Wednesday, August 29, 2018

ٻوليءَ جو ٻنڌيج - الحاج ولي محمد طاهرزادو


ٻوليءَ جو ٻنڌيج
الحاج ولي محمد طاهرزادو
لغت عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو مطلب آهي: زبان کان نڪتل اکر ۽ لفظ، جيڪي سمجهيا وڃن ۽ سمجهه ۾ اچن، ڳالهائجن يا ڳالهايا ويا هجن.
سنڌي ڀرپور ٻولي هئي، جا پوءِ گاڏڙ ساڏڙ ٿي وئي. هيٺ ڏيکاريل لفظن مان توهان کي ان جي پوري پڪ پوندي.

حاضر جوابي - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حاضر جوابي
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

(حاضر جوابي هڪ خدائي ڏات آهي، جيڪا هر ڪنهن کي نه ملندي آهي، حاضر جواب ماڻهوءَ جي ڳالهائڻ ۾ ڏاهپ جا ڪيترا ئي نڪتا هوندا آهن. حاضر جوابي گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾، صبح جي هير جي جهوٽي جيان آهي. چرچي ۽ حاضر جوابيءَ ۾ اڻلکو فرق آهي. حاضر جوابيءَ ۾ ڪنهن جي دل نه رنجائبي آهي. بلڪ سڀني جو روح راضي ڪبو آهي. سنڌ جي ماڻهن ۾ به اها خدائي ڏات موجود آهي. – ادارو)

عورتاڻي سماج جا پهاڪا



پهاڪي جي معنيٰ آهي ڏاهپ جو قول، سياڻپ، دانائي يا ڪنهن واقعي جو ٿورن لفظن ۾ اشارو:
”پهاڪو“ ٿورن لفظن ۾ گهڻي ڳالهه چوڻ جو فن آهي، اهي ڪنهن چيا؟ ڪڏهن چيا؟ ان جي ڪا به سُڌ نه آهي. انهن پهاڪن جي ٻوليءَ، ڪردارن، واقعن سان ڪنهن دور جو تعين ممڪن ٿي سگهي ٿو، پر گهڻي ڀاڱي اُهو هڪ ڏکيو مرحلو آهي.

Friday, August 24, 2018

جديد ڊڪشنري - ۲ - هالار اترادي


جديد ڊڪشنري - ۲
هالار اترادي
1.      آبپاشي انجنيئر: ريج جي پاڻيءَ جو واپاري.
2.      اجي جديجا: پيار لاءِ پاڳل
3.      اخبار: ڌاڙيلن جو خبرنامو.
4.      اخبار: هاءِ بلڊ پريشر جو ڪيپسول، جيڪو اکين سان کائڻو پوندو آهي.
5.      اداڪار: بک تي به خوش رهڻ واري سڃي مخلوق
6.      اداڪارائون: سفارش جا بنڊل
7.      اداڪاره: ڪپڙن جي لنڊا بازار.
8.      اسڪول: دولت ڪمائڻ جو نسخو.
9.      اسيمبلي ميمبر: اليڪشن کانپوءِ روپوش.
10.     اسيمبلي هائوس: چونڊيل نمائندن جو آکاڙو.

فيس بوڪ ذريعي ڪٺا ٿيل پھاڪا ۽ چوڻيون - سارنگ انصاري


فيس بوڪ ذريعي ڪٺا ٿيل پھاڪا ۽ چوڻيون
سھيڙ؛ سارنگ انصاري امريڪا (سال ۲۰۱۱ع)
سال ۲۰۱۱ع ۾ سارنگ انصاري صاحب، فيس بوڪ تي سنگت کي دعوت ڏئي، سنڌي پھاڪن ۽ چوڻين ڪٺي ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ھيو. جن دوستن کيس پھاڪا يا چوڻيون فيس بوڪ ذريعي موڪليا، سي ھن صاھب سندن نالن سان وچور منجھ داخل ڪيا. اھا وچور پي ڊي ايف فارميٽ ۾ فيس بوڪ تي پڻ ونڊيائين. اھا وچور يا نام-مالھا، ڦرندي گھرندي، ھر ھڪ وٽ پھتي. جيڪا مون سان پڻ شيئر ڪئي وئي.
اھا ان وقت ته ڊائون لوڊ ڪري رکي ھئي، انتظار ھيو ته ان سلسلي ۾ اڃا ٻيا پھاڪا يا چوڻيون ڪٺيون ٿين. خبر ناھي اھو سلسلو تنھن سال ئي بند ٿي ويو. ھاڻي فيس بوڪ تي انھن دوستن سان وري مکاميلو نه ٿيو آھي.
بھرحال منجھس مزيد واڌاري جي اميد نه سمجھندي، ايتري تي ئي اڪتفا ڪندي،  ٽيڪسٽ فارميٽ ۾ سنگت سان شيئر ڪجن ٿا.
اصل مسودي ۾ ھر ھڪ چوڻي يا پھاڪي سان، موڪليندڙ جو نالو لڳل آھي. اھو تڏھن ته، ڪٺي ڪرڻ جي لحاظ کان شامل ڪرڻ، وقت جي تقاضا ھيو. ھاڻي اھي نالا، ساڻ ساڻ ڇپڻ سان ڪو فائدو ناھي، جو ھر ھڪ کي انبن کائڻ سان مطلب آھي، ککڙين ڳڻڻ سان نه. ڪوشش ڪجي ٿي ته اھو پي ڊي ايف وارو مسودو به ساڻ ساڻ ھتي شيئر ڪجي ته جيئن رڪارڊ تي به رھي ۽ اھا نالي نه ڇپجڻ واري حسرت به نه رھي.

Thursday, August 23, 2018

جنهن جي بازي سر، ٽمڪو بھراڻي ان جي ڀر - اسحاق مڱريو


جنهن جي بازي سر، ٽمڪو بھراڻي ان جي ڀر. (پھاڪو)
اسحاق مڱريو
ڪنڌڪوٽ واري پاسي هڪ ماڻهو هو ٽمڪو نالي وارو، ان لاءِ مشهور هوندو هو ته خبر ناهي اهو ڪهڙي ڌر سان گڏ آهي. ٻهراڙين ۾ گهوڙن جي ڊوڙ هجي يا وري ڏاندن جا مقابلا هجن، هوٽلون يا اوطاقون انهن جي تبصرن ۾ گم هونديون هيون. ڪهڙي ڌر ڪيتري مضبوط آهي؟ انهيءَ علائقي ۾ سياسي ماڻهن جي مقابلن تي اهڙا تبصرا پيا ٿيندا آهن.
سو اهڙن تبصرن ڪرڻ وارن ۾ گهڻو تيز هوندو هو ٽمڪو بھراڻي.

سنڌي ۽ غير سنڌي پهاڪا- هڪجهڙائي - گنگا رام سمراٽ


سنڌي ۽ غير سنڌي پهاڪا- هڪجهڙائي

گنگا رام سمراٽ
هر هڪ ديش ۾ جدا جدا پرانتڪ ٻوليون هونديون آهن پر مڙني ۾ مول سمانتا (هڪجهڙائي) ضرور هوندي آهي. ڀارت ۾ به ائين آھي. ٻولي يا ٻولين ۾ پهاڪن جو به مکيه حصو آهي، جنهن جي اڀياس سان ڄاڻ پوي ٿي ته ديش جي ويچار ڌارا ڪيترو سمان آهي. نه ته ائين ڇو ٿئي جو جيڪو پهاڪو سنڌ ۾ سو بينگال ۾، جيڪو سنڌيءَ ۾ سو دڪن ۾ ته گجراتي، راجسٿاني ۽ ڪشميريءَ ۾ ڪيئن؟ ۽ اها ڳالھ سڄي سنسار ۾ سمان آهي. اگر مول ۾ سمانتا ڪانهي ته هيءَ وڻ جي ڦلن ۾ ڇو؟ اڄ جي ڀاشا شاستر جو مول تت آهي ته وڻ انب جو پر ان ۾ ڦل زيتون جو پسون! جا ڳالھ بلڪل غلط آهي. اگر وڻ مول کان انب جو آهي ته ان جو ڦل فقط انب ئي ٿيندو، اهو قدرت جو صاف ۽ شڌ نيم آهي.

سنڌي ٻوليءَ جا ڪجھ مشھور محاورا - بختيار يو عقيلي


سنڌي ٻوليءَ جا ڪجھ مشھور محاورا
بختيار يو عقيلي

1.     ابل واري؛ هڪڙي لنگهي، ٻي نهاري.
2.     اٽو! جي گهوٻاٽو۔
3.     اٺ اٿي نه، ڀاڙو ڀري ڏي۔
4.     اٺ جو؛ جيڏانهن ڪنڌ، اوڏانهن پنڌ.
5.     اڃا ڄائي نه آهي ناني، هيئنر نانيءَ منهانڊي.
6.     اڃا سنڌ گدڙن نه کاڌي آ.
7.     اڇي ڏاڙھي، اٽو خراب.

Saturday, August 18, 2018

پرولي ۽ ڳجهارت جو مختصر تحقيقي مطالعو - ممتاز سراج عباسي


پرولي ۽ ڳجهارت جو مختصر تحقيقي مطالعو
ممتاز سراج عباسي


لوڪ ادب جي وصف: لوڪ ادب معنيٰ، عوام جو ادب، لوڪ جو ادب، ملڪ جو ادب، (سنسڪرت ’لوڪ‘= ماڻهو) لوڪ کي انگريزيءَ ۾ فوڪ ((Folk ۽ جرمن زبان ۾ (ووڪ VOLK) چون. سنڌيءَ ۾ لوڪ، انگريزي ۾ ’فوڪ‘ ۽ جرمن زبان ۾ ”ووڪ“ مان اهو اندازو لڳائڻ غلط ٿيندو ته اسان جو سنڌي لفظ ”لوڪ“ به ساڳئي ”فوڪ“ ۽ ”ووڪ“ جي ڪُل سان آهي، اها هڪ اتفاقي مناسبت آهي. لوڪ لفظ گهڻو آڳاٽو آهي. انگريزيءَ جو فوڪ لور (Folk lore) گهڻو پوءِ وليم جان ٿامس سنه ۱۹۴۷ع ۾ متعارف ڪيو.

سنڌي پهاڪن، اصطلاحن ۽ محاورن جو تاريخي اڀياس - ناسف علي شيراز


سنڌي پهاڪن، اصطلاحن ۽ محاورن جو تاريخي اڀياس
ناسف علي شيراز 
سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون (Sindhi Proverbs):
دنيا جي ڪنهن به قوم جي ادبي سرمايي جي سونهن ۽ سينگار، ان جي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ پهاڪا، ورجيسيون، اصطلاح، ڳجهارتون، ۽ تشبيهون آهن. اهي سڀ صنفون ٻوليءَ کي خوبصورت ۽ وڻندڙ بنائين ٿيون. جنهن سان ان  قوم جي سماجي، ثقافتي، نفسياتي، تهذيبي ۽ تاريخي پس منظر جو مشاهدو آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب ۾ انهن جو استعمال ٻوليءَ کي شاهوڪار ۽ ممتاز بنائي ٿو. سنڌي ثقافت به انهن صنفن کان محروم ناهي. اهي صنفون صدين کان اسان جي ادب ۽ ٻوليءَ جو حصو آهن. انهن ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون ٻوليءَ جي زيب ۽ زينت آهن، جن جي استعمال سان ٻولي وڌيڪ دلپذير، سلوڻي ۽ سوادي لڳي ٿي. ان کان علاوه، انهن جي استعمال سان نثر ۽ نظم ۾ وڌيڪ اثر پيدا ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي آڳاٽي لکيل نثر ۾ گهڻو ميٺاڄ ۽ سوادي آهي، جنهن ۾ جا بجا پهاڪن ۽ چوڻين جا اڪيچار مثال نظر ايندا.

سنڌي پهاڪا - علي نواز وفائي


سنڌي پهاڪا

علي نواز وفائي
دنيا جي هر هڪ ملڪ جو لوڪ ادب بلڪل مختلف ۽ جدا جدا هوندو آهي، ۽ انهي لوڪ ادب جي نصيحتن ڀرين نتڪن ۾ اهي راز ۽ رمزون سمايل هونديون آهن، جن کي جيڪڏهن ٿورو غور ۽ فڪر، سمجھ ۽ سوچ سان پروڙڻ جي پچار ڪبي ته ڪيئي نصيحت ڀريا نڪتا نڪري نروار ٿيندا نظر ايندا رهندا آهن.

Tuesday, August 14, 2018

جواني، ٻار ۽ ٻُڍي جي وچ واري وهي - مٺل جسڪاڻي


جواني، ٻار ۽ ٻُڍي جي وچ واري وهي
مٺل جسڪاڻي
جواني ديواني آهي. جوانيءَ ۾ ماڻهو انڌ جي گهوڙي تي چڙهيل هوندو آهي. جوانيءَ جي نشي ۾ اک ڪڪڙي ۽ مُڇن کي تاءَ هوندو آهي. جوانيءَ ۾ ٻانهن جي ٻل سبب، کٽئي ۽ ڇيهي جي خبر نه پوندي آهي.... ۽ اهڙا انيڪ عام رواجي جملا، چوڻيون، پهاڪا، پروليون، ڏور، بيت... الاءِ ته ڇا ڇا پاڻ سڀني ٻُڌو ۽ پڙهيو آهي، شايد ان ڪري ئي هر آئي ڏينهن نوجوانن جي ڪردار تي بحث ڪرڻ، نوجوانن جي مسئلن تي روشني وجهڻ، کين ڏس ۽ ڏانءُ ڏئي، گس تي چاڙهڻ جي ضرورت پئي محسوس ٿيندي آهي!؟....

ڏُکارو منطق - ولي رام ولڀ


ڏُکارو منطق
گابريل لائوب
سنڌيڪار: ولي رام ولڀ
ايفورِزم (Aphorism) هڪ مختصر پر جامع جملي کي چئبو آهي، جيڪو مثال ڏئي، ڀيٽ ڪرڻ جي ذريعي يا ڪنهن شيءِ جي خلاف اظهار راءِ سان پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري. ايفورزم جي لفظي معنيٰ آهي مختصر، اڻپورو ۽ زوردار. يوناني فيلسوف هيپوڪراٽس کي انهيءَ صنف جو مهندار ڪوٺيو ويندو آهي. جرمن ادب ۾ گوئٽي ۽ فيلسوف شوپنهار ۽ نيچي (نطشي) انهيءَ صنف کي ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو آهي. سهيوڳي اديبن ۾ خاص ڪري گابريل لائوب انهيءَ صنف تي ڪم ڪيو آهي. لائوب ۱۹۲۸ع ۾ چيڪو سلاواڪيا جي اُن حصي ۾ پيدا ٿيو، جتي جرمن زبان ڳالهائي وڃي ٿي. تعليم پراگ ۾ حاصل ڪيائين ۽ اُتي ئي صحافي ۽ اديب جي حيثيت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. ۱۹۲۸ع ۾ جڏهن چيڪو سلاواڪيا ۾ روسي فوجون گهڙي آيون ته هو مغربي جرمنيءَ هليو ويو. ”ڏکارو منطق“ جي عنوان سان هن ايفورزم جو هڪ مجموعو شايع ڪيو هو. هيٺيون مواد اُنهيءَ مان چونڊيو ويو آهي- سنڌيڪار.

گھرن اندر ٻڌل پھاڪا ۽ چوڻيون


گھرن اندر ٻڌل پھاڪا ۽ چوڻيون
Pahaka Ain Chavryun
We often heard at home
ھيءُ مضمون نيٽ تان کنيل آھي، جيڪو انگريزي زبان ۾ لکيل ھيو. ليکڪ پنھنجو نالو منجھس شامل نه ڪيو ھيو، سو ھتي به بنا نالي جي پيش ڪجي ٿو. منجھس ڄاڻ جا نقطا سمايل آھن، جيڪي ھيٺ ڏنل سنڌي پھاڪن تي آڌاريل آھن.
۱. اٿئي ناڻو؛ ته ڏس لاڙڪاڻو.
۲. ٻار؛ مڇ جو وار.
۳. پنڻ کان پيھڻ ڀلو.
۴. پئسي بنا پرساد؛ ھرو نه ڏئي ھٿ ۾.
۵. ٺار ته ٺاريانءِ.
۶. جيڪي چلھ تي، سي دل تي.
۷. دال ۽ ڳالھ؛ جيڏي وڌاءِ تيڏي وڌي.
۸. ڌڪ ھڻ ڌيءُ کي ته سکي نونھن.
۹. سچ ته بيٺو نچ.
۱۰. ڪتو به ڪڙم ۾ سونھين.
۱۱. ڪري مٿان؛ ڪنھن جي ھٿان.
۱۲. گھر؛ گروءَ جو در.
۱۳. نه ڏي؛ نه ڏکوءِ.
۱۴. ونڊ ورھاءِ؛ سک پاءِ.

ٻولي ۽ پهاڪا - علي نواز وفائي


ٻولي ۽ پهاڪا

علي نواز وفائي
اسان جي سنڌي ٻولي ايتري ۽ ايڏي شاهوڪار آهي، جو ان کي دنيا جي ڪنهن به زبان سان ڀيٽي سگهجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ تي ڪافي تعداد ۾ محققانه مقالا ۽ مضمون، بلڪ ڪي ڪتاب لسانيات جي ماهرن ۽ پارکوئن لکيا آهن ۽ لکندا رهن ٿا. مگر افسوس جو اڄ ڏينهن تائين هن وطن جي زبان جي صحيح ۽ صاف، مفصل تاريخ تيار نه ڪئي ويئي آهي.

Sunday, August 12, 2018

ڪجھ سنڌي چوڻيون


ڪجھ سنڌي چوڻيون
۱. عامل، کٽل ڀي خان.
مطلب؛ ۱. کٽل آھيون ته به خان آھيون. ۲. نوڙي سڙي، وڪڙ نه وڃيس.
۲. اٺين پيڙھي اٺ جي، ماڪوڙو ماسات.
ٻنھي جون ڄنگھون ڊگھيون ۽ بيڊوليون آھن. ڪا ڪل ٻنھي جي سڌي ناھي. اگر اھي پاڻ ۾ مائٽ ۽ ھڪ ڪڙم جا سڏائيندا ته سندن مائٽ ھجڻ تي ھر ھڪ جو گمان ضرور ٿيندو.
مطلب: ۱. اٺين پيڙھي؛ اٺ ۽ ماڪوڙو ماسات.
۳. گنگا ويو ته ٿيو گنگاداس، جمنا ويو ته ٿيو جمناداس.
مطلب: ۱. جنھن جيڪا شيءِ ڏٺي آھي، سو ان جي تعريف ۾ پورو آھي. ۲. ھر ڪو پنھنجي ڄاڻ ونڊڻ ۾ پورو آھي. ۲. ڪير ڪنھن جي ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي. ۳. ھر ڪو مان مان ۾ پورو آھي.

ڪير سونهين؛ ڪنهن سان


ڪير سونهين؛ ڪنهن سان!

(۱)
ميلو سونهين؛ ناڻي سان،
چاڪي سونهين؛ گهاڻي سان،
گهوڙو سونهين؛ داڻي سان،
صوبيدار سونهين؛ ٿاڻي سان.

نامناسب ۽ هاڃيڪار پهاڪن جو عام استعمال - صوفي سيد ثناءُ الله شاهه


نامناسب ۽ هاڃيڪار پهاڪن جو عام استعمال
صوفي سيد ثناءُ الله شاهه/ماتلي
اسان جي معاشري ۾ ڪجهه غير موزون ۽ نازيبا پهاڪا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، جيڪي اسان جي علم ۽ ادب جو حصو ته نه آهن، بلڪ جهالت جي هڪ ڪڙي آهي. مثلاً: ۱. ”الله حقئون به رکي ته ناحقئون به رکي. ۲. ”نياڻي آهي اڪ-کاڌي، مريو به وڃي، ڪير گهري ته ڏيئي ڇڏجي.“ يا وري ۳. مڙس ته ڦڏو، نه ته جڏو.

جوهي مکڻ موهي آهي - عزيز ڪنگراڻي


جوهي مکڻ موهي آهي!
عزيز ڪنگراڻي
ڪيئن مڃان مان؟
جوهي کنڀن کوهي آهي!
جنهن سان عشق جي نازڪ ڌاڳي،
جرڪي منهنجو جيءُ جڙيو آ،
قرب ڪڙيو آ،
جوهيءُ جي ئي ريتي آلي،
مست سنڌُوءُ جي ڇُلندڙ ڇولي،
منهنجي مٽي ڳوهي آهي!
جوهي مکڻ موهي آهي!