پارس کاڻ
باسمه تعالى
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
(مرحوم لعلڻ خان لغاري، هڪ اڻ پڙهيل داناءُ
هو. بنده جو سڱ ۾ نانو هو. مگر آءٌ کيس پٽن جهڙو پيارو هوس. انهيءَ ڪري ننڍڙي
هوندي ئي منهنجي ذهني تربيت جي هر طرح ڪوشش ڪيائين. هر ڪچهريءَ ۾ پاڻ سان گڏ وٺي
ويندو هو ۽ ڪچهريءَ جا آداب سمجهائيندو هو. هر ڳالهه جي ڳڻ ڪندو هو ۽ پڇندو هو ته
ڳالهه کي سمجهيئي. هميشه چوندو هو ته: ”معنيٰ ڏي ڌيان ڪر، جو معنيٰ عقل جو منڍ
آهي“. خوش طبعي وچان چوندو هو ته ”ڳالهه جو ڳاٽو جهلجي“ يعني ته ان کي پوريءَ طرح
پرکجي. چوندو هو ته: ”ڏٺل واقعو هر ڪو بيان ڪري ۽ ٻڌل ڳالهه هر ڪو ٻڌائي، پر
داناءُ اهو جو اڻ ڏٺي اڻ سـُڻي ڳالهه ٻڌائي.“ ڪا ڳالهه وڻندي هيس ته چوندو هو
”فلاڻي واهه جي ڳالهه ڪئي! ڳالهه جو سنگ وڍي ڇڏيائين!“ سندس انهن نقطن ۽ سمجهاڻين
ننڍپڻ ۾ ئي هڪ قسم جو ادبي ذوق پيدا ڪيو. نوان بيت ۽ نيون ڪافيون، نيون ڳجهارتون ۽
نيون ڳالهيون منهنجي لاءِ ڄڻ سوکڙيون ٿي پيون. ڳالهين ٻڌڻ ۽ ڳولڻ جو شوق جاڳيو.
جڏهين به ڪو نئون بيت يا نئين ڳالهه پئي معلوم ٿي ته ياد ڪري ٿي ڇڏيم يا لکي ٿي
ڇڏيم.
وقت
گذرندو رهيو ۽ ڪي سال گذري ويا! ۱۹۳۷ع
کان تعليم خاطر سنڌ ڇڏي جهونا ڳڙهه وڃڻو پيو. سنڌي شعر ۽ ادب، معنيٰ ۽ مطلب سان
ذوق ۽ عشق وارو لڳل ٿڏو اڃا نهال ئي نه ٿيو هو جو نانو مرحوم سنه ۱۹۳۸ع ۾ گذاري ويو. اها خبر خط
ذريعي جهونا ڳڙهه پهتي. سندس سـِڪ ۾ اهو ذوق ويتر پڪو ٿيو ته ڳالهيون ڳولبيون ۽
معنائون ولوڙبيون. وطن جي وڇوڙي ويتر انهيءَ جذبي کي وڌايو، ۽ سنڌ جي سڪ ۾ سنڌ
وارن جا ڳڻ ۽ سندن ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون؛ سنڌ جا ميڙا ۽ سنڌ جون ڪچهريون ياد اچڻ
لڳيون؛ سنڌ جا ڳوٺ ۽ سنڌ جا ماڻهو ياد اچڻ لڳا؛ سنڌ جا پهاڪا ۽ شعر ياد اچڻ لڳا-
مطلب ته يادگيرين مان يادگيريون پوڻ لڳيون ۽ ڳالهين مان ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون.
جهونا
ڳڙهه ۾ بي-اي جي تعليم پوري ڪرڻ بعد ۱۹۴۱ع
۾ علي ڳڙهه وڃڻو پيو ۽ ويندي ۱۹۴۵ع
تائين اتي پنج سال کن گهارڻا پيا. سنڌ کان جدائيءَ جو سلسلو اڳئين کان اڳرو ٿي
ويو، ۽ انهيءَ ڪري سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌي شاعرن ۽ سگهڙن سان محبت به
انتها کي وڃي پهتي. هڪ رات خواب ۾ سانوڻ کي بيت ڏيندو ڏٺم ۽ سندس اهو بيت ويندي
ننڊ مان اک کلڻ تائين ياد رهيو. پنو پينسل کٽ تي هجي ها ته لکي سگهجي ها پر ذرا
دير پوڻ سان بيت وسري ويو. اهڙن اهڃاڻن ويتر سڪ کي سرس ڪيو. هر موڪل ۾ جڏهين به
سنڌ اچڻ جو موقعو پئي مليو ته واندڪائيءَ جي وقت کي سنڌي ادب جي نون نقطن ڳولڻ ۾
صرف ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، ۽ انهيءَ طالب علميءَ واري ڳولا ۾ جو مواد مليو تنهن يقين
ڏياريو ته سنڌي ادب دانائي ۽ حڪمت جي کاڻ آهي جنهن ۾ قسمين قسمين جون لالون، عقيق،
زمرد، هيرا ۽ جواهر موجود آهن، جن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ هڪ لڙهيءَ ۾ پوئڻ جي ضرورت
آهي.
بي اي توڙي ايم اي جي امتحانن
واسطي مون عربي جي مطالعي کي اختيار ڪيو. انهن امتحانن لاءِ ٻين عربي ڪتابن سان گڏ
مـُبـَرّ َد جو ڪتاب ”الڪامل في الادب“ (ادب ۾ ڪامل) به پڙهڻو پيو، جنهن ۾ عربي
ادب، تاريخ، لغت، صرف نحو- بلڪ عربي تمدن ۽ معاشري بابت حڪمت آميز مثال ۽ مباحثا،
سمجهاڻيون ۽ صفايون پيش ٿيل هيون. ادب، تاريخ، لغت وغيره موضوعن تي جدا جدا باب
ٻڌل ڪين هئا، مگر موقعي به موقعي هر مغال ۽ مقال ذريعي اهي ڳالهيون اچي ٿي ويون. مصنف ڄڻ
هڪ سگهڙ ۽ داناءُ آهي جنهن پنهنجي مسلسل ادبي ڪچهري قلمبند ڪئي آهي، ۾ موقعي جي
لحاظ سان هر ڳالهه تي پئي روشني وڌي اٿس: بلڪ ڄڻ هڪ استاد آهي جنهن دليلن تي ۽
مثالن تي مثال ڏيئي هر موضوع ۽ مطلب کي واضح ڪيو آهي. کيس سڄو ڪتاب ڄڻ هڪ بلند
پايه ادبي رهاڻ جي صورت ۾ پيش ڪرڻو هو، ۽ انهيءَ ڪري ڪتاب جي ديباچي ۾ پنهنجي
انوکي اسلوب بيان بابت هڪ اهم نقطو بيان ڪري ڇڏيائين ته ”الشيءِ بالشيءُ
يـُذکـَر“- يعني ته ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي.
هن
استاد عالم ۽ اديب جي هن نقطي توڙي سندس پيش ڪيل مواد نهايت ئي متاثر ڪيو. چيم ته
جيڪر انهيءَ نموني تي سنڌي ادب ۽ تمدن تي پڻ ڪو ڪتاب لکجي! مـُبرّد جي ڪتاب
”الڪامل“ جي مطالعي مان اهو پڻ واضح ٿيو ته اهڙي ڪتاب لکڻ لاءِ سنڌي علم ادب جي
وسيع ميدانن جا سير ڪرڻا پوندا؛ سنڌيءَ جي تمدن ۽ تهذيب جي عميق اُونهاهين ۾ ٽٻيون
هڻڻيون پونديون؛ سنڌ جي ڪچهرين ۽ مارڪن مان قسمين قسمين انوکا گفتا گڏ ڪرڻا پوندا؛
سنڌي ٻولي ۽ ان جي محاورن کي سمجهڻو پوندو؛ سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ وڃي اتي جي
سگهڙن ۽ سالڪن کان ڪافي سکڻو پوندو: مطلب ته هر گل جو واس وٺي سنڌي تمدن جي روح ۽
رس کي هڪ جاءِ گڏ ڪرڻو پوندو! پر ان وقت انهيءَ لياقت پيدا ڪرڻ لاءِ نه موقعو هو ۽
نڪا فراغت هئي.
البت
سنه ۱۹۴۳ع
کان ”سنڌ جي عربي دؤر جي تاريخ“ جي سلسلي ۾ سنڌ جو سفر اختيار ڪرڻو پيو ۽ ان کان
پوءِ ويندي ۱۹۴۶ع
تائين ڪڏهين نه ڪڏهين سنڌ کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جا موقعا ملندا رهيا. آگسٽ ۱۹۴۶ع ۾ وري آمريڪا وڃڻ جو اتفاق
ٿيو ۽ ٽن سالن لاءِ وري سنڌ کان جدا ٿيڻو پيو. مگر آمريڪا جي سفر بعد جون ۱۹۴۹ع کان وٺي سنڌي شعر ۽ لغت کي
سهيڙڻ جي سلسلي ۾ سنڌ جي ڪن ڀاڱن کي گهڻو ڪجهه ڏسڻ جو موقعو مليو، جنهنڪري سگهڙن ۽
سالڪن سان ڪچهريون ٿيون ۽ قدري اهڙو مواد گڏ ٿي چڪو جو ڀانيم ته جيڪر مبرد جي ڪتاب
”الڪامل“ وانگر سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکجي! اها خواهش گذريل ٻن سالن کان پئي رهي؛ مگر
جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا، تيئن تيئن نوان نقطا معلوم ٿيندا رهيا ۽ پنهنجي ناقص
ڄاڻ جو احساس وڌندو رهيو. انهيءَ ڪري ڪيئي دفعا قلم کڻي وري وري پئي انهيءَ ارادي
کي ملتوي ڪيم. انهيءَ عرصي ۾ ڪن خاص موقعن تي ڪن خاص دوستن جي آڏو سنڌي ادب ۽ تمدن
جا ڪي انوکا اهڃاڻ بطور رهاڻ جي بيان ڪندو رهيس، جن کي ٻڌي انهن مڙني دوستن تاڪيد
ڪيو ته آءٌ انهن مختلف ادبي گفتن ۽ ڳالهين کي قلمبند ڪريان. جڏهن مون کين پنهنجي
اصلي ارادي کان واقف ڪيو، تڏهين صلاح ڏنائون ته ڪم از ڪم هن ڪتاب جي شروعات مضمونن
ذريعي ڪريان جي في الحال رسالي ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيندا رهن، ۽ بعد ۾ ضروري ترميم ۽
ترتيب بعد انهن کي ڪتاب جي صورت ۾ آندو وڃي!
پنهنجن انهن عزيز دوستن جي خوشنودي خاطر پنهنجي
ٿوري ۽ ناقص ڄاڻ هوندي به هن ڪم جي شروعات ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ جو هڪ ته حياتيءَ تي
اعتبار ناهي ۽ ٻيو ته ڏينهون ڏينهن ڪمن توڙي غمن جا ايڏا بار پوندا ٿا وڃن جو
فراغت ۽ خوشي ٻئي وڃن گهٽبيون! ٽيون ته قدردان اديبن ۽ دوستن ۾ اميد آهي ته هنن
مضمونن کي پڙهي بنده کي ڪن نون نقطن، معنائن ۽ مثالن کان واقف ڪندا جيئن اڳتي لاءِ
اصلاح ۽ بهتريءَ جي راهه روشن ٿي سگهي. هن ڪتاب جو نالو ”پارس کاڻ“ رکيو اٿم،
ڇاڪاڻ ته هن جو خاص موضوع ”سنڌي تمدن“ آهي جو حقيقي معنيٰ ۾ پارس جي کاڻ آهي. ڪتاب
جي سٽاءَ
۽ ترتيب ۾ مون استاد ”مبرد“ وارو گس ورتو آهي، جنهن موجب سلسلي وار مضمونن جي
بدران ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي، ۽ ڳالهين مان ڳالهين جون پتليون پيدا ٿينديون. انهن
سان گڏوگڏ گفتا ۽ بيت مثال ۽ معنائون پڻ موقعي به موقعي ايندا رهندا، ۽ سنڌي ادب،
تاريخ، لغت تي پڻ موقعي جي مناسبت سان بحث ٿيندا رهندا. پر سڀ کان اول شروعات
”توحيد“ سان ڪجي ٿي، جا هن ”پارس کاڻ“ جي ڪنجي آهي. - (خادم العلم نبي بخش)
سڀڪا
صفت ۽ ساراهه هڪ سائينءَ کي سونهي جو جملي جڳن جو خلقيندڙ ۽ پاليندڙ آهي. هر ڪا
وصف ۽ واکاڻ ان واحد کي جڳائي جنهن جي وحدت جو ويساهه انسان ذات جي وحدت جو وسيلو
آهي. حقيقي حمد ۽ وڏائي تنهن صاحب کي سهائي جنهن جي عظمت ۽ قدرت جو يقين انسان کي
انسانن جي غلاميءَ کان آجو ڪري ٿو، ۽ ماڻهوءَ کي ماڻهن جي بنايل مڙني بتن- پراڻن
خواهه نون، پٿرن توڙي جسمن، خواهشن توڙي وهمن، شخصيتن توڙي گروهن- جي پوڄا کان بي
نياز ڪري ٿو:
اول
الله مڃيان جو مڙنئون مٿاهون،
ته
پوءِ ڪئن ڪري قبوليان عمر کي آئون،
رب
جون رضائون، سي مٿي اتي مون مڃيون.
ڀٽائي
صاحب جي لفظن ۾ هيءَ مارئي جي زباني آهي. هيءُ ”سر مارئي“ جو منڍ آهي، توحيد جي
ڪنجي آهي، غيرت جو سبق آهي، ۽ خدائي خوديءَ جو جام آهي؛ جنهن جو يقين ۽ ايمان جملي
جهانن جي بلند باري بادشاهه ۾ آهي سا زمين جي بادشاهه عمر اڳيان ڪئن ٿي ڪنڌ
جهڪائي! البت پنهنجي رب جي رضائن کي مڃڻ ۽ مٿي تي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
منهنجا
سڄڻ! سمجهه ته سنڌ وارا صدين کان وٺي توحيد جي رنگ ۾ رڌل آهن ۽ اعتقاداً هنن الله
پاڪ کي ئي بادشاهه تسليم ڪيو آهي. ”الله بادشاهه“ سندن تڪيو ڪلام آهي؛ چوندا ته
”الله بادشاهه خوش رکي فلاڻي کي“؛ چوندا ته ”الله بادشاهه آهي، جئن ڪري تئن ٿئي.“ ڳالهه کڻندا ته چوندا:
”بادشاهن جو بادشاهه پاڻ الله آهي، پر هڪ زماني جو بادشاهه هو“. چوندا ته جي حاڪم
نادر آهي، ته قادر به قادر آهي.“ ڪبير شاهه پنهنجي هڪ بيت ۾ چيو آهي ته:
ڏيهه
ڌڻي ڏاتار، جو ڏئي نه پچاري پاتشاهه،
والي،
وارث، وحده، خالق، خلقڻهار.
پهرئين
مصرع ۾ موليٰ جي مهربانين ۽ سندس رحم ۽ ڪرم جي تعريف، مختصر مگر نهايت جامع لفظن ۾
عجيب انداز ۾ بيان ڪيل آهي ته: هو ڏيهن جو ڏاتار آهي: پر اِهڙو ڏاتار جو ڏيئي وري
ڪڏهين به پچاري نٿو. مخدوم محمد هاشم چيو آهي ته:
سڀ
ساراهون رب کي جو خاوند خلقڻهار،
سٻاجهو
سـَڀين پـَرين، ڏڏن جو ڏاتار.
يعني
سڀئي ساراهون انهيءَ پرور کي سونهن جو مالڪ ۽ خالق آهي؛ جو سڀني ريتيين رسمين
مهربان ۽ سٻاجهو سائين آهي؛ ۽ جو اٻوجهه، بيوس ۽ لاچار بندن کي هميشه ڏيندڙ ۽
بخشيندڙ آهي. شاعر گلو مياڻي پنهنجو هڪ بيت هن طرح شروع ڪيو آهي ته ”ساراهيان سچو
ڌڻي،
جو ڏسين جو ڏاتار.“
”ڏِسِ“ ]ڏ ۽ س جي زير سان[ واحد آهي جنهن جو جمع ”ڏسيون“ آهي، ۽ ان جي
عام رائج معنى رخ، طرف يا پاسو آهي. انهيءَ لحاظ سان اتر، ڏکڻ، اوڀر ۽ اولهه- اهي
ڄڻ چار ڏسيون آهن. ”چؤڏس“ يا ”چوڏسين چوڌار“ اصطلاحن جي معنيٰ جو مدار انهيءَ
مفهوم تي آهي. مگر ”ڏس“ ۽ ”طرف“ ۾ ذرا فرق آهي. ”ڏس“ ظرف مڪان جي لحاظ سان ويڪرائي
۾ سوڙهي آهي ۽ ”طرف“ وڏو ۽ ويڪرو آهي. طرف چار آهن مگر ڏسيون جي اٺ چئجن ته مناسب
آهي. چوندا ته ”انهيءَ ڏس تي کنوڻ آهي“ يعني ته انهيءَ خاص ڪنڊ تي؛ چوندا ته
”انهيءَ ڏس تي اهو ئي
مڙس ٿو سجهي“ يعني ته انهيءَ خاص رخ تي. جيڪڏهن ڪنهن لائق ۽ همت واري مرد جي وفات
جي خبر پري کان اچي پهچندي ته چوندا ته ”مڙس ڏس خالي ڪري ويو“ يا ”ڏس خالي ٿي
وئي“. ڪي سال ٿيا جو هڪ ملاکڙي ۾ ويٺا هئاسون ته اسان جي ڀرسان هڪ ملهه اٿيو، جو
ذات جو ”دُزڪاڻي“ هو. جڏهين سندري لاءِ سنڀري هليو تڏهين مرحوم حاجي ساجن لغاري
خوش طبعي وچان چيو ته ”دزڪاڻي آهين پر ٻيلي! ڏِس ڪاڻي نه ڪجانءِ!“ يعني ته اسان جي ٻاريءَ وارو خاص پاسو نه
لڄائجانءِ!. جن شاعرن ”هر ڏس“، ”ڏسيون“ يا ”ڏسين“ جا الفاظ ڪم آندا آهن ته سندن
مراد چئن معلوم طرفن کان وڌيڪ مڙيئي هٿ، رخ، ڪنڊيون ۽ پاسا آهن، ڇاڪاڻ ته ڌڻي
تعاليٰ محض چئن قبلن تي نه پر هر جاءِ حاضر ناظر آهي.
منهنجا
سڄڻ! هاڻي گلو مياڻي جي مصرع تي وري غور ڪر ته ”ساراهيان سچو ڌڻي جو ڏسين جو
ڏاتار“. گـُلو پٽ خان، ذات جو مياڻو هو. سندس اصل ڳوٺ ”کجروڙي“ هو پر آخر عمر ۾
ڏيپلي تعلقي ۾ ”جـُهن“ جي ويجهو ”ٺـَٺ“ ۾ رهندو هو. تازو ڇهه ست مهينا ٿيا جو ستر
اسي ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. گلو عام سنڌي بيتن جو ملوڪ شاعر هو! پنهنجي مٿين
مصرع ۾ چوي ٿو ته ڌڻي پاڪ ”ڏسين جو ڏاتار“ آهي، يعني ته سندس ڪرم ۽ سخا هر ماڳ ۽
مڪان، هر قبلي ۽ ڪنڊ تي جاري ساري آهي. منهنجا سڄڻ! ڄاڻ ته سنڌ سخا جو گهر آهي،
جنهن ۾ ڪيئي ڏاتار ۽ سخي ٿي گذريا آهن. ”راءِ ڏياچ“ سمو وڏي ۾ وڏو سخي ڄام ڏاتار
هو جو سخا ڪندي سر ڏيئي سـُرهو ٿيو. پر ان کان سواءِ به ڇهه سما، ڇهه رونجها ۽ ڇهه
ڪؤنريجا سنڌ جي سخاوت جي تاريخ ۾ مشهور آهن. جئن راءِ ڏياچ جهوناڳڙهه ۾ هو، تئن
سـَپڙ ٻيلي ۾ هو. مطلب ته هر ڪو پنهنجي ڏس جو ڏاتار هو. پر هڪ موليٰ مهربان ئي آهي
جو مڙني ”ڏسين جو ڏاتار“ آهي. سندس انهيءَ عام ڪرم ۽ رحم جي مدنظر، خليفي نبي بخش
صاحب ترغيب ۽ تاڪيد طور چيو آهي ته ”آسا ڪر الله جي، در در ٻن مَ دان“. خليفي صاحب
جي سنڌي رسالي جي ”سر آسا“ جي پهرئين بيت جي هيءَ پهرين مصرع آهي. آسا يعني آس يا
اميد. شاهه جي رسالي ۾ سـُر سورٺ جي پهرئين بيت جي پهرين مصرع آهي ته ”الله جي آس
ڪري هليو هـِنيـَائين“- هنيائين يعني هـِتائين.
اي
سڄڻ! سمجهه ته الله جي آس ۽ اميد انسان جو وڏو سهارو آهي. سنڌ وارن الله جي نالي ۽
آسري سان ڪم کي شروع ڪرڻ کي هميشه سعادت سمجهيو آهي، ڇو ته انسان جو ڪم آهي پوري
همت ۽ ڪوشش سان ڪم کي سڌارڻ، سنوارڻ ۽ سرانجام ڏيڻ: سهڻي نتيجي ۽ سرهي پڇاڙيءَ جو
مدار موليٰ جي مهربانيءَ تي آهي. ڪنهن شاعر چيو آهي ته:
”بسم
الله، الله کي ٻي سڀ جوڙ سندياس،
ڪم
سنوار دم ۾، رنگ ڪري ٿو راس.“
هيءُ
سنڌ وارن جو خاص شيوو آهي ته اڪثر ڪم ”بسم الله“ سان شروع ڪندا: طعام ونڊڻ، ماني
کائڻ ۽ ان ڀرڻ وقت خاص طرح ”بسم الله“ چوندا. براج واهن (۱۹۲۳) کان اڳ درياهه جي پاڻيءَ تي
اناج جو فصل گهڻو ٿيندو هو ۽ جوار ٻاجهريءَ جي اَن جون راهون لڳي وينديون هيون.
پوءِ ڪي واهه ڀريندڙ جڏهين ٽوئي يا ٻي ڪنهن ماڻ سان اَن جي راهه ڀريندا هئا، ته
ڳڻڻ جي شروعات هن طرح ڪندا هئا ته: ”بسم الاهين! برڪتون پائين! سڀن جا سائين!
پورهيو پلئه لائين! هي گنج! هي ڇهه-الخ.“ سنڌ وارا هڪ ٻئي کي کينڪاريندا ته به
چوندا ته ”ادا بسم الله “ يعني ته ادا! ڌڻيءَ جي نالي جي برڪت سان تون خير سان
آئين ۽ ڀلي آئين!
سڄڻ ڄاڻ ته اهل سنڌ پنهنجي روزمرهه جي ٻوليءَ ۾ ”الا توهار“
جو اصطلاح استعمال ڪندا آهن جو اصل ۾ ”اللهَ تو آهر“ آهي ۽ جنهن جي مراد آهي ته:
اي الله سائين! تو آهرَ يعني تنهنجي آڌار، ٽيڪ يا ڀروسي تي، هي ڪم شروع ڪريان ٿو.
”الا توهارَ“ پڻ سنڌ جي هارين جو خاص اصطلاح آهي، ۽ هـُرلي يا نار ۾ ڍڳي يا اُٺ کي
جوٽي، ان کي شروع وارين وکن کڻڻ لاءِ هميشه هڪل ڪري چوندا ته ”الا توهار!“ پڻ هلر
۾ ڍڳا ٻڌي يا هرن ۾ جوڙو جوٽي، هڪل ڏيندا ته ”آسرو الله جو“ يا ”ادا الا توهار!“
منهنجا سڄڻ! ڄاڻ ته ”الا توهار“ سنڌي تمدن جو هڪ معنيٰ خيز اصطلاح آهي، جو اڪثر
هلڻ، چـُرڻ، ڪنهن پاسي وڃڻ يا ڪنهن خاص تحرڪ واري ڪم کي شروع ڪرڻ وقت استعمال
ڪندا. ويٺي ويٺي اهو اصطلاح ڪم نه آڻبو. شاعر چيو آهي ته ”سهڻـِي گهڙي سير ۾، ڪري الا توهار“ يعني ته ”الله توهار“ ڪري گهڙي. حفيظ تيوڻي
”مومل راڻي“ جي قصي ۾ هڪ بيت جي شروعات ۾ چيو آهي ته ”ناميو چڙهيو نيري تي ڪري
الهه توهر“ يعني ”الله توهار“ چئي چڙهيو. شاعر ابراهيم (ابراهيم منڊو، حمراڻي،
براهماڻي، ڪرمتي بلوچ) جوين ۽ نومڙين جي جنگ جي قصي کي شروع ڪندي چيو آهي ته:
الله
جـَل جلالہ، الله توهارو،
جئن
جنهين کي لکيو، صحيح پاڙيندا سو.
مٿين
مڙني مثالن اندر گهڙڻ، چڙهڻ ۽ شروع ڪرڻ فعلن ۾ تحريڪ وٺڻ جي معنيٰ سمايل آهي.
پر
سڄڻ سائين!تون حيران نه ٿيءُ ته ڇو هيءُ اصطلاح ”الله توهار“ ”الله توهر“ يا ”الله
توهارو“ جي مختلف صورتن ۾ آيو آهي. جئن اسان چئي آيا آهيون، انهن مڙني جو مور
”الهه تو آهر“ ۽ ”الا توهار“ اُن جو مُخفف آهي؛ جهڙيءَ طرح ”بسم الله الرحمان
رحيم“ جو مخفف ”بسم الله“ آهي. معنوي محاظ سان ”الا توهار“ اسم جي قائم مقام آهي:
”الا توهار“ چئو ”يعني ته هيءَ ڳالهه چئو؛“ ”الا توهار ڪر“ يعني ته ”هيءُ ڪم ڪر“.
ان مان ظاهر آهي ته ”الا توهار“ معنوي لحاظ سان ”ڳالهه يا ”ڪم“ جي قائم مقام آهي ۽
”ڳالهه“ توڙي ”ڪم“ ٻئي اسم آهن. شاعر ”الله توهارو“ محض پنهنجي شاعرانه ضرورت
سببان آندو آهي. باقي ”الا توهارَ“ ۾ اصلي لفظ ”آهـَر“ جي ”هه“ واري زبر کي وڌائي
الف ڪيو ويو آهي يعني ”الله توآهارَ“ جنهن مان الف جو اُچار نڪري ويو آهي. ڄاڻ ته
زبر، زير ۽ پيش کي وڌائي الف، ي ۽ و جي اچار سان پڙهڻ لغت جي اصل موجب جائز آهي.
منهنجا
سڄڻ! ”الا توهارَ“ جو اصطلاح مؤنث طور ڪم ايندڙ آهي. چوندا ته ”فلاڻو بيمار هو؛
پوءِ ”الا توهار“ ڪئي سون (يا ڪرائي سون) ته مڙيئي خير ٿيو“. اهو محاورو خاص طرح
ميانوال طريقي وارن جو آهي. ميان والن جي ”الا توهار“ مشهور آهي، ۽ جئن ته اهو
اصطلاح بيمار جي مٿان ”دعا“ يا ”دعا جي رسم“ جي معنى ۾ اچي ٿو، انهيءَ ڪري مؤنث
طور استعمال ٿئي ٿو. ”ميانوالي طريقو“ يا ”ميان والن جو طريقو“ سنڌ جي ڪلهوڙن
فقيرن جو طريقو آهي. انهن ڪلهوڙن فقيرن کي ادب وچان ”ميان“ سڏيو ويو، انهيءَ ڪري
هن طريقي کي پڻ ماڻهن ”ميان وارن“ جو طريقو سڏيو. پر جئن ته انهيءَ طريقي وارن جي
ٻولي سرائڪي هئي انهيءَ ڪري ”ميان وال“ ۽ ”ميان والن“ جا اصطلاح مشهور ٿيا. پر ڌڻي
توکي نيڪي ڏئي! ”ميان“ هڪ عجيب ۽ انوکو لفظ آهي، جنهن جي تاريخي حيثيت مسلم آهي، مگر ان جي لغوي اصليت تحقيق طلب آهي. البت
هيءُ ثابت آهي ته اهو لفظ هميشه حسب نسب وارن آبرودار شخصن لاءِ استعمال ٿيل آهي.
هن ملڪ اندر پٺاڻن ۾ اهو لقب ”سيدن“ لاءِ، پنجاب ۾ ”دولتمندن“ لاءِ، سنڌ ۾ ڪلهوڙن
حاڪمن ۽ فقيرن لاءِ خاص طرح ۽ ٻين ڪن درويشن فقيرن لاءِ عام طرح استعمال ٿئي ٿو.
اي
سڄڻ! سمجهه ته ميان آدم شاهه ڪلهوڙو، ”مهدوي“ طريقي ڏانهن مائل هو، يعني ته سيد
ميران محمد جونپوري جنهن ”مهدي“ هجڻ جو دم هنيو هو، تنهن جي تبليغ جو مٿس اثر هو.
ميانوالي طريقي جي عام شهرت ميان آدم شاهه جي پوين، ميان شاهل محمد ۽ ميان الياس
محمد جي ڏينهن ۾ ٿي ۽ اها شهرت ميان الياس محمد جي پٽ ميان نصير محمد جي ڏينهن ۾
اوج تي پهتي. سندن سوين هزارين مريد ٿيا، جن مان ڪيئي فقير وڏا مشهور ٿيا، مثلاً
گاجي شاهه گنج بخش، شاهه پنجو ۽ ٻيا. انهن مريدن جي زور تي ميان نصير محمد جي پٽ
ميان دين محمد فقيريءَ سان گڏ سياسي طاقت جو بنياد رکيو، ۽ کانئس وٺي ڪلهوڙن جي
فقيري موروثي بنجي ويئي. انهيءَ ڪري ميان دين محمد کان وٺي اميري شروع ٿي ۽ ميان
نور محمد جي ڏينهن ۾ کين سنڌ جي حڪومت حاصل ٿي. البت ميان نور محمد تائين اميريءَ
سان گڏ فقيري جي دعوى هلي آئي. ميان نور محمد جو پٽ ميان غلام شاهه هڪ بيدار مغز
حڪمران هو. ميان سرفراز هڪ سازشي حاڪم هو، مگر جيئن ته ميان غلام نبي کيس ۽ ٻين
چئن ڪلهوڙن شهزادن کي بيگناهه قيد ۾ قتل ڪرايو، انهيءَ ڪري ميان جي مريدن ۽ معتقدن
همدردي وچان ميان سرفراز کي شهيد ۽ فقير ڪري مڃيو. ميان سرفراز البت علم وارو هو ۽
فارسيءَ ۽ سنڌيءَ جو اعلى شاعر هو. فارسيءَ ۾ ”صاحب ديوان“ هو، ۽ سنڌيءَ ۾ نبي
صلعم ۽ اصحابن سڳورن جي شان ۾ جا مدح جوڙيائين سا سندس عام مقبوليت جو وڏو سبب
بني. شال ڌڻي ڏينهن ڏئيئي! ڄاڻ ته ميان شاهل محمد، ميان الياس محمد، ميان نصير
محمد ۽ سندن خاص مريد جهڙوڪ ميان گاجي شاهه، شاهه پنجو ۽ ٻيا، هن ”ميانوال طريقي“
جا واقعي وڏا درويش هئا. اڄ تائين انهيءَ طريقي جا فقير دعا وقت انهن بزرگن کي ياد
ڪندا آهن.
شال
جيئين! ڄاڻ ته ميان وال طريقي جي فقيرن کي خاص دعوى آهي ته: جـِنّ سندن حڪم هيٺ
آهن ۽ غيبات جي اثر سان تعبير ڪندا؛ مريض جي لڇ پڇ، وڦل، دماغي بيماري ۽ ماليخوليا
واري حالت ۾ چوندا ته مريض کي جن جهليو آهي. عام بيماريءَ واري حالت ۾ بيمار جي
گهر ۾ قدم گهمائيندا، پلئو هڻندا ۽ ڇنڊو ڦيڻو ڪندا. جن واري حالت ۾ ”سروز“ يا
”جاڳر“ ڪندا: يعني ته اڪثر سانجهيءَ بعد رات جو ماڻهن جو ميڙ ڪندا، مريض کي آڻيندا
۽ ڌوپ واس ڪندا. سرنديءَ وارو فقير خاص ”سروزي“ لهرا وڄائيندو ۽ فقير وار ڇوڙي مؤج
ڪندو. آڏو مريض به جي ”جاڳر“ کان پوءِ اڪثر ”شادمانو“ ڪڍائيندا يعني ته پهرو (جو
چوندا ته هڪ رنگو هجي) ڪهرائي، رڌائي، ٻوڙ وراهيندا. جيڪڏهن ”شادماني“ مان به مرض
نه ڇٽو ته ”آزي ڪندا“ يعني ته ڳچيءَ ۾ ڪپڙو وجهي اڳين بزرگن (اڪثر گاجي شاهه) جي
مزارن واري طرف منهن ڪري وڏي ”ڪهت ڪندا“. بعضي ”شادمانو“ ۽ ”آزي“ ٻئي ڪندا.
شادمانو وراهيندا ته سڀڪو هٿ ۾ جهليندو ۽ جيستائين فقير اجازت نه ڏئي تيستائين ڪين
کائيندا. پر جي ڪنهن تڪڙ ڪري کاڌو ته اُن کان ”خوشي ڀرائيندا“ يعني ته پئسا
ڀرائيندا جي اڪثر پنجن جي انگ تي هوندا (پنج پئسا، پنج آنا، پنج پايون وغيره).
جيستائين خوشي نه ڀريندو تيستائين ان جي ”چـَسـِي“ بند ڪندا يعني ته ان کي هٿ ڏيڻ
بند ڪندا. ٻئي ڪنهن قصور سببان پڻ چـَسـِي بند ڪندا ۽ چوندا ته خوشـِي ڀر ته توکي
”چـَسـِي ڏيون“. جڏهين چسي ڏيندا ته اول وڏو فقير چسي ڏيندو، وڏو فقير اهو جو ”کٿي
ٻـَچي جو سائين هجي“، يعني ته ڪلهن تي ڪاري کٿي هجيس ۽ ”ٻچي ڀير“ (مغلي ڀير) پٽڪو
ٻڌل هجيس.
”موج ڪرڻ“ وقت، توڙي عام طور بيماريءَ لاءِ دعا گهرڻ وقت
ميانوال فقير وڏي آواز سان سرائڪي ٻوليءَ ۾ حاضرين کي چوندو ته: ”يارو! ڪرو الا
توهار! ها ميان شاهل محمد! ميان الياس محمد! ميان نصير محمد! ها ميان پنجا ڌؤنڪ دا
ڌڻي! گاجي گنج بخش لکين دا ڏاتار! اشي واليان دي شي ٿيوي- يارو! ڪرو الا توهار“.
جئن ته هي ”الا توهار“ ميان وال فقيرن جي عام دعا جي رسم جو مور ۽ منڍ آهي، انهيءَ
ڪري ان تي نالو ئي ”الا توهار“ پئجي ويو آهي. چوندا ته ”بيمار تي الا توهار ڪرائي
سون.“ پر سڄڻ! سمجهه ته دعا جو سڏ هرڪو فقير پنهنجي پنهنجي نموني سان ڪندو؛ يعني
ته مختلف الفاظ آڻيندو ۽ پنهنجي طريقي جي ڪن ٻين پوين فقيرن جا نالا به وٺندو.
مثلاً ٽنڊو غلام علي (ضلع حيدرآباد) جا ڏيواڻي لنجواڻي پاڙي جا ميان وال فقير سندن
وڏي بزرگ ”ميان گامون“ جو نالو کڻندا. ميان گامو، گاجي گنج بخش جي مـَٽي ڀريندڙ
هو. چون ٿا ته مٿي تي ڦٽ ٿي پيس پر مـَٽي هٿان نه ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح ٻيا ڪي ننڍا
فقير وري مائي ڀاڳڀري ۽ سندس ڀاءُ ٻئي تعلقه سنجهوري (ضلع سانگهڙ) ۾ اسٽيشن ٻوٻي
کان ۶ ميل اتر اوڀر طرف ”ساڏوڻيءَ“ ۾ مدفون آهن.
شال
ڌڻي توکي نيڪي ڏئي! ”الا توهار“ جون مڙيئي معنائون اسان توکي کولي سمجهايون آهن ۽
انهن مڙني جي مراد اها آهي ته هر ڪم الله جي آسري سان شروع ڪجي ۽ هر حالت ۾ ڌڻيءَ
جو نالو ۽ سهارو وٺجي. سنڌ جا فقير صدا به ڌڻيءَ جي نالي سان هڻندا ته ”ابا! الله
هي الله!“ سخت مينهن ۽ خوفناڪ گجگوڙين وقت خطري جي حالت ۾ ”الله الصمد! الله
الصمد!“ ۽ ”يا صمد! يا صمد!“ چئي ٻاڏائيندا. اهو سڏ خاص طرح بادل ۽ برسات، گوڙ ۽
کنوڻ جي خطري واري وقت جو آهي ۽ نه ٻئي وقت جو. مير بهرام بابت ڪنهن شاعر جو چيل
هيٺيون بيت انهيءَ معنى تي شاهد آهي ته:
بدلجي بهرام، ته بادل
وسي رڪ جو،
سنڌ
صمد! صمدَ ڪري،
راجا ڪري رام!
پر لنئون لنئون منجهه لغام، نـَرَ کي آهي نمڪ جو.
مير
بهرام خان ٽالپر وڏو بهادر هو ۽ بلوچن جي وڏي طاقت هٿ ۾ هئس. ميان سرفراز جي سازش
جي کيس سڌ هئي. جي بگڙي باغي ٿئي ها ته رڪ جي راند ڪري ترارين جي تجلن سان رت جا
اهي ته وڏڦڙا مينهن وسائي ها جو نه فقط ڪلهوڙن جي سنڌ ”صمد! صمد!“ ڪري ها پر سندن
مددگار جوڌپور جو راجا به هراس ۾ ”رام“ جپي ها. پر هن مٿير مرد جي لنؤن لنؤن کي
نمڪ حلالي جو لغام چڙهيل هو، انهيءَ ڪري ڪلهوڙن سردارن آڏو هٿ به سامهون نه
ڪيائين.
اي
سڄڻ! سڻ ته سنڌ جي شاعرن پنهنجي منظوم قصن، مداحن، منقبتن ۽ عام بيتن تي هميشه
ڌڻيءَ جي ساراهه سان شروع ڪيو آهي. پڻ ڄاڻ ته سنڌ جي شاعرن پنهنجي سائينءَ جي
ساراهه لاءِ هميشه سبب ڄاڻايا آهن. اهو سندن قرآني ڪردار آهي. قرآن شريف علم ۽
حڪمت جو سرچشمو آهي ۽ ان ۾ پڻ اهو ئي منطقي طريقو اختيار ڪيل آهي: ”الحمد لله، رب
العالمين“ يعني سڀڪا ساراهه الله پاڪ کي جڳائي ڇاڪاڻ ته هو جملي جڳن جو پالڻهار
آهي. ڏس ته الحمد شريف جي انهيءَ پهرين آيت ۾ ڌڻيءَ جي حمد لاءِ سبب ڄاڻايل آهي:
آهي
هڪ الله کي، تعريف توڙ تائين،
جو
جڳا جڳ جڳن جو، پرور پـُريائين،
ڏاتار
ڪل ڏيهن جو،
سخي سدائين،
سٻاجهو
سائين، حاڪم روز حساب جو.
مٿيون
ترجمون الحمد شريف جي پهرين ٽن آيتن جو آهي ۽ اسان جي دوست مولوي احمد ملاح جو ڪيل
آهي. مولوي احمد ملاح صاف سنڌي بيتن ۾ قرآن شريف جو ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ سندس
ترجمي جو ”عم“ وارو ٽيون سيپارو ڇپجي چڪو آهي.
شال ڌڻي تو کي
توفيق ڏئي! هاڻي مثال خاطر سنڌ جي ڪن عام شاعرن جي مصراعن تي غور ڪر. ”ساراهيان
سچو ڌڻي، جو صاحب رب ستار“- اڪثر عام بيتن جي منڍ واري مصرع آهي. جنهن ۾ شاعر چوي
ٿو ته آءٌ ڌڻيءَ کي ٿو ساراهيان ڇاڪاڻ ته اهوئي سچو ڌڻي، مالڪ ۽ پروڙ توڙي پردو
رکندڙ آهي. مخدوم غلام محمد بگائيءَ (يعني بُگن جي ڳوٺ جو) چيو آهي ته ”ساراهيان
سچو ڌڻي، جو وڏو وڏن آه“- يعني ته شاعر جي ساراهه جو سبب ڌڻي پاڪ جي
وڏائي آهي. لس ٻيلي جي شاعر ’نم‘ چيو آهي ته ”ساراهيان سچو ڌڻي، ڪم سندا ڪلتار“؛
الياس جدغال چيو آهي ته ”ساراهيان سو سچو ڌڻي، جوڙيو جنهن جهان“؛ مل محمود پلي سنڌ
جي پهرين بهادر حرن جي تعريف ۾ جي بيت چيا آهن، تن جي شروعات هن طرح ڪئي آهي ته
”وصف ڪجي واحد جي، جنهن
جوڙيو جڳ جهان“؛ دين محمد لغاري چيو آهي ته ”ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن کي جوڙ جڳاءِ“-
انهن مڙني شاعرن ڌڻيءَ کي ساراهيو آهي ڇاڪاڻ ته هو مڙني ڪمن جو ڪار ساز ۽ جملي
جهانن جون جوڙون جوڙيندڙ آهي. نور محمد فقير لغاري چيو آهي ته ”ساراهيان سچو ڌڻي، جو عالمن الله“؛ ۽ ملا عبدالرحمان سندس سنڌي نور نامو هن
طرح شروع ڪيو آهي ته: ”ساراهيان سچو ڌڻي، جو آگو عليما“. هنن شاعرن ڌڻيءَ جي تعريف ڪئي آهي ڇاڪاڻ جو
هو ڄاڻڻهار آهي ۽ عالـِمن جو به الله آهي: يعني ته عالمن به پنهنجي علم ذريعي سندس
وحدت، وجود ۽ وڏائيءَ کي تسليم ڪيو آهي، ٻيو ته هو
پاڻ عليم آهي يعني ته هر شي جو هر حالت ۾ هميشه لاءِ ڄاڻڻهار آهي. فقير عبدالرحيم
گرهوڙي ”تفسيرن جي مهاڳ“ وارو موضوع هن طرح شروع ڪيو آهي ته:
ساراه
صاحب کي ڪجي، جو عالم ڪل علمن،
سڀڪي
ڄاڻي مون ڌڻي بخشي علم بندن.
ڀٽائي
صاحب جو رسالو به الله پاڪ جي ”عليم“ واري صفت ۽ ساراهه سان شروع ٿئي ٿو ته:
اول
الله عليم، اعلى عالَم جو ڌڻي،
قادر
پنهنجي قدرت سان قائم آهي قديم،
والي
واحد وحده، رازق رب رحيم،
منجهان
حڪم حڪيم، جوڙي جوڙون جهان جون.
منهنجا
سُرت ڀَريا سڄڻ! ڄاڻ ته عالم ۽ عليم ۾ اهو فرق آهي جو جو ”عالم“ فاعل آهي ۽ ان ۾
علم جي صفت وقتي ۽ عارضي آهي، يعني ته جو هن وقت عالم (ڄاڻندڙ) آهي سو اڳي صرف
متعلم (شاگرد) هو؛ ممڪن آهي ته هن کان پوءِ ڪنهن وقت سڀڪجهه وسري وڃيس. مگر ”عليم“
۾ ”علم“ جي صفت دائمي آهي يعني ته ازل کان وٺي ابد تائين ڄاڻڻهار آهي. اي سڄڻ!
سمجهه ته لفظ ”اول“ ۾ پڻ صفت ۽ ساراهه جو مفهوم سمايل آهي يعني ته ”سڀ کان اول
تعريف الله پاڪ جي“، جو عليم آهي. بيت جي ٻيءَ مصرع ۾ الله تعالى جي وجود بابت
فلسفيانه ۽ منطقي دليل ڏنل آهي. مسلم فيلسوفن هن معنى تي وڏا بحث ڪيا ته آيا الله
تعالى جو وجود ”قديم“ آهي يا ”حادث“- يعني ته ازل کان موجود هو يا نئين سر پنهنجو
وجود ظاهر ڪيائين. جيڪڏهين قديمي قائم هو ته ڪئن قديم بنيو؟ ان جو جواب هن مصرع ۾
آهي ته قادر پنهنجي ذاتي قدرت ساڻ قديمي قائم ڪئي آهي. ٽيءَ مصرع ۾ ”رحيم“ الله
پاڪ جو صفاتي نالو آهي ۽ رحيم ۾ پڻ ”رحم“ جي دائمي صفت سمايل آهي.
شال
جئين! هاڻي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي شاعرن جي زباني ڌڻيءَ جي تعريف ٻڌ. بچايو فقير پٽ
بنگل خان رند، سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو شاعر هو. سندس بيت پوين پنجويهن سالن ۾ نـَڙن
بيتن جي ڪچهرين ذريعي مشهور ٿيا. بچايو فقير اٽڪل اسي ورهين جي ڄمار ۾ سنه ۱۹۵۴ع ۾ گذاري ويو. اسان ساڻس
آخري ڪچهري ۲۰
جولاءِ سنه ۱۹۵۲ع
تي شهر جهول (ضلع سانگهڙ) ۾ مرحوم مير الله بخش خان جي اوطاق تي ڪئي هئي. مرحوم
پنهنجي بيتن جو آڳاٽو ڇپيل ڪتابڙو ڏنو ۽ ٻيا اڻ ڇپيل بيت ڪي لکايا ۽ ڪي بعد ۾
لکارائي موڪليا. هن ڪتابڙي ۾ پنهنجون پهريون بيت الله پاڪ جي تعريف ۾ هن طرح چيو
اٿس ته:
الله
جل جلالہ، صاحب رب سچو.
قادر!
تنهنجي قدرت سان پوري ڪونه پيو.
تون
ڪرين تيئن ٿئي ڪري ڪو نه ٻيو.
رب
تون رحيم تون قادر تون، ڪريم تون،
جليل
تون جبار تون، تون آهين مالڪ ملڪن جو.
آءٌ
آهيان ڏڍ تنهنجي، مون ٻيو تڪيو ڪونه تـَڪيو،
تون
آهين ايمان اسان جو ڏِسڻ جو ڏيو،
جن ٿي سڪندر سڏايو پاڻ کي تن جو پرو ڪو نه پيو،
تو
اڏايون تجرون تن تي، جن توکي ياد ڪيو،
تڏهين
محبوب! پنهنجي ملڻ جو مون کي ڏس ڏيو.
”فاذ
کرواني اذکر کم“ اٿم اعتبار اهو،
آهيان
غافل گناهن ۾ مون ڏاڍو ڏوهه ڪيو،
محابي
محمد مير جي مون کي معاف ڪريو،
بخش گناهه، بچايو چوي، مون کي انهيءَ سيد جو صدقو،
جن
اهو پنڌ پڇيو، وندر سي ئي وينديون.
بچائي
فقير جي هن بيت جي ٻي مصرع، ”قادر تنهنجي قدرت سان پوري ڪو نه پيو“، ۾ هڪ وڏي
حقيقت جو اقرار ڪيل آهي. عام طرح چوندا آهن ته ”قادر جي قدرت سان، ڪو پوري پوندو!“؛
چوندا ته ”قادر جون عجب قدرتون آهن، يا ڪئين قدرتون آهن“. ڪوهستان جي شاعر ٻٻر
سونهيري (نالو ٻـَٻـَر، ذات جو سـُونهيرو، ويٺل ڪرچات جو) پنهنجي هڪ بيت ۾ سائينءَ
جي ساراهه ڪندي، سندس پيدا ڪيل شين تي حيرانيءَ جو اظهار ڪيو آهي، ۽ قادر جي قدرتن
کي ڪوهستان جي عام زبان ۽ پنهنجي انوکي اسلوب بيان ۾ هن طرح ڳايو آهي ته:
ساراهيان
سچو ڌڻي، جنهن جوڙ به جوڙي آه،
وڏائي
واحد کي،ٻئي ڪنهن کي ڪين جڳاءِ،
عرش
ڪـُرش آشمان، هي آڏاڻا ڪيئن اَڏياءِ!
زمين
زمن، لوح محفوظ، جبل ڪيئن جوڙياءِ!
اها
مخلوق ساري مون جا ڌڻي! خاوند! ڪيئن خلقياءِ!
مک،
ماڪوڙي، مرون، مال، ماڻهو، جيت ڪيئن جوڙياءِ!
تن
کي چـُوڻو، ڪـِيـُئه نه اوڻو، تي رازق رزق ڏنياءِ!
سوين قدرتون توجون، مون جا ڌڻي! تو وٽ لکين، ليکو ناه،
سوين
پڙهيا سانئر ٿيا، ڪئين واعظ ڪري ويا،
پر
کيڙي ٻيلي خالق توکي سانئر ڪين سگهيا،
اڻ
سونهن جو، سونهيرو چئي، ننگي ننگ مٿياء،
ايءَ
ٻانهپ ڪرڻ، ٻٻر چئي، رستو آه رواء،
ڪلمون
پاڪ جڳاءِ، محمد مير رسول تي.
ٻهراڙيءَ
جي شاعر ٻٻر سونهيري پنهنجي فطري سادگيءَ سان هڪ انوکي انداز ۾ عجب اظهار ڪيو آهي
ته: اي منهنجا ڌڻي، اهي آڏاڻا ڪيئن اڏياءِ! اهي جبل ڪيئن جوڙياءِ! اها هيتري مخلوق
ڪيئن خلقياءِ! پر اهي جيت ڪيئن جوڙياءِ!!! منهنجا سڄڻ ائين نه ڀانءِ ته ٻٻر سونهيري
جيتن جي جوڙ تي ڪو اجايو عجب اظهار ڪيو آهي. جيتن جو جهان ايڏو ته وڏو آهي جو اڃا
تائين باوجود پنهنجي وسيع علم جي، انسان ان جي حد نه ڏٺي آهي. قرآن حڪيم جهڙي
الهامي ڪتاب پهريون دفعو جيتن جي جوڙ ڏانهن انسان جو توجهه ڇڪايو، ايتري قدر جو
ماکيءَ جي مک، ماڪوڙي ۽ ڪوريئڙو هن الهامي ڪتاب جي سورتن جا نالا بنيا. بيشڪ
ماکيءَ جي مکين ۽ ماڪوڙين جي اجتماعي زندگيءَ وارو اعلى ۽ ڪوريئڙي جي ڪاريگري ۽
حڪمت عملي اهڙا ته حيران ڪندڙ ڪارناما آهن جو خالق اڪبر جي وجود ۽ وڏائيءَ جو سبق
سيکارين ٿا.
منهنجا
سمجهدار سڄڻ! ڄاڻ ته ٻٻر سونهيري مٿيون بيت ٻيلي ۽ ڪوهتسان جي ٻوليءَ جي ٻهراڙيءَ
واري محاوري ۾ چيو آهي.
”تي رازق روز ڏنياءِ“ يعني ٿي رازق روز ڏنياءِ؛ ”مون جا“ يعني منهنجا؛ ۽ ”توجون“
يعني تنهنجون. آشمان، قدرتون، ڏنياءِ ۽ مٿياءِ ڪوهستان جي ٻهراڙيءَ وارن جا خام
اچار آهن. لفظ ”سانئر“ (شاعر) لس ٻيلي، ڪوهستان ۽ لاڙ جي محاورن جو غلط العام آهي
۽ انهن ڀاڱن ۾ عام مروج آهي. ”آڏاڻا اڏڻ“ سنڌيءَ ٻوليءَ جو هڪ سهڻو اصطلاح آهي-
يعني اڏاوتون اَڏڻ، جايون جوڙڻ، ٺاهه ٺاهڻ، تجويزون سٽڻ يا پهه پچائڻ. ”تن کي
چوڻو، ڪـِيئهءِ نه اُوڻو“ فقري ۾ سنڌي ٻوليءَ جو عام اصطلاح ”چـُوڻو اُوڻو ڪرڻ“
سمايل آهي. چوڻو معنى قوت، کاڌو يا رزق. ”اوڻو“ يعني ”ڀريل کان گهٽ“، مـُنو يا
اڻپورو. چوندا ته رازق سڀ ڪنهن کي رزق ٿو رسائي ۽ ڪنهن جو به چوڻو اوڻو ڪونه ٿو
ٿئي،- يعني ته جيڪو ۽ جيترو قوت ڪنهن به جاندار کي ويلي تي ملڻو آهي اهو اوس ملندو
۽ ان مان ذرو به ضايع نه ٿيندو. شاعر گلو مياڻي پنهنجي هڪ بيت ۾ انساني زندگيءَ جي
هڪ گهري حقيقت بيان ڪئي آهي ته هيءَ حياتي ڄڻ ”اڌارو چوڻو“ آهي جو اوڻي يا مـُني
سان ڀريل آهي. يعني ته هيءَ حياتي ٿورڙي آهي ۽ ڄڻ ته ٿورڙي وقت لاءِ اڌاري ورتل
آهي. گلو پنهنجي بيت جي پهرين ٽن مصراعن ۾ راءِ ڏياچ کي خطاب ڪيو آهي ۽ پوين ٽن
مصراعن ۾ سورٺ جي زباني مڱڻي سان ڳالهايو آهي. چوي ٿو ته:
موت
مڱڻي هٿ ۾، تـُنهنجو ڏاتر هو ڏنو،
آندو
چوڻو اڌارو تو اصل ماڻ مـُنو،
لکين
سر هئا لوڪ ۾، پر اچي ڇڪو ات ڇنو.
ماٺ
ڪري ويهه مڱڻا، تند ڦٽي ڪر تون،
گهڻي
قدر، گلو چئي، توکي منٿون ڪيون مون؛
هاڻي ڏئي ٿو سر سـَمو، تون وڍي وڃي ونهون ٿيءُ.
شال بچين! اسين تنهنجو ڏيان وري ٻٻر سونهيري جي ٻي مصرع
ڏانهن ڇڪايوپن ٿا ته ”پر کيڙي ٻيلي خالق تو کي سانئر ڪين سگهيا.“ کيڙڻ جي لفظي معنى آهي پهريون هر ڏيئي
زمين کي ”اُکيڙڻ“، ”کـَڙ ڪرڻ“ جو عام اصطلاح به ساڳي معنى ۾ آهي ۽ غالباً ”کيڙ
ڪرڻ“ يا ”کڙا ڪرڻ“ جو مخفف آهي. ”ٻيلڻ“ يا ”ٻيلهه ڏيڻ“ يا ”ٻيلهه ڪڍڻ“، معنى
پهرئين هر کان پوءِ وري زمين کي ٻيو هر ڏيڻ. ڪهڙي نه نهوَر زمين هجي پر جيڪڏهين
ڪنهن هاري ان جا لاهه ڪڍيا ۽ جهنگ وڍي ساڙي صاف ڪيو، ۽ اڏيون، نائڪا ۽ نيکام ٺاهي
ان کي پاڻي ڏئي رجايو ته اها زمين هرن لاءِ تيار ٿيندي؛ ۽ جيڪڏهين ان کي هڪ هر بعد
ٻيو هر ڏنائين، ته ڄڻ ان کي ”کيڙي ٻيلي“ کـُپ ڪيائين. اهڙي استاد هاريءَ کي ان
زمين جي لاءِ چاڙهه ۽ سـَنڌي، سيڙهي جي سڄي سربستي خبر پئجي ويندي، ڇو ته ان کي
کيڙيو ٻيلو اٿس ۽ هو ان جي جاٽ جاٽ ۽ اوڙ اوڙ کان واقف آهي. شاعرن به پنهنجي فطري
ذهانت، بيان جي قوت ۽ شاعرانه حڪمت سان ڪائنات جي رازن نيازن کي ڳولي ڳڻي ڳايو
آهي، انسان جي جذبن ۽ احساسن کي اٿلايو پٿلايو آهي، ۽ قادر جي قدرت کي واکاڻيو ۽
ووڙيو آهي؛ پر ٻٻر سونهيرو ٿو چوي ته: اي خالق! انهيءَ هوندي به جملي جهان جا شاعر
اڃا تائين تنهنجي وحدت، حڪمت ۽ قدرت کي کيڙي ٻيلي نه سگهيا آهن يعني ته ان جي حد
ڪـَٿي نه سگهيا آهن. بيشڪ ٻٻر سونهيري جا اهي سادا الفاظ وڏي معنى وارا آهن. ڀٽائي
صاحب جهڙو سالڪ به چئي ويو آهي ته: ”لڇان ٿي لاحد ۾، هادي! لهان نه حد“؛ ۽ پڻ
”خالق! تنهنجي کاند جو پرو ڪونه پيو“. ان واحد جي وڏائي ۽ قادر جي بي انت قدرت جي
يقين، سنڌ جي سورهيه ۽ موحد فقير عبدالرحيم گرهوڙيءَ کان بي اختيار هي بند چوايا
ته:
جوڳو
عبادت جو ڪونهي رب سوا،
ڪنهن
کي روا ناه ڪا پرور ريءَ پوڄا،
ڪهڙو
ڪم مخلوق سين جو پاڻ محتاجا،
سدا
ڪم ڪريم سين، جنهن جوڙيا جهانا،
جي
وڃي ڪو مخلوق ڏي ته پڻ خالق لاءِ،
’نافع‘
نالو سڄڻين، ’صمد‘ سبحانا.
گرهوڙي
صاحب اهي بند ”توحيد“ جي سمجهاڻي ۾ چيا آهن ۽ صاف سنڌي ٻوليءَ ۾ فصاحت ۽ بلاغت جو
هڪ نادر نمونو آهن. ”سدا ڪم ڪريم سين“ وارو فقرو، سنڌ وارن جي پنهنجي مولى سان
محبت، پنهنجي واليءَ ۾ ويساهه ۽ مٿس توڪل جو بهترين اظهار آهي. پر منهنجا سڄڻ!
سمجهه ته خالي توڪل مردن جو شيوو نه آهي. سنڌ جا سورهيه سعيي ساڻ پنهنجا ڪم سائين
کي سـُپاريندا آهن. سنڌ جي جوان مردن جو هيءُ قول آهي ته ”اسان کي دشمن سان مقابلي
ڪرڻ لاءِ ڪمر ڪشڻ گهرجي، پوءِ جيڪي ڪندو الله!“. ڄاڻ ته سنڌ جا مٿير مرد جڏهين مڙس
ٿي منهن ڏيندا آهن تڏهين چوندا آهن ته ”ادا! جيڪي ڪندو الله“، يا ”پوءِ جيڪي ڪري
الله“. چوندا ته مڙسن جو ڪم آهي منهن ڏيڻ باقي ”سوڀون وس صاحب جي، جنهن کي ڏاتر
ڏياري“.
منهنجا
ساڃاءِ وارا سڄڻ! اسان مٿي ”توحيد“ بابت عبدالرحيم فقير گرهوڙيءَ جا بند نقل ڪيا؛
جئن ته هيٺين بندن ۾ گرهوڙي صاحب الله تعالى جي وجود ۽ وحدانيت جي تفصيلي سمجهاڻي
ڏني آهي، اسان اهي به تنهنجي فائدي خاطر نقل ڪريون ٿا. ڄاڻ ته ميين عبدالرحيم کي
صاف سنڌي ٻوليءَ جو ملڪو آهي؛ ”مـَلڪي“ جي معنى اهڙي هڪ اندروني ۽ نفسياتي قوت
جنهن جي ڪري ڪنهن شي سان خاص مناسبت پيدا ٿي پوي. ڄاڻ ته گرهوڙيءَ صاحب توحيد توڙي
ٻين ڳوڙهن مسئلن کي جنهن سادي ۽ صاف زبان، روزمره جي مضبوط محاورن ۽ مختصر مگر پُر
معنى لفظن ۾ بيان ڪيو آهي سو بيان کان ٻاهر آهي. ڏس ته الله تعالى جي وجود ۽
وحدانيت کي ڪئن ٿو وهڃائي ۽ ورجائي ته:
الله
آهي هيڪڙو جو مـُور مڙني جو،
”لا“
نه لڀي منجهس آهي ”اِلاّ هو“،
سڃاڻڻ
۾ تنهن سندي، عقل عاجز هوءِ،
”آهي“
چئبو ان کي، پڙهيي ڪل نه پوءِ،
پاڪ
طرح ۽ طرف کان قادر جنس نه ڪوءِ،
هيڏو،
ههڙو، هيترو، نڪي سڱيڻو سوءِ،
سڀڪا
صورت جوڙ تنهين، پاڻ پراهون هوءِ،
سڀن
ڌاران تنهن سـَري، ان ري سـَري نه ڪوءِ،
مٿس
واجب ناه ڪـِي، جڳ تي واجب سو،
ان
ري صورت نه ٿئي، صورت ري سو هوءِ،
”وَ اللهُ الغـَنـِي و اَنتـُم الفـَقراءُ“ صاحب ’صمد‘
ٿيوءِ،
جدا
ڪين جهان کان، نڪي لڳو ٽوءِ،
منجهه
نه چئبو مون ڌڻي، ٻاهر ٻجهه ۾ سوء،
نڪي
آڳاهون هيڪڙين، ٻين کي اوڏوءِ،
واحد
پاڪ ورڇ کؤن، جئن هوءِ ذرو ذروءِ،
سڀئي
ذرا تنهن خلقيا، پاڻ نه هوءِ ذروءِ،
پر
علم قدر اهڙي، جئن ههڙو جڳ جوڙيو!
جيڪي
تنهن ري پوڄجي سو سڀ پاپ ٿيوءِ،
توڻي
اڀين ٿوڪ سو، توڻي ڀـُونءِ تي هوءِ،
سڀني
ڪم ڪريم سين، ٻئي سين ڪم نه ڪوءِ،
”اِنِ
الحـُکمُ الاّ للهِ“ پڙهي پـَرُوجهو،
جنين
ٻيءَ پـَرِ ڀانئيو تنين اکِ ڦـُلو،
لا
مـَڪانِي- ”لا“ ٿيو جي پڇين مڪانو،
”کـُل
الـَينا راجـِعـُونَ“ صحي سـِکي سمجهو،
”قُل
اِنّ الامَرکُلہُ للهِ“ ٻُجهو جي نه ٻُجهو،
ٻي
ريءَ سـَري سڀني، واجب واحد هوءِ،
جنهن
ريءَ سَري نه جڳ کي پَهر نڪو پلڪو،
سو
در سوجهڻ سور ٿيو جو وڃڻ وڃي ويندو،
ڏوريو
در ڏاتر جو، جو آهي ۽ هوندو.
سڄڻ!
سمجهه ته ”مور مڙني جو“ معنى ”منڍ مڙني جو“- يعني ته الله پاڪ جي هستي ٻي ڪل
ڪائنات جو سرچشمو آهي. ”مور“ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ”مول“ آهي، ۽ پوءِ ”ل“ مٽجي ”ر“ ٿيو
آهي. ”مول“ معنى اصل، بنياد يا منڍ. شهر ملتان جو اصل نالو به ”مول آسٿان“ (= مولتان = ملتان) آهي يعني اصلي آستان يا آستانن جو بنياد. جئن ته ملتان ۾
قديم زماني کان سج جي پوڄا جو هڪ وڏو مندر هو، انهيءَ ڪري ئي ان کي سڀني پوتر
آستانن جو منڍ ڪري ليکيائون. پئسن جي ”مور“ واري رقم جي معنى به آهي منڍ واري،
يعني اها رقم جا شروع طور ڪنهن ڪم يا ڌنڌي تي خرچ ڪجي. کٽيو يا نقصان ان شروع واري
رقم يعني مور تي ئي ٻڌبو. شڪي حالت ۾ چوندا ته ”ادا جي مور مليو ته لک ٿيو“.
شاعر سانوڻ به انهيءَ ساڳيءَ معنى ۾ چيو آهي ته ”گهڻو کٽيو گهوريو، ماڳهئين وڃي نه
مور“. چوندا ته ”مور ۾ سور نه پوي“، ”مور ۾ سور نه وجهه“ يا ”مور ۾ سور ڪو نه وجهندس“. سنڌيءَ جي عام
اصطلاح ”آءٌ مور ڪو نه ڪندس (يا ويندس، ڏيندس وغيره) جي پڻ معنى ٿيندي ته ”آءٌ اصل
ئي ڪو نه
ڪندس؛ آءٌ منڍئون ڪو نه
ڪندس؛ يا آءٌ ڌرئون ڪو نه
ڪندس“. ”لا“ نه لڀي منجهس يعني ته الله پاڪ جي هستي ۾ نفي يا نيستي جو ذرو به
ڪونهي، ڇاڪاڻ ته هو ”اِلاهو“ آهي يعني ته سندس ذات هميشه اثبات آهي. ”پڙهيي ڪل نه پوءِ“
يعني ته محض اکري علم سان الاهي حقيقت جي پروڙ ڪانه پوندي. ”طرح، ”طرف“ ۽ ”جنس“
کان قادر مطلق پاڪ آهي، يعني ته صورت، مڪان ۽ جنس کان اتم ۽ اعلى آهي. ”والله
الغني و انتم الفقرا“ يعني ته الله تعالى بي نياز آهي ۽ اوهين بندا ڏانهس محتاج
آهيو. ”لڳوٽو“ يعني لڳل، لاڳاپيل يا ڳنڍيل. ”اِنِ الحـُکم اِلاّ لله“ يعني ته حڪم
۽ اختيار جو صاحب صرف الله تعالى ئي آهي. مڪان جي لحاظ کان هو لامڪان آهي. ڌڻي
تعالى جو قول آهي ته ”ڪـُل اِلـَينا راجعون“ يعني ته سڀ مخلوق بالآخر اسان ڏانهن
موٽندي. ”قـُل اِنّ الامرَ کـُلہَ ِلله“ يعني ته هر ڪم ۽ نتيجي جو، هر امر ۽
اختيار جو ڪلي طور مالڪ اهو مولى آهي. ”سو در سوجهڻ سور ٿيو، جو وڃڻ وڃي ويندو“
يعني ته جيڪي ڪجهه گهرجي سو هڪ ڌڻيءَ جي دران ئي گهرجي، باقي ٻيو در جيڪو به اوس
فنا ٿي ويندو، ان جو ارادو ڪرڻ ئي ڄڻ اجايو سور سهڻ آهي. ”سوجهڻ فعل متعدي آهي ۽
”سـُجهڻ“ لازمي آهي، جئن کولڻ ۽ کلڻ. ”سوجهڻ“ يعني ڪنهن شي کي خيال ۾ آڻڻ يا ان جو
ارادو ڪرڻ يا ان جو گهورو ٿيڻ.
منهنجا
ڍولڻ! ڄاڻ ته خوشيءَ ۾ توڙي ڏک ۾ سنڌ وارن پنهنجي مولى کي نه وساريو آهي. هڪ معنى
۾ عشق ۽ محبت جهڙي ٻي خوشي ۽ خوراڪ ڪانهي ۽ دل گهرئي دوست جي ملڻ جهڙي ٻي نعمت
ڪانهي. سنڌ وارن انهيءَ نعمت جي نصيب ٿيڻ جو مدار به پنهنجي مولى تي رکيو آهي:
چوندا آهن ته ”يار ڏي مولى وارث آهي الله“. وڇڙيل دوست کي به چوندا ته ”الله
آڻيندو“. ڄام دوست علي جوکيي هڪ بيت ۾ چيو آهي ته:
دلبر!
دوست علي چوءِ، آڻيندءِ الله،
مون
سوين سکائون ڪيون لعلڻ توهي لاءِ،
ساجن!
سڪ سندياءِ، مون کي ڪالهوڻيان اڄ گهڻي.
”چوءِ“
يعني ”چوي“- اهو ملير ۽ ساڪري جي خاص محاوري جو لفظ آهي. ڀٽائي صاحب به وصل جي
وائي واريندي چيو آهي ته: ”الله! اچن اوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي“؛ ۽ پڻ ”الله!
اوتاري، منڌ ماروء جي ميڙئين“.
ڄاڻ ته درد ۽ ايذاء ۾ پڻ سنڌ وارا الله کي ئي ٻاڏائيندا.
ايذاء وقت ”الاڙي“ چوڻ سنڌ وارن جو تڪيو ڪلام آهي. ”الاڙي“ معنى ”الله! ڙي“ يعني
”اي الله“، ”يا الله!“ صدين کان وٺي ”الله“ جو نالو سنڌ وارن جو تڪيو ڪلام ۽ زبان
زد عام بنجي ويو آهي. ايذاء وقت ”الله“ جي سڄي نالي اچارڻ بدران ”الا“ جو اچارجڻ
فطري آهي؛ انهيءَ ڪري درد ۽ تڪليف وقت ”الله!“- يعني اي الله!- جو مخفف ”الا“ عام
رائج ٿي ويو آهي. ڀٽائي صاحب چيو آهي ته: ”اَلا! ائين مَ هوءِ- جئن آءٌ مران بند
۾“ يعني اي الله پاڪ! شل ائين نه ٿئي جو آءٌ هڪ قيدي جي حالت ۾ دم ڏيان؛ ”الا!
ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن“ معنى اي الله سائين! آءٌ ڏاهپ وارو نه ٿيان ڇو ته
ڏاهپ واريون ڏک ڏسنديون آهن. مطلب ته ”الا“ تڪليف جي وقت وارو سڏ آهي ۽ ”الله!“ جو
مخفف آهي. ”اَلاڙي“ خاص طرح درد ۽ ايذاءَ واري دانهن آهي. سسئي جي زباني ”سانوڻ“
جو بيت آهي ته:
درد
بنا دانهن نه ڪري ”الاڙي! الا“،
ڪانڌ
مون کي ڪهي ويو ڪري ڪربلا،
اٺ
تي آريءَ ڄام جا اٿارياءٌ اَوَلا،
آريءَ
جي اٺن کي ڏينديس وندر منجهه وَلا،
هاڙهي
وندر وچ ۾ ڏنم ويهه وَلا،
سورن
جا سائين!- مون آهن ٿـَڪيءَ تي ٿلا،
سورن
جا سائين!- مون آهن ٻانهيءَ تي ٻيلا،
پر
سورن جا، سانوڻ چئي، اڄ آهن ڪوڙا ڪؤنسلا،
اهي
حسن حوصلا، منهنجا پنهون نيا پاڻ سان.
ڌڻي
شال راضي ٿي پنهنجي بندن سان سڀ سور ۽ درد دفعي ڪري ۽ کين پنهنجي نعمتن ۽ نوازشن
سان مالامال ڪري. منهنجا سڄڻ! ڄاڻ ته رب جي رضامندي جهڙو ٻيو ڪو سرمايو ڪونهي. رب
راضي هجي ته بندي جي بلنديءَ جي ڪا حد ئي ڪانهي. ڳجهارت ۾ آهي ته ”الله ذات آهي،
نوڪر اٿس ئي ڪو نه،
پر جي نالو ٿئي“ (ذات = ڏيٿو، نوڪر = ڪمي، نالو = راضي) يعني ”الله ڏئي ٿو، ڪمي اٿس ئي ڪانه،
پر جي راضي ٿئي.“
(ٽماھي مھراڻ، ۱۹۵۶/۳، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد تان ٿورن سان کنيل)
No comments:
Post a Comment