ھن قسم جو شوق گھڻو گھٽبو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ کين ھمٿائڻ وارو ڪو نه آھي. جيتوڻيڪ لوڪ ادب جي ھيءَ شاخ وڏي اھميت واري آھي، جنھن کي قائم رکڻ ۽ سندس واڌاري جي ڪوشش ڪرڻ، سنڌ جي اديبن جو وڏو فرض آھي.
(لطيف ڊائجيسٽ، جلد؛ ۵، شمارو؛ ۴، جولاءِ ۱۹۸۵ع، ص ۳۷ کان ص ۴۰ تان ٿورن سان کنيل)


 [1] شاھ جا گھڻا بيت، عام گفتگو توڙي علمي مجلس ۾، پنھنجي مقبوليت سببان، پھاڪن طور ڪتب اچن ٿا ۽ ٻوليءَ جي سونھن وڌائين ٿا.

No comments:

Post a Comment