Saturday, August 18, 2018

سنڌي پهاڪن، اصطلاحن ۽ محاورن جو تاريخي اڀياس - ناسف علي شيراز


سنڌي پهاڪن، اصطلاحن ۽ محاورن جو تاريخي اڀياس
ناسف علي شيراز 
سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون (Sindhi Proverbs):
دنيا جي ڪنهن به قوم جي ادبي سرمايي جي سونهن ۽ سينگار، ان جي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ پهاڪا، ورجيسيون، اصطلاح، ڳجهارتون، ۽ تشبيهون آهن. اهي سڀ صنفون ٻوليءَ کي خوبصورت ۽ وڻندڙ بنائين ٿيون. جنهن سان ان  قوم جي سماجي، ثقافتي، نفسياتي، تهذيبي ۽ تاريخي پس منظر جو مشاهدو آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب ۾ انهن جو استعمال ٻوليءَ کي شاهوڪار ۽ ممتاز بنائي ٿو. سنڌي ثقافت به انهن صنفن کان محروم ناهي. اهي صنفون صدين کان اسان جي ادب ۽ ٻوليءَ جو حصو آهن. انهن ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون ٻوليءَ جي زيب ۽ زينت آهن، جن جي استعمال سان ٻولي وڌيڪ دلپذير، سلوڻي ۽ سوادي لڳي ٿي. ان کان علاوه، انهن جي استعمال سان نثر ۽ نظم ۾ وڌيڪ اثر پيدا ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي آڳاٽي لکيل نثر ۾ گهڻو ميٺاڄ ۽ سوادي آهي، جنهن ۾ جا بجا پهاڪن ۽ چوڻين جا اڪيچار مثال نظر ايندا.


موجوده دور ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ۽ محترم عبدالوهاب سهتي، سنڌي پهاڪن، چوڻين ۽ اصطلاحن جي مختلف پهلوئن بابت گهڻو ڪجهه پنهنجي ليکن ۾ لکيو آهي. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي پهاڪن متعلق بيان ڪندي لکي ٿو ته:
”پهاڪو لفظ جي اکري معنيٰ آهي، اهو نُڪتو يا گفتو، جنهن ۾ ڪو اونهو خيال يا ويچار سمايل هجي. عام ماڻهن جي روزاني جيوت ۾ اهو گفتو، صلاح يا هدايت طور ڪتب آڻجي ٿو، جنهن مان ٻين کي اڪثر صحيح واٽ تي هلڻ لاءِ اشارو مليل آهي(۱).“
سنڌي ٻوليءَ ۾ به پهاڪن ۽ چوڻين جو تمام گهڻو خزانو موجود آهي، جنهن جي اڃا تائين پوريءَ طرح کوجنا نه ڪئي ويئي آهي. اسان جي ملڪ جي ٻهراڙين ۾ اڃا به ڪيترائي اهڙا سگهڙ موجود آهن جن وٽ پهاڪن ۽ چوڻين جون زباني روايتون موجود آهن. اهڙي طرح مذهبي مواد ۾ پڻ پهاڪن ۽ چوڻين جو گهڻو ئي ذخيرو موجود آهي، جنهن جي اڃا تائين پوري طرح اپٽار ڪيل ناهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن ڇپجڻ جو سلسلو انگريز دور حڪومت ۾ شروع ٿيو، جنهن ۾ مختلف صنفن تي ڪتاب لکيا ويا جن ۾ پهاڪن ۽ محاورن جا مجموعا  پڻ گهڻي اهميت رکن ٿا. انهن مجموعن جو تفصيل وار ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
۱ - ديوان ڪوڙومل چندنمل کلناڻي (1916-1844ع):
سنڌي ڇپيل پهاڪن جو پهريون ڪتاب، سنڌ جي اوائلي نثرنگار، ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻي (1916-1844ع) جو لکيل آهي. هيءُ ڪتاب ”سنڌي پهاڪا“ جي نالي سان سنه 1889ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ اٽڪل ٻارنهن سو پهاڪا الف- ب وار ترتيب سان ڏنل آهن، جڏهن ته انهن پهاڪن جي سمجهاڻي ڏنل ناهي (۲). هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو سنه 1911ع ۾ حيدرآباد مان شايع ٿيو. هن ڪتاب جي هڪ ڪاپي ”آواز اخلاق- سنڌي پهاڪا“ جي نالي سان ڊاڪٽر دائودپوٽو لائبرري حيدرآباد ۾ جريان نمبر: 174 تي رکيل آهي، جنهن ۾ اَٺ سؤ پهاڪا ڏنل آهن. وهاب سهتي صاحب هن کي ٻيهر لکي انٽرنيٽ تي شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب تي سال وغيره لکيل ڪونهي. راقم جو خيال آهي ته هيءُ ساڳيو ڪتاب آهي جيڪو سنه 1889ع ۾ شايع ٿيو.
۲ - روچيرام گاجومل ڪرپالاڻي (ديهانت: 1905ع کان پوءِ):
ڪوڙيمل جي ڪتاب کان پوءِ، سنڌي پهاڪن بابت ٻيو ڪتاب، روچيرام گاجومل ڪرپالاڻي (ديهانت: 1905ع کان پوءِ) جو لکيل آهي. هيءُ ڪتاب (A Hand book of Sindhi Proverbs, with English renderings and equivalent Sayings) جي نالي سان ڪراچي مان سنه 1895ع ۾ شايع ٿيو (۳). هيءُ ڪتاب، ٻن حصن ۾ ورڇيل آهي. پهرين حصي ۾ 489 سنڌي پهاڪا ۽ انهن جا هم معنيٰ انگريزي پهاڪا ڏنل آهن. ٻي حصي ۾ 320 پهاڪا ۽ انهن جي سمجهاڻي سنڌيءَ ۾ ڏنل آهي. انهن پهاڪن جا انگريزي متبادل مصنف کي شايد ملي نه سگهيا.
هن ڪتاب جا پوءِ مختلف سالن ۾ ٽي يا چار ڇاپا شايع ٿيا. ٻيو ڇاپو حيدرآباد سنڌ مان سنه 1921ع ۾، ۽ آخري ڇاپو سنه 1935ع ۾ شايع ٿيو (۴). مصنف هي ڪتاب سنه 1892ع ۾ لکڻ شروع ڪيو پر ڪن سببن جي ڪري ان کي مڪمل ڪرڻ ۾ کيس وڌيڪ عرصو لڳي ويو. هو لکي ٿو ته: ”هن ۾ صرف اهي پهاڪا شامل آهن، جيڪي عام واهپي ۾ آهن ۽ آسانيءَ سان سمجهي سگهجن ٿا. هن ڪمشنر پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ جي سپرينٽينڊنٽ مسٽر (T.C.W.Somerlatt) جا ٿورا مڃيا آهن. هن جو (electronic version) عبدالوهاب سهتي انٽرنيٽ تي رکيو آهي (۵).“
۳ - ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي (1879-1804ع):
ساڳئي وقت سنڌ جي هڪ ٻي اوائلي نثر لکندڙ ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي (1879-1804ع) پڻ پهاڪن جو ڪتاب ”گل شڪر“ جي نالي سان مرتب ڪيو. مصنف هي ڪتاب، ڪوڙيمل جي ڪتاب کان پهرين سنه 1869ع ۾ ترتيب ڏنو هو، پر ڪن سببن جي  ڪري شايع ٿي نه سگهيو. آخرڪار سنه 1905ع ۾ سنڌ تعليم کاتي ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو.
هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به گهڻي آهي جو هن ۾ سنڌي پهاڪن سان گڏو گڏ فارسي، عربي ۽ هندي هم معنيٰ پهاڪا ۽ انهن جي سمجهاڻي پڻ ڏنل آهي، جن جو ڪل تعداد 570 آهي (۶). هن ڪتاب جا پوءِ ڪيترائي ڇاپا سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيا (چوٿون ڇاپو: 1953ع، ستون ڇاپو: 1978ع).
سنڌي نثر جو هيءُ اهم ڪتاب نهايت سليس ۽ وڻندڙ ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. ڪيولرام سلامتراءِ جو ٻيو ڪتاب ”گل“ به لکيل آهي جنهن ۾ اخلاقي آکاڻيون ڏنل آهن ۽ آخر ۾ سمجهاڻيءَ سميت سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح، ”قند“ جي نالي سان ڏنل آهن (۷). هيءُ ڪتاب شايد 1871ع ۾ ۽ ان کان پوءِ سنه 1905ع ۽ سنه 1929ع ۾ پڻ شايع ٿيو. هن جو چوٿون ڇاپو سکر مان سنه 1916ع ۾ ۽ هڪ ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ سنه 1956ع ۾ شايع ڪيو.
۴ - ڀيرومل مهرچند آڏواڻي (1950-1875ع):
سنڌي پهاڪن جو چوٿون ڪتاب، نامياري سنڌي نثر نويس، ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ (1950-1875ع) جو ”پهاڪن جي پيڙهه“ نالي سان لکيل آهي. هي ڪتاب ڪشنچند وسڻمل حيدرآباد سنڌ مان سال 1917ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو (۸). مصنف هن ۾ هڪ سؤ ٻائيتاليهه سنڌي پهاڪن جي تاريخي اوسر (genesis) بابت سمجهاڻي ڏني آهي، هن ڪتاب جا ڪل 59 صفحا آهن (۹). ڀيرومل هن ڪتاب کان علاوه، سنڌي پهاڪن بابت هڪ ٻيو مفصل ڪتاب، ”گلقند“ جي نالي سان پڻ ترتيب ڏنو، جيڪو سنڌ مان سال 1926ع يا 1928ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ 912 سنڌي پهاڪا ۽ 1450 سنڌي اصطلاح ڏنل آهن. ان کان علاوه، مصنف ڪن پهاڪن جا متبادل انگريزي پهاڪا ۽ انهن جي سمجهاڻي به ڏني آهي (۱۰).
هيءُ ڪتاب، سنڌ ۾ گهڻو مشهور ٿيو، جنهن جو ٻيو ڇاپو مصنف خود ڪراچيءَ مان (1931 يا 1934ع) ۾ ۽ ٽيون ڇاپو سنه 1940ع ۾ شايع ڪيو (۱۱). ڊاڪٽر انورفگار هڪڙي، ڀيرومل جي ڪتابن جي لسٽ ڏني آهي، جنهن ۾ هن ڀيرومل جي پهاڪن متعلق هڪ ٻئي ڪتاب جي نشاندهي ڪئي آهي. هي ڪتاب، ”هندن جي جيوت پهاڪن مان پڌري“ جي نالي سان سال 1919ع جو ڇپيل آهي (۱۲). هن ڪتاب ۾ شايد ڀيرومل هندن جي رهڻي ڪهڻي جو مطالعو پهاڪن جي آڌار تي ڪيو آهي. ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ (ڀاڱو- 2) جي باب يارهين ۾ پهاڪن ۽ اصطلاحن جي اوسر بابت سمجهاڻي ڏني آهي. ان کان علاوه، اصطلاحن ۽ پهاڪن جي بنياد تي چڱو بحث ڪيو اٿس. هندي، سنسڪرت، سرائڪي، عربي ۽ انگريزي ٻولين مان جيڪي پهاڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا آهن، ڀيرومل تن جا پڻ مثال ڏنا آهن (۱۳).
۵ - مرزا قليچ بيگ (1929-1853ع):
سنڌي ساهت جي هڪ ٻئي نامياري ليکڪ، مرزا قليچ بيگ پڻ ”پهاڪن جي حڪمت“ نالي سان ڪتاب لکيو. هيءُ ڪتاب، حيدرآباد سنڌ مان سنه 1925ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جا 171 صفحا آهن. هن ڪتاب جو هڪ ٻيو ڇاپو سکر مان سنه 1927ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هيءُ ڪتاب، ٽن حصن ۾ ورڇيل آهي. پهرين حصي ۾ مشرقي ۽ مغربي ايشيا جي ملڪن جا پهاڪا ڏنل آهن. ٻئي حصي ۾ مغربي ملڪن جي پهاڪن کي شامل ڪيل آهي ۽ ٽيون حصو مذهبي ڪتابن ۾ ڏنل پهاڪن تي مشتمل آهي.
سنڌي پهاڪن سان گڏ، ٻين ٻولين ۾ ملندڙ پهاڪا پڻ الڳ سان ڏنل آهن. ان کان علاوه، مصنف چونڊ پهاڪن جو ترجمو ۽ ڇهه سو (600) سنڌي پهاڪا الف- بي وار ترتيب سان ڏنا آهن (۱۴).
مرزا صاحب، سنه 1912ع ۾ ”لطيفي لات: شاهه جي رسالي مان چونڊيل“ نالي ڪتاب لکيو، ان ۾ شاهه لطيف جي رسالي مان بيتن جون اهڙيون سٽون ڏنل آهن جيڪي سنڌ ۾ پهاڪن يا چوڻين طور رائج آهن. هيءُ ڪتاب، حيدرآباد سنڌ مان آتمارام ڪندن مل شايع ڪيو، جنهن جا 27 صفحا آهن (۱۵).
ويهين صدي عيسوي جي اوائل ۾ شڪارپور مان خوبچنداڻي اينڊ سنز، ”ماڊرن انگلش- سنڌي ڊڪشنري“ شايع ڪئي، جنهن ۾ ڊڪشنري جي مؤلفن انگريزي پهاڪن ۽ محاورن جا سنڌي هم معنيٰ پهاڪا ۽ محاورا ڏنا آهن. هن ڊڪشنري جو هڪ ڇاپو سال 1989ع ۾ شايع ٿيل آهي (۱۶). ساڳئي ڪوشش ثناء الله شيخ ڪئي. هن سکر سنڌ مان سال 1967ع ۾ ”دي مهراڻ انگلش- سنڌي ڊڪشنري“ شايع ڪئي، جنهن ۾ هن ننڍڙي روپ واريون چوڻيون، محاورا ۽ پهاڪا شامل ڪيا آهن. آڏواڻيءَ جو لکيل مقالو، رسالي سنڌ هسٽاريڪا سوسائٽي جي واليوم- 3، جي هڪ پرچي ۾(Some Sindhi Proverbs and their Connection with Sind history) جي نالي سان شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ اهڙا پهاڪا ڏنل آهن جن جو تعلق سنڌ جي تاريخ سان آهي (۱۷). عبدالحسين شاهه موسوي جي ڪتاب سڳنڌ (1959ع) ۾ ڏوهيڙن تي مشتمل پهاڪا ڏنل آهن.
پهاڪن جي کيتر ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو نالو پڻ اهميت جوڳو آهي. سنديلي صاحب جو پهاڪن بابت ڪتاب، ”پهاڪن جي پاڙ“ لاڙڪاڻي مان سنه 1966ع ۾ شايع ٿيو. هن ۾ مصنف پهاڪن جي اوسر بابت ويچار شامل ڪيا آهن. هن جو ڇاپو ٻيو سنه 1969ع ۾ ۽ ڇاپو- 3، 1970ع ۾ شايع ٿيو (۱۸). هن جو هڪ ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ وارن سال 1989ع ۾ ۽ پنجون ڇاپو سال 2006ع ۾ شايع ڪيو آهي (۱۹).
الهه بخش ٽالپر جو به پهاڪن جي اوسر بابت ڪتاب، ”پهاڪن جي پيڙهه“ لکيل آهي. هي ڪتاب آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس وارن حيدرآباد مان سنه 1969ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو (۲۰).
لاڙڪاڻي جي شمس الدين تنيو صاحب جو به پهاڪن بابت ڪتاب ڇپيل آهي. هيءُ ڪتاب، ”پهاڪن جي پروڙ“ نالي سان آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس وارن حيدرآباد مان سٺ واري ڏهاڪي ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو (۲۱). عبدالوهاب سهتي هن کي ٻيهر سڌاري انٽرنيٽ تي (برقي ڪتاب (electronic version = جي صورت ۾ شايع ڪيو آهي.
سيد يوسف دهلوي (1991-1907ع) جو مختلف ٻولين تي گڏيل مطالعو، ”مرقع اقوال و امثال: عربي، فارسي، اردو، سنڌي، پنجابي، پشتو“، سال 1994ع ۾ شايع ٿيل آهي (۲۲). هن مطالعي هيٺ مصنف مختلف ٻولين ۾ چيل هم معنيٰ وارا پهاڪا ۽ چوڻيون شامل ڪيون آهن، جن ۾ عربي، فارسي، اردو، سنڌي، پنجابي، ۽ پشتو ٻوليون شامل آهن. پهاڪن ۽ چوڻين جي تقابلي مطالعي لاءِ هيءُ ڪتاب، نهايت ڪارآمد آهي، جيڪو ڪراچيءَ مان انجمن ترقي اردو پاڪستان وارن شايع ڪيو آهي.
سنڌ جي سيلاني، محترم الطاف شيخ جو ڪتاب، ”رٺي آهي گهوٽ سان: پهاڪا ۽ چوڻيون“ نيو فيلڊس پبليڪيشن سنه 1996ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان شايع ڪيو (۲۳). مصنف جو هي مطالعو تمام گهڻو دلچسپ ۽ لسانيات جي ماهرن لاءِ اهميت جوڳو آهي. هن مطالعي هيٺ مصنف جن ملڪن جو سفر ۽ اتي جي رهڻي ڪهڻي جو مطالعو ڪيو آهي ۽ جيڪي پهاڪا ۽ چوڻيون اتان جون نوٽ ڪيون آهن تن جو سنڌي ترجمو ڏنل آهي. مثلاً، هن مطالعي هيٺ مصنف جپاني ۽ چيني ٻولين جي پهاڪن ۽ چوڻين جو سنڌي ترجمو ڏنو آهي. مصنف جو پهاڪن بابت هڪ ٻيو ڪتاب، 'Proverbs of far East' جي نالي سان لکيل آهي، پر ان متعلق وڌيڪ ڄاڻ ملي نه سگهي. محترم شمس الدين عرساڻي جو ڪتاب، ”سنڌي ورجيسي ٻولي: پهاڪن ۽ محاورن جو موضوع وار تشريحي خزانو“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو سنه 1997ع ۾ شايع ڪيو (۲۴). محترم ناظم چنه جو مرتب ڪيل ڪتاب ”پهاڪا ۽ پروليون“، توفيق احمد ولد نور احمد اداري مولوي محمد عظيم ڪتب خانه شڪارپور طرفان سال 1998ع ۾ شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ پهاڪا، چوڻيون ۽ انهن جي سمجهاڻي ڏنل آهي. سيد اظهر شاهه گيلاني شاهه جي رسالي ۾ موجود پهاڪن ۽ چوڻين وارين سٽن کي الڳ ڪري ڪتاب لکيو آهي. پهاڪن بابت اهو ڪتاب، ”شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون“ جي نالي سان مهراڻ اڪيڊمي سال 2004ع ۾ شايع ڪيو آهي. سنڌي لينگويج اٿارٽي، 2005ع ۾ شهيد سومري جو ڪتاب، ”ٻوليءَ سندا ٻول“ شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽن لفظن ۽ پهاڪن جي تشريح ڪيل آهي (۲۵). ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ڪتاب، ”سنڌي زبان جي ماهيت“ سال 2006ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جي باب ستين هيٺ، ڊاڪٽر جبار صاحب، ”پهاڪا، اصطلاح، چوڻيون ۽ ورجيسيون“ جي عنوان هيٺ معلومات فراهم ڪئي آهي (۲۶). ان کان علاوه، مختلف ٻولين جي پهاڪن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيڻ ۽ پهاڪن، اصطلاحن، چوڻين ۽ ورجيسين جي فرق کي مثالن ذريعي سمجهايو آهي. هيءُ ڪتاب، حيدرآباد مان سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ڇپايو آهي. سنڌ جي اديب محترم سليم ميمڻ جو مقالو، ”سنڌي زبان ۾ سرائڪي پهاڪا“ پهرين ڪراچي يونيورسٽي طرفان نڪرندڙ رسالي ڪلاچيءَ ۾ شايع ٿيو. ان کان پوءِ، محترم انورفگار هڪڙي جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”جيجل جي ٻولي“ ۾ شايع ٿيو آهي (۲۷).
موجوده دور ۾ محترم عبدالوهاب سهتي صاحب پهاڪن ۽ چوڻين بابت گهڻو ڪم ڪيو آهي. پاڻ جيتوڻيڪ پيشي جي لحاظ کان انجنيئر آهي، پر کيس سنڌي لوڪ ادب جي صنف، جهڙوڪ، پهاڪا، ورجيسيون، چوڻيون ۽ اصطلاح سان ڄڻ ته عشق آهي. هن، ان سلسلي ۾ مختلف هندن تان پهاڪن، ورجيسين، چوڻين ۽ اصطلاحن جو وڏو ذخيرو هٿ ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ کيس جيڪي به هٿ آيو آهي سو وقت به وقت ڇپائيندو رهيو آهي. سندس گهڻا مضمون رسالي ڪينجهر ۾ شايع ٿيل آهن. ان کان علاوه اهي سڀ مضمون اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پڻ موجود آهن. وهاب صاحب جو هڪ مضمون ”دهليءَ جي عورتن جون چوڻيون“ اصل ۾ بيگم شائسته اڪرام الله (2000-1915ع) جي لکيل مهاڳ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو پهريون دفعو ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ماهنامي نئون نياپو ۾ شايع ٿيو. هيءُ ترجمو، نهايت عام فهم زبان ۾ ڪيل آهي، جنهن ۾ دهليءَ جي عورتن جون دلچسپ ۽ طنزومزاح سان ڀريل چوڻيون ڏنل آهن. سهتي صاحب جو مقالو، ”اردو امثال جي تاريخ“ پڻ لکيل آهي، جيڪو طارق سعيد جي اردو مقالي جو سنڌي ترجمو آهي. هن ۾ اردو پهاڪن جي تاريخ تي بحث ڪيل آهي.
مختصر لفظن تي مشتمل پهاڪن ۽ چوڻين بابت سهتي صاحب جو مقالو، ”ٻه لفظي پهاڪا“ ماهوار رسالي ڪينجهر ۾ شايع ٿيو، جنهن کان پوءِ محترم عبدالوهاب سهتي هن کي ڪتابي صورت ۾ ”ننڍڙي روپ واريون چوڻيون ۽ پهاڪا“ جي نالي سان سال 2002ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان شايع  ڪيو آهي (۲۸). سندس ٻيو مقالو، ”آزاد استعمال روپ تي مشتمل پهاڪا“ به رسالي ڪينجهر ۾ شايع ٿيو. هن ۾ اهڙن پهاڪن کي گڏ ڪيو ويو آهي جيڪي وقت جي گذرڻ سان گڏ پنهنجو روپ به وقت جي گهرجن مطابق تبديل ڪندا رهن ٿا (۲۹). ان کان علاوه، سهتي صاحب، طب متعلق به پهاڪا ۽ چوڻيون گڏ ڪيا آهن، جيڪي ”طبي پهاڪا ۽ چوڻيون“ جي عنوان هيٺ سنڌي ساهت گهر طرفان نڪرندڙ رسالي ڪينجهر ۾ شايع ٿيل آهن. هن ۾ مصنف اهڙا پهاڪا گڏ ڪيا آهن جيڪي صحت ۽ تندرستي جي  اهميت، مرض کان بچڻ جي ترغيب، علاج ڪرڻ لاءِ ڪوششن جي تاڪيد، ۽ غلط ڊاڪٽرن جي ور چڙهڻ کان بچڻ لاءِ هدايتن تي مشتمل آهن (۳۰).
مختصر موزون آکاڻين تي گڏ ڪيل پهاڪا پڻ سندس ڪاوشن جو  نتيجو آهي. ان موضوع تي لکيل سندس مقالو ”موزون آکاڻين تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“، رسالي ڪينجهر ۾ ڏهن قسطن جي صورت ۾ شايع ٿيو. ان کي سنڌي ساهت گهر ڪتابي صورت ۾ حيدرآباد مان 2004ع ۾ شايع ڪيو آهي (۳۱).
”نصيحت آموز آکاڻين تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ عنوان هيٺ سندس ڪتاب پڻ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد سنڌ طرفان شايع ٿيو آهي. هر ڪنهن ٻوليءَ ۾ اهڙا پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن جن جو تعلق ان خطي جي جاگرافيائي حدن سان ٿئي ٿو. اهڙن پهاڪن تي مشتمل سهتي صاحب جو مقالو، ”ماڳ مڪان وارا پهاڪا“ لکيل آهي (۳۲). جيڪو برقي ڪتاب electronic version جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي موجود آهي.
سهتي صاحب مٿين مقالن کان سواءِ مختلف شهرن بابت پڻ پهاڪا ۽ چوڻيون گڏ ڪيا آهن. سال 1993ع ۾ هن جو تبادلو جيڪب آباد ۾ ٿيو. اتي رهڻ دوران هن جون ملاقاتون محترم ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، نياز سرڪي، ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهي، پروفيسر محمد اسحاق شيخ ۽ غلام رسول ڪلهوڙي صاحب سان ٿيون. انهن جي واتان جيڪي اتي جا پهاڪا ۽ چوڻيون هن ٻڌيون تن کي سهيڙي هن مقالو ترتيب ڏنو. اهو مقالو ”جيڪب آباد جون چوڻيون ۽ پهاڪا“ جي عنوان هيٺ انٽرنيٽ تي موجود آهي. ساڳئي طرح، جڏهن هن جي مقرري شڪارپور ۾ ٿي، ته اتي سندس ملاقات ناياب نقش منگي صاحب سان ٿي. ملاقاتن دوران هن منگي صاحب کان شڪارپور جا پهاڪا ۽ چوڻيون نوٽ ڪيون. انهن کي ”شڪارپور جون چوڻيون ۽ پهاڪا“ جي عنوان تحت مقالو ترتيب ڏئي انٽرنيٽ تي شايع ڪيو، ڪل 31 پهاڪا ۽ چوڻيون شامل آهن. ساڳئي طرح مقالو ”خيرپور جون چوڻيون ۽ پهاڪا“ ۾ ڏنل پهاڪا ۽ چوڻيون، پير ڳوٺ جي رهندڙ ماستر عبدالرحمان چنا (وفات: 2001ع) جي نوٽ بڪه تان ورتل آهن، جن جو تعداد 148 آهي. سهتي صاحب جو مقالو، ”حيدرآباد يا لاڙ جا پهاڪا“، ٽنڊو قيصر جي رهندڙ جناب عبدالحسين نظاماڻي (وفات: 2002ع) جي گڏ ڪيل پهاڪن تي مشتمل آهي، جيڪي هن پنهنجي حياتيءَ دوران گڏ ڪيا. وهاب صاحب اهي پهاڪا ۽ چوڻيون نظاماڻي صاحب جي لکيل ڊائريءَ تان ورتا آهن ۽ انهن کي ترتيب ڏيئي انٽرنيٽ تي شايع ڪيو آهي.
سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ پاران سال 1992ع ۾ محترم محمد فاضل شيخ جو لکيل ڪتاب ”ماٿيلي اوٻاوڙي جي ٻولي“ شايع ٿيو. سهتي صاحب کي ڪن چوڻين ۽ پهاڪن بابت وضاحت گهربل هئي. ان سلسلي تحت پاڻ سنه 2004ع ۾ محترم فاضل شيخ صاحب سان خود ملاقات ڪئي. ملاقات دوران محمد فاضل صاحب، انهن پهاڪن ۽ چوڻين جي تفصيل سان وضاحت ڪئي ۽ ڪي نيون چوڻيون ۽ پهاڪا پڻ سهتي صاحب کي ٻڌايا. اهي سڀ پهاڪا ۽ چوڻيون سهتي صاحب الف- بي وار سان ترتيب ڏيئي مقالو، ”ماٿيلي ۽ اوٻاوڙي جون چوڻيون ۽ پهاڪا“ انٽرنيٽ تي شايع ڪيو آهي. ساڳئي طرح حافظ حبيب جو ڪتاب ”ماڃر، ڪڪرالي ۽ ڇاڻ جا پهاڪا“ سنڌي لينگويج اٿارٽي شايع ڪيو آهي. ان ۾ ڏنل ڪن پهاڪن جي تشريح کيس مصنف کان ملي ۽ ڪي نوان پهاڪا ۽ چوڻيون به مليون. جنهن کي هن مقالي، ”ماڃر، ڪڪرالي ۽ ڇاڻ جا پهاڪا“ جي عنوان تحت شايع ڪيو آهي. سهتي صاحب جو اتر واري علائقي جي پهاڪن ۽ چوڻين بابت پڻ ڪتاب ڇپيل آهي. هي ڪتاب، ”اترادي پهاڪا ۽ چوڻيون“
جي نالي سان سنڌي ساهت گهر حيدرآباد سنڌ مان سال 2006ع ۾ شايع ڪيو آهي (۳۳).

نصيحت آموز يا مذهبي پهاڪا:
اُپديشڪ يا مذهبي ۽ نصيحت آموز پهاڪن جا پڻ چند مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾ پهرين ڪوشش پادري جارج شرٽ[1] جي ڪيل آهي. پادري جارج شرٽ (1843- 1886ع)، ڪيتري عرصي کان وٺي حيدرآباد ۾ عيسائي مشنري طور ڪم ڪري رهيو هو. جنهن جي نتيجي هيٺ هن سنڌي ٻوليءَ بابت پڻ گهڻي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ مختلف ڪتاب ترجمو ڪيا. مثلاً، سنڌي- انگريزي ڊڪشنري (1879ع) ۾، اکر ڌاتو (1866ع ۽ 1893ع) ۾ انگريزي- سنڌي ڊڪشنري (قلمي) ۽ بائبل جو ترجمو سنڌيءَ ۾ شامل آهي. ان کان علاوه هن بائبل ۾ شامل مذهبي پهاڪن بابت ڪتاب، ”سليمان جي پهاڪن جو ڪتاب“ به ترتيب ڏنو، جيڪو لڌيانه مان برٽش اينڊ فارن بائبل سوسائٽي وارن سنه 1885ع ۾ شايع ڪيو (۳۴). هن ڪتاب جا پوءِ لاهور مان (1888ع، 1907ع، 1910، 1912ع ۽ 1915ع) ۾ مختلف ڇاپا شايع ٿيا.
ان کان پوءِ مذهبي ۽ نصيحت آميز پهاڪن بابت ٻي ڪوشش، تاراچند ٻلديو گاجرا جي ڪيل آهي. مصنف هي ڪتاب، ”اش اپنشد: اٿا ڀاشانه“ جي نالي سان لکيو، جنهن ۾ نصيحت آميز پهاڪا شامل ڪيل آهن (۳۵). هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو مصنف خود بمبئيءُ مان سال 1988ع ۾ شايع ڪيو. ٻلديو گاجرا کان پوءِ، حڪوت سنگهه واسواڻي پڻ ساڳي ڪوشش ورتي ۽ نصيحت آميز پهاڪن جو ڪتاب، ”ڌرتي تي سرڳ“ جي نالي سان لکيو (۳۶). هيءُ ڪتاب، گانڌيدان ڪڇ مان مصنف پاڻ 1987ع ۾ ٻن جلدن ۾ شايع ڪيو. سکر سنڌ مان سال 1893ع ۾ هڪ ڪتاب شايع ٿيو جنهن ۾ مذهبي دعائن ۽ نظمن سميت مذهبي پهاڪا پڻ ڏنل آهن. هيءُ ڪتاب، (A Wreath of Prayers, Hymns, Holy Gems, Roses and Proverbs) جي نالي سان ڊاڪٽر چيٽرجي (R.B.Cheatterji) جو مرتب ڪيل آهي (۳۷). ٿي سگهي ٿو ته ٻيا به ڪي نصيحت سان ڀريل پهاڪن جا ڪتاب لکيل هجن پر انهن بابت وڌيڪ ڄاڻ ملي نه سگهي.

سنڌي اصطلاح، مُحاورا ۽ ورجيسيون (Sindhi Idioms and Phrases):
اصطلاح، مُحاورا ۽ ورجيسيون ٻوليءَ جي سونهن آهن، جن جي استعمال سان ٻوليءَ کي وڌيڪ ڪارگر بنائي سگهجي ٿو. سنڌي ٻولي ۾ اهي صنفون صدين کان موجود آهن، جن جو اڀياس ٻولي لاءِ نهايت اهميت وارو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ اصطلاحن، محاورن ۽ ورجيسين بابت سنڌ جي عالمن چڱا ڪتاب لکيا آهن، جن جي ڪجهه اپٽار هت ڪجي ٿي.
سنڌ ۾ آڳاٽو اصطلاحن بابت ڪتاب، سيد ڪمال الدين احمد خان بن سيد عنايت الله (وفات: 1132هه) جو فارسي ٻوليءَ ۾ ”اصطلاحات رضويه“ جي نالي سان لکيل آهي (۳۹). سنڌي اصطلاحن ۽ محاورن بابت ٻيو آڳاٽو ڪتاب، ايڊورڊ پينفولڊ آرٿر جو لکيل آهي جيڪو، ”دوساڀائي سهرابجي جي (انگريزي- هندستاني ۽ پرشن) اصطلاحي جملن جو سنڌي ترجمو ۽ گليڊون جي پرشن منشي (حڪايات لطيف) مان 75 آکاڻيون“ جي نالي سان سنه 1852ع ۾ ايڊورٽائيزر پريس ڪراچيءَ مان شايع ٿيو (۴۰). هن ڪتاب جي ترجمي ڪرڻ ۾ ايي پي آرٿر جي مدد منشي غلام علي ڪئي. هي آڳاٽو ڪتاب دوساڀائي سهرابجي (1870-1786ع) جي انگريزي- هندي- فارسي محاورن جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي. هن ڪتاب کان پوءِ، منشي اُڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي جو ڪتاب ”مفيدالطالبين“ سنه 1861ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ منشي اڌارام ٿانورداس، دوساڀائي جي اصطلاحي جملن کي ٻيهر سُڌاري لکيو آهي. ان ڪتاب جي شايع ٿيڻ کان پوءِ، اصطلاحي جملن ۽ پهاڪن جي ترجمي تي مشتمل هڪ ٻيو ڪتاب، ”سنڌي ڪمپيئنيئن "(Sindhi`s Companion) جي نالي سان جهامراءِ منگهنمل گلراجاڻي بمبئي مان سال 1883ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ مصنف انگريزي پهاڪن ۽ اصطلاحي جملن جوسنڌي ترجمو ڏنو آهي (۴۱).
انهن ٻن ڪتابن جي شايع ٿيڻ کان پوءِ، سنڌي عالمن چند پهاڪن جي ڪتابن ۾ سنڌي محاورا ۽ اصطلاح ڏنا آهن پر الڳ سان محاورن ۽ اصطلاحن بابت ڪو تفصيلي ڪتاب ان وقت شايع ٿيل نه هو. ان ڏس ۾ پهرئين ڪوشش گهنشام داس رامنداس هردراماڻي جي آهي. هن صاحب سنڌي محاورن ۽ ورجيسين بابت سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب، ”سنڌي ٻوليءَ جي سونهن: يعني سنڌي ورجيسيون ۽ اصطلاحون“ حيدرآباد سنڌ مان سال 1910ع ۾ شايع ڪيو. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي هن ڪتاب متعلق لکي ٿو ته: ”ان ڪتاب ۾ سوا ٻه هزار کن سنڌي محاورا معنيٰ ۽ جملن ۾ پريوگ (سمجهاڻي) سان ڏنا ويا آهن (۴۲).“ گنشامداس جي هن ڪتاب کان پوءِاصطلاحن جو ٻيو ڪتاب، موهن لال جيوت سنگهه شاهاڻيءَ جو لکيل آهي. هيءُ ڪتاب (A hand- book of Sindhi idioms: with English renderings & equivalent) جي نالي سان ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني ڪراچيءَ مان سنه 1937ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو (۴۳). ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي هن ڪتاب متعلق لکيو آهي ته: ”ان ۾ هڪ ڪالم ۾ سنڌي اصطلاح ۽ ٻئي ڪالم ۾ انهن جا هم- معنيٰ انگريزي اڊيم ڏنل آهن.“ جنهن ۾ اصطلاحن جو تعداد اٽڪل ٽي هزار کن آهي (۴۴).
ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو به اصطلاحن تي ڪتاب لکيل آهي. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي، ڀيرومل جي ڪتابن جي لسٽ ڏني آهي، جنهن ۾ هن ان ڪتاب جي نشاندهي ڪندي ان جو نالو، ”اصطلاحن جو بنياد“ ڄاڻايو آهي. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي، هن ڪتاب جي ڇپجڻ جو سال ناهي ڏنو. ڀيرومل مهرچند جي  هڪ تحرير ”اصطلاحن جو بنياد“ جي عنوان هيٺ سندس لکيل ڪتاب، ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“ ۾ ڏنل آهي. ڀيرومل جو ان سلسلي ۾ اصطلاحن بابت الڳ سان ڪتاب گلقند ڇپيل آهي، جنهن جي ڀاڱي ٻئي ۾ سنڌي اصطلاحن جو وڏو انگ ڏنل آهي. اصطلاحن متعلق هڪ ڪتاب، غلام اصغر ونڊير جو به لکيل آهي. هيءُ ڪتاب، ”سنڌي کٽمٺڙا يا اصطلاحات اصغر“ جي نالي سان آر- ايڇ احمد اينڊ برادرس وارن حيدرآباد مان سنه 1956ع ۾ ڇپايو (۴۵). هن ۾ اصطلاحات معنيٰ ۽ مثالن سان سمجهايل آهن.
پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، سنڌي ٻولي جي جيڪا خدمت ڪئي آهي سا وسارڻ جوڳي ناهي. سنڌي لغت، پهاڪن، وئتپتي، اصطلاحن ۽ گرامر تي ٿيل سندن تحقيقي ڪم هر لحاظ کان ساراهڻ جوڳو آهي. اصطلاحن جي اوسر بابت ڊاڪٽر صاحب جو لکيل ڪتاب، ”اصطلاحن جي اصليت “، اسلم پبليڪيشن لاڙڪاڻي، سنه 1987ع ۾ شايع ڪيو (۴۶). هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب اصطلاحن جي بڻ بنياد تي چڱو بحث ڪيو آهي. ڊاڪٽر غلام قادر سومري جي ”ساهتي جي لغت“، پڻ لکيل آهي، جنهن ۾ مصنف ساهتي پرڳڻي ۾ ڪم ايندڙ لفظن، اصطلاحن، پهاڪن ۽ چوڻين کي مثال ذريعي سمجهايو آهي. هيءَ لغت، قلمي صورت ۾ آهي ۽ شايد اڃا نه ڇپي آهي.
محترم امان شيخ جو ”جي مون موتي ميڙيا“ اصطلاحن بابت لکيل ڪتاب آهي. مصنف هن ڪتاب جو پهريون جلد خيرپور مان 1999ع ۾ شايع ڪيو آهي (۴۷). ڪانگريس لائبرري آن لائين ڪيٽلاگ موجب هن ۾ سنڌي اصطلاح ڏنل آهن، جڏهن ته ورلڊ ڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ موجب هن ۾ مشهور ماڻهن جا چيل فقرا يا قول ڏنل آهن، جهڙوڪ: نيپولين، شيخ اياز ۽ پلوٽو وغيره جا ڪوٽيشن. اصل حقيقت ڪتاب کي ڏسڻ کان پوءِ پئجي سگهي ٿي. محترم عبدالوهاب سهتو لکي ٿو ته: ”نياز سرڪي کي لوڪ ادب جي صنفن، خاص طور تي پهاڪن، چوڻين، ورجيسين ۽ اصطلاحن گڏ ڪرڻ ۽ سهيڙڻ سان گهرو لڳاءُ آهي. سندس ڪتاب ”قرآن ۽ سنڌي ورجيسيون“، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد طرفان سال 2001ع ۾ ڇپيو آهي (۴۸).“ ان کان علاوه، پاڻ ڊاڪٽريٽ جي مقالي طور ”شاهه لطيف جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ محاورا“ جو موضوع چونڊيو اٿس. محترم عبدالوهاب جو ”ورجيسيون: پس منظر ۽ ڪارج“ نالي ڪتاب، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد سنڌ مان سال 2003ع ۾ ڇپيو آهي (۴۹). ڪتاب ۾ ورجيسين جا مختلف قسم ۽ انهن جون وصفون بيان ڪيل آهن. غلام اصغر ونڊير جو ڪتاب، ”سنڌي اصطلاح: الف- بي وار“، جي نالي سان مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور سال 2010ع ۾ شايع ڪيو آهي (۵۰). هيءُ ڪتاب، شايد ”سنڌي کٽمٺڙا يا اصطلاحات اصغر“ کي نئين سر ترتيب ڏيئي شايع ڪيو ويو آهي.
(ج)- شاهه جي رسالي ۾ آيل پهاڪا، مُحاورا، چوڻيون ۽ نحوي ترڪيبون:
شاهه جو رسالو سنڌي ٻولي جو اهڙو ماخذ آهي، جنهن ۾ سنڌي پهاڪن، محاورن ۽ اصطلاحن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. مرزا قليچ بيگ پهريون اسڪالر ۽ مصنف هو، جنهن شاهه جي رسالي ۾ آيل پهاڪن ۽ اصطلاحن متعلق ڪتاب لکيو، جنهن جو ذڪر پهاڪن واري موضوع هيٺ ڪيو آهي. ان کان علاوه، سنڌ جي اديبن ۽ عالمن رسالي ۾ آيل ان ذخيري جو مختلف مقالن ۾ ذڪر ڪيو آهي جنهن جو مختصر ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.
مير محمد ڀيي جو لکيل مقالو، ”سر ڪلياڻ ۾ محاورا، اصطلاح ۽ چوڻيون“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏنل ڪتاب، ”سر ڪلياڻ جو مطالعو“ (1970ع) ۾ ڇپيل آهي. نياز همايوني جو ”شاهه جون چوڻيون“، رسالي الرحيم (1979ع) ۾ ڇپيل آهي. حافظ محمد احسن چنا جو ”شاهه ڀٽائي جا بيت (پهاڪا)، نئين زندگي جنوري- 1980ع ۾ شايع ٿيو. جڏهن ته احمد خان ڪيريو جو ”سر مومل راڻي ۾ محاورن جو استعمال“ نومبر- 1983ع ۾ ۽ ”سُر سورٺ ۾ محاورن جو استعمال“ آڪٽوبر- 1987ع ۾ ڇپيو. خواجه مسز نور افروز، شاهه جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ آيل اصطلاحن جو ذڪر مختلف مقالن ۾ ڪيو آهي. سندن اهي مقالا ”سُر ڪلياڻ ۾ آيل اصطلاح ۽ محاورا“ جي نالي سان، ماهوار نئين زندگي 1988ع، ڪينجهر تحقيقي جنرل 1988ع ۽ ٽه ماهي سرتيون 1990ع ۽ 1991ع ۾ ڇپيل آهن. ارشد انڍڙ جو مقالو، ”شاهه جي رسالي ۾ اسلامي اصطلاح“ ماهوار پيغام مئي 1988 ۾ ڇپيل آهي. ڊاڪٽر غلام قادر سومري جو ”شاهه جي سر مارئي ۾ ڪم آيل اصطلاح“ نئين زندگي (آڪٽوبر- 1990ع) جي شماري ۾ ۽ ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ چوڻيون“، (جولاءِ- آگسٽ 1993ع) واري شماري ۾ شايع ٿيو. محترم مظهر علي قريشي جا شاهه جي رسالي ۾ ڪم آيل اصطلاحن ۽ پهاڪن متعلق مقالا ماهوار پيغام جي مختلف پرچن ۾ شايع ٿيل آهن. محترم مخمور بخاريءَ جو لکيل مقالو، ”سر ديسي ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال“، تاج جويي جي مرتب ڪيل ڪتاب ”ديسي سيڻ ڪجن: سر ديسي جو مطالعو“ ۾ شايع ٿيل آهي. هيءُ ڪتاب، سنه 2005ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز شايع ڪيو آهي.
اصطلاحن ۽ پهاڪن کان سواءِ، شاهه جي رسالي جي سرن جي نحوي ۽ صرفي ترڪيبن بابت پڻ ڪجهه مقالا لکيا ويا آهن. جنهن ۾ سر فهرست نالو محمد عمر معمور يوسفاڻي جو آهي. معمور صاحب جا اهي مقالا شاهه لطيف جي ورسي جي موقعي تي سال به سال پڙهيل مقالن جي مجموعن ۾ ڏنل آهن. مثلاً، سر سسئي آبري جي مطالعي ۾ ”سر سامونڊي ۾ صرفي ۽ نحوي ترڪيبون“ (1976ع). سر معذوري جي مطالعي ۾ ”سر معذوري ۾ صرفي ۽ نحوي ترڪيبون“ (1977ع). سر سريراڳ جي مطالعي ۾ ”سر سريراڳ ۾ فعل جا صيغه“ (1973ع) وغيره. معمور صاحب کان علاوه، مدد علي قادريءَ جو سر ڪلياڻ جي مطالعي ۾ ”سر ڪلياڻ ۾ صرفي ۽ نحوي ترڪيبون“ شايع ٿيل آهن. (مٿين مقالن متعلق معلومات، ڊاڪٽر درشهوار سيد جي ترتيب ڏنل ڪتاب شاهه لطيف تي ببليوگرافي تان ورتل آهي)
(د)- ڀارت ۾ سنڌي گرامر، پهاڪن، ورجيسين ۽ محاورن جو جائزو: (2013-1947ع):
ورهاڱي وقت سنڌ مان ڪافي هندو اديب هندستان لڏي ويا، جتي انهن پنهنجي زندگي جي نئين سر شروعات ڪئي. نئين ڌرتي نوان ماڻهو، نئون راڄ، پر هنن همت نه هاري ۽ جدوجهد کي جاري رکيو. پنهنجي پيٽ گذر سان گڏوگڏ هنن سنڌي علم و ادب ڏانهن به ڀرپور توجهه ڏنو ۽ پنهنجي ڇڏيل ديس جي ڪلچر ۽ ٻوليءَ کي ساهه سان سانڍي رکيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌي ٻولي هندستان جي قومي ٻولين ۾ شمار ٿئي ٿي. هندستان ۾ رهندي هنن جيڪا خدمت سنڌي ٻولي جي ڪئي آهي، ان کي وساري نٿو سگهجي. سنڌي ادب جي هر صنف تي انهن طبع آزمائي ڪئي آهي، جنهن ۾ سنڌي گرامر، پهاڪا، ورجيسيون ۽ اصطلاح پڻ شامل آهن. ڀارت ۾ انهن صنفن متعلق جيڪا اوسر ٿي آهي، ان  جي باري ۾ هيٺ وچورَ پيش ڪجن ٿا.
سنڌي گرامر:
ورهاڱي کان پوءِ، ڀارت ۾ سنڌي گرامر جي اوسر متعلق چڱو ڪم ٿيو آهي. ان ڏس ۾ پدما رامراڻيءَ جو لکيل ”سنڌي گرامر ميڊ ايزي“، رامراڻي پبلشنگ اجمير مان سنه 1953ع ۾ شايع ڪيو (۵۱). ساڳئي سال اُڪرم شرما ۽ رام لال ٻڍي جو لکيل، ”نئون سنڌي گرامر“ الهاس نگر بمبئي مان ڇپيو (۵۲). سنڌي ٻولي جي ليکڪ، پي. سي هرپلاڻيءَ جو لکيل ”سولو سنڌي گرامر“ ٻن جلدن ۾ بمبئي مان سال 1955ع ۾ نڪتو (۵۳). ساڳئي نالي سان نارائڻ ڀارتي جو لکيل گرامر اجمير مان 1961ع ۾ شايع ٿيو (۵۴). هن ئي سال يعني، 1961ع ۾ ايل. بي.خانچنداڻي ۽ آتمارام.ايس جماڻيءَ، (Sure Success in Sindhi Grammar) بمبئي مان شايع ڪيو (۵۵). سترامداس سائل، جو ”سائل جو وڏو سنڌي ڪمپوزيشن“ احمدآباد گجرات مان سال 1962ع ۾ شايع ٿيو(۵۶)، ساڳئي مصنف جو لکيل هڪ ٻيو ڪتاب ”سائل جو سنڌي ڪمپوزيشن“  احمدآباد، گجرات مان سال 1966ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌي چونڊ مضمونَ، پهاڪن جون اُپترائون ۽ مختصر سنڌي ٽڪرا شامل ڪيل آهن (۵۷).
سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو سنڌي ويا ڪرڻي ماهر، ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي (1968-1880ع)، ورهاڱي دوران ڀارت لڏي ويو. ميرچنداڻي جي لکيل گرامر جو وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو ”سولو سنڌي ويا ڪرڻ: ديوناگري لپي ۾“ سنه 1963ع ۾ ديوناگري سنڌي سڀا، بمبئي ڀارت مان شايع ڪيو آهي (۵۸). هن گرامر جو هڪ ڇاپو، ”مٿيون سنڌي ويا ڪرڻ“ جي نالي سان ساڳئي شهر مان سال 1964ع ۾ شايع ٿيو (۵۹). ان کان علاوه، هن بمبئي مان سال 1965ع ۾ ”سنڌي وياڪرڻ ديوناگري لپي ۾“ ڇپايو (۶۰). موتي رام وليچا جو گرامر پڻ لکيل آهي، جنهن کي اجمير مان مولچند ناگراڻيءَ شايع ڪيو. هن جي ڇپجڻ واري سال جي خبر پئجي نه سگهي (۶۱). احمد آباد گجرات جي هڪ ٻي سنڌي ليکڪ، ڪيرت مهرچنداڻيءَ، جو لکيل ”سليس سنڌي گرامر“ رتن ڪتاب گهر 1971ع ۾ شايع ڪيو (۶۲). ساڳئي شهر جي هڪ ٻئي اديب، سترام داس سائل جو لکيل، ”نئون سنڌي ويا ڪرڻ“، سائل پبلشنگ هائوس احمد آباد مان 1980ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو (۶۳). سائل جو ”سنڌي ويا ڪرڻ ۽ ڪمپوزيشن“، به ساڳئي شهر مان سنه 1986ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ گرامر کان علاوه مشقون پڻ شامل ڪيل آهن (۶۴). چيلارام کياني جو ”سنڌي سيکارڻ جو سولو ڪتاب = سنڌي ٽيچر“، مصنف خود گانڌيدان مان سنه 1995ع ۾ شايع ڪيو. هن ۾ سنڌي گرامر کان علاوه، مشقون ۽ ڪمپوزيشن پڻ ڏنل آهي (۶۵). پرسو جيسرام گدواڻيءَ جو انگريزيءَ ۾ ڪتاب (Glimpses of Sindhi Language) پونا مان شري پريم آڏواڻيءَ سال 2001ع ۾ شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ مصنف سنڌي ٻوليءَ جي گرامر سميت، سنڌي ٻوليءَ جي مختلف پهلوئن تي سٺو بحث ڪيو آهي (۶۶). واسديو نرمل جو ”سيلف سنڌي ٽيچر“ ممبئي مان پوريما پبليڪيشن وارن سال 2005ع ۾ ڇاپايو آهي. هن جو ٻيو ڇاپو سال 2010ع ۾ شايع ٿيو آهي جنهن ۾ گرامر پڻ شامل آهي. هن ڪتاب ذريعي سنڌي ٻولي آسانيءَ سان سکي سگهجي ٿي (۶۷).
هندستان جي سنڌي اديبن، هندي ٻوليءَ ۾  پڻ سنڌي گرامر جا ڪتاب لکيا آهن. جنهن ۾ سڀ کان پهريائين ڪشنچند ٽوپڻ لال جيٽلي (1995-1910ع) جو ڪتاب ”سنڌي ويا ڪرنا پراچيه“ (1989ع) ۾ ڇپيل آهي (۶۸). ٻيو ڪتاب، مرليڌر ڪشنچند جيٽليءَ جو،
”سنڌي ڀاشا ويا ڪرنا ايوم پريوگ“ (1997ع) ۾ دهليءَ مان شايع ٿيو (۶۹). جهمٽمل ڪي. ڀوناڻيءَ (1984-1905ع) جو ”پنهنجي ديوناگري سکو“ بمبئي مان (1972ع) ۾ شايع ٿيو (۷۰). انهن ٽنهي ڪتابن ۾ سنڌي اکر ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل آهن.
پهاڪا ۽ چوڻيون:
سنڌ کان علاوه، ڀارت جي سنڌي اديبن به سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين بابت ڪافي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. ان ڏس ۾ پهاڪن بابت هڪ ڪتاب، پي. بي رامراڻيءَ ”پهاڪا ۽ اصطلاح“، اجمير مان  سنه 1955ع ۾ شايع ڪيو (۷۱). پهاڪن متعلق هڪ ٻيو ڪتاب، ساوتري گربخشاڻيءَ ”ارون جي سوکڙي“ نالي لکيو، جيڪو رم جهم ساهتيه مالا 1958ع ۾ بمبئي مان شايع ڪيو (۷۲). ڪيرت مهرچنداڻي وري ”اُپتارا“ جي نالي سان مختصر ڪتاب لکيو، جنهن ۾ 28 سنڌي چوڻين جو اڀياس ڏنل آهي. هي ڪتاب 44 صفحن تي مشتمل آهي جيڪو، وشنداس اين چندناڻيءَ سال 1964ع ۾ برودا، انڊيا مان شايع ڪيو (۷۳).
سال 1973ع ۾ تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي، ”پهاڪن جي پاٻوهه“ جي نالي سان اسڪولي شاگردن لاءِ ڪتاب شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ 1800 پهاڪا الف- بي وار ترتيب سان ڏنل آهن، جن مان ڪن جي سمجهاڻي پڻ ڏنل آهي (۷۴). گجرات جي سنڌي اديب، ڪيرت مهرچنداڻيءَ، پهاڪن ۽ چوڻين جو هڪ ٻيو ڪتاب، ”چونڊ سنڌي چوڻيون“، سال 1981ع ۾ احمد آباد گجرات مان شايع ڪيو (۷۵). هن ۾ سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون وستار سان سمجهايل آهن. گجرات جي هڪ ٻئي سنڌي عالم، جڙيئسنگهاڻي سترامداس ايسرداس سائل، ”دُرن جي دٻلي عرف سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون“ ٻن جلدن ۾ احمد آباد گجرات مان سنه 1982ع ۾ پاڻ شايع ڪيو (۷۶). هن ۾ پڻ سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جي اوسر بابت تاريخ ۽ انهن جي سمجهاڻي مثالن سان ڏنل آهي. ٻنهي جلدن ۾ 2771 پهاڪا شامل آهن، جيڪي تقريباً سڀني ڇپيل پهاڪن جي ڪتابن تان ورتل آهن.
ڀارت جي هڪ ٻئي ليکڪ، ايس- پي گنواڻيءَ، ”ادبي سوغات: سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جو مجموعو“، بمبئي مان 1991ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو (۷۷). هن مجموعي جا 155 صفحا آهن. سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين بابت هڪ ڊڪشنري، ”سنڌي پهاڪا ۽ محاوره ڪوش“ سنتداس پنهومل ڪشناڻيءَ جي جوڙيل آهي (۷۸). هيءَ ڊڪشنري، پونا ڀارت مان، ڪشناڻي ٽرسٽ 1993ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي آهي. ڊاڪٽر جيٽلي جي لکت موجب هن ۾ اٽڪل ٻارنهن هزار پهاڪا ۽ اصطلاح معني سان گڏ ڏنل آهن (۷۹). هن ڊڪشنري جي ايڊيٽريءَ جا فرائض مرليڌر ڪشنچند جيٽلي انجام ڏنا آهن ۽ تنقيدي مهاڳ پڻ سندس لکيل آهي. سنڌي پهاڪن ۽ محاورن متعلق هڪ اڀياس، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن پهاڪن جي اوسر ۽ مختلف پهاڪن جي ڪتابن بابت ڄاڻ شامل ڪئي آهي (۸۰). سنڌي پهاڪن بابت هي اهم ڪتاب مصنف دهلي مان سنه 1993ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. اصل ۾ هي اڀياس سنتداس پنهومل ڪشناڻيءَ جي جوڙيل سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جي ڊڪشنريءَ جو لکيل مهاڳ آهي. جنهن کي پوءِ ڊاڪٽر جيٽلي الڳ سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو. هن جو هڪ ڇاپو ڪنڊياري سنڌ مان روشني پبليڪيشن وارن سنه 1996ع ۾ شايع ڪيو آهي (۸۱). ڀارت ۾ ڳالهائيندڙ مختلف ٻولين تي مشتمل پهاڪن جو ڪوش، ”ڀارتيه ڪهاوت سنگره“
 (1983-1978ع) ٽن ڀاڱن ۾ ڇپيل آهي. هي ڪوش، وشوناٿ دنڪر نروڻي جو ترتيب ڏنل آهي، جنهن ۾ سنڌي پهاڪا ۽ انهن جو هندي ۽ انگريزي ترجمو مرليڌر جيٽلي صاحب جو ڪيل آهي، جن جو ڪل تعداد اٽڪل ٻارنهن سو کن آهي.  ان کان علاوه، انهن جي ڀيٽ، ٻين ٻولين سان ڪيل آهي (۸۲). هن جو هڪ ڇاپو پڻي مان 1993ع ۾ شايع ٿيو (۸۳).
سال 2005ع ۾، ڀارت مان، روي پرڪاش ٽيڪچنداڻيءَ ”سنڌي پهاڪا: ڀاشاوجنانيڪا ايم سمسڪرتيڪا اڀياس“ نالي هنديءَ ۾ ڪتاب شايع ڪيو آهي. لسانيات جي ماهرن لاءِ هي ڪتاب پڻ اهميت جوڳو آهي، جنهن ۾ مصنف لسانيات ۽ سماجي پهلوئن جي نسبت سان سنڌي پهاڪن جو مطالعو پيش ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب فيض آباد يو. پي مان سنڌي بڪ ٽرسٽ وارن شايع ڪيو آهي (۸۴). اصل ۾ ليکڪ جي هيءَ پي ايڇ.ڊي ٿيسز آهي، جيڪا هن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ، دهلي يونيورسٽي ۾ سال 2003ع ۾ پيش ڪئي. هن جو سنڌي ڇاپو سنه 2010ع ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽي وارن شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب کي ديوناگري لپي مان سنڌي لپي ۾ محترم ڦلومل مينگهواڙ تبديل ڪيو آهي. ڪتاب جي ايڊيٽنگ محترمہ ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ ۽ محترم ولي رام ولڀ ڪئي آهي. هن تحقيقي مقالي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جو مختصر تعارف ڏنل آهي، جنهن کان پوءِ، پهاڪن جي اصولن، ۽ بيهڪ وغيره تي بحث ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب مان سنڌي ٻولي جي ماهرن توڙي شاگردن کي گهڻو لاڀ حاصل ٿي سگهي ٿو.
ڀارت جي سنڌي اديبن جا پهاڪن بابت ڪجهه مقالا، مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن. مثلاً، ماستر جمعيت راءِ جو لکيل مقالو، ”آڳاٽي سنڌيءَ جا ڪي لفظ ۽ پهاڪا“ بمبئي مان نڪرندڙ اخبار هندواسي جي آگسٽ- 1961ع واري پرچي ۾ شايع ٿيل آهي (۸۵). ڊاڪٽر مرليڌر جيٽليءَ جو مقالو، ”راج خاص استعمال“ پڻ هندواسي اخبار جي اپريل- 1962ع واري پرچي ۾ ڇپيل آهي (۸۶). هن مقالي ۾ جيٽلي صاحب، سنڌي اصطلاحن ۽ محاورن جو اڀياس پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر جيٽليءَ جو هڪ ٻيو مقالو، ”سنڌي مرهٽي ۽ انگريزي پهاڪا ۽ چوڻيون“ پڻ ڇپيل آهي (۸۷). هيءُ مقالو پونا مان نڪرندڙ رسالي سواتنترا جي 1964ع واري پرچي ۾ ڏنل آهي. هن اڀياس ۾ ڊاڪٽر جيٽليءَ سنڌي پهاڪن جو تقابلي جائزو انگريزي ۽ مرهٽي ٻولين جي پهاڪن سان ڪيو آهي. ستر واري ڏهاڪي ۾ امرلال ساڌواڻي جي پهاڪن متعلق ليکَ رسالي ڪونج ۾ شايع ٿيل آهن (۸۸).

اصطلاح ۽ ورجيسيون:
اصطلاحن ۽ ورجيسين بابت ڀارت ۾ ايترو ڪم نه ٿيو آهي، پر ان جي باوجود انهن صنفن بابت چند ڪتاب شايع ٿيا آهن. جن ۾ سنڌ جي غزل گوشاعر، ليکراج ڪشنچند عزيز ميرچنداڻيءَ (1971-1897ع) جو اصطلاحن بابت جامع ڪتاب ٻن جلدن ۾ ڇپيل آهي. هن ڪتاب جو پهريون جلد، ”سنڌي اصطلاح: ڇهن هزارن کان مٿي اصطلاح ۽ محاورا، معنيٰ ۽ استعمال سميت“ جي نالي سان سنه 1976ع ۾ ۽ ٻيو جلد سال 1987ع ۾ شايع ٿيو (۸۹). ٻئي جُلدَ، بمبئي مان، ليکراج ڪشنچند عزيز ايڊيوڪيشنل ۽ لٽرري ٽرسٽ شايع ڪيا آهن. گجرات جي سنڌي عالم. جڙيئسنگهاڻي سترامداس ايسرداس سائل، جو ڪتاب ”ماڻڪ موتي عرف ورجيسيون ۽ محاورا“ احمدآباد گجرات مان سنه 83- 1982ع ۾ ٻن جلدن ۾ شايع ٿيو. مصنف هن ۾ سنڌي ورجيسيون ۽ محاورا سمجهاڻي ۽ مثالن سان ڏنا آهن (۹۰). هيءَ هڪ قسم جي محاورن بابت ڪوش آهي.
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽليءَ جو لکيل هڪ مقالو، 'Portrayal of Society in Sindhi idioms and Proverbs' نالي سان ڪتاب انڊين فوڪ لور ۾ شايع ٿيو آهي. هيءُ ڪتاب، دهليءَ مان سنه 2001ع ۾ شايع ٿيو. هيءُ مقالو هندستان جي قومي لوڪ ادبي ورثي جي سيمينار ۾ پڙهيو ويو، جيڪو 3- 1 فيبروري 1998ع تي منعقد ٿيو.
گجرات جي شهر احمدآباد مان سنڌي اديب، ڄيٺي لالواڻيءَ، سنڌي لوڪ ادب متعلق ڪتاب ”سنڌي بولي ڪا لوڪ ساهتيه“ سنه 2007ع ۾ شايع ڪيو آهي (۹۱). هندي ٻوليءَ جو هيءُ ڪتاب اصل ۾ سنڌي لوڪ ادب جي مختلف صنفن تي لکيل آهي جنهن ۾ لوڪ گيت، لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ ناچ، لوڪ ورثو پهاڪن ۽ محاورن بابت ڄاڻ شامل ڪيل آهي.

حوالا
1.     مرليڌر ڪشنچند جيٽلي/ سنڌي پهاڪا ۽ محاورا. ڇاپو- پهريون. روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ. (2007ع)، انٽرنيٽ ايڊيشن: سنڌي ادبي بورڊ جي آن لائين لائبرري، ص- 4
2.     جيٽلي، مرليڌر ڪشنچند/ سنڌي لغت- نويسيءَ جي تاريخ. مهراڻ- 4/ 2000ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص- 61
3.     برٽش لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (شيلف مارڪ: (Asia, Pacific & Africa 14164. b. 26
4.     جيٽلي، مرليڌر ڪشنچند/ ايفورزمس، ميڪسمس اينڊ پراوربس: سنڌي. انسائڪلوپيڊيا آف انڊين لٽريچر: سپليمينٽري اينٽريز اينڊ انڊيڪس، واليوم- 6، (1994ع)، ص- 212.
5.     125,(htt:// www. docstoc. com/ 97944180/ Sindhi- proverbs- and- Sayings)
6.     جيٽلي، مرليڌر ڪشنچند/ سنڌي لغت- نويسيءَ جي تاريخ. مهراڻ- 4/ 2000ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص- 61
7.     نيشنل ببليو گرافي آف انڊين لٽريچر: 1901- 1953ع. آن لائين ايڊيشن، شڪاگو يونيورسٽي. (NBil no. 39757)
8.     ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ/ 1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو (قسط- 10). ٽه ماهي مهراڻ: (سرءُ 2005ع، جولاءِ- سيپٽمبر)، سنڌي ادبي بورڊ. (ڪتاب نمبر- 158، ص- 71
9.     جيٽلي، مرليڌر ڪشنچند/ سنڌي لغت- نويسيءَ جي تاريخ. مهراڻ- 4/ 2000ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص- 61
10.  ساڳيو، ص- 61- 62
11.  برٽش لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (ٽيون ڇاپو، شيلف مارڪه: (SAC.1986. a. 35244
12.  هڪڙو، انور فگار/ غريب جي سخنوري مهراڻ، 3- 4/ 2001ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ص- 157، ڪتاب- 20
13.  آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند/ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ: ڀاڱو 02 ڇاپو- 06 ڄام شورو، سنڌ سنڌي ادبي بورڊ، انٽرنيٽ ايڊيشن، (2004ع).
14.  جيٽلي، مرليڌر ڪشنچند/ ايفورزمس، ميڪسمس اينڊ پراوربس: سنڌي. انسائڪلو پيڊيا آف انڊين لٽريچر: سيليمينٽري اينٽريز اينڊ انڊيڪس، واليوم- 6، (1994ع)، ص- 212
15.  ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ/ 1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو (قسط- 10). ٽه ماهي مهراڻ: (سرءُ 2005ع، جولاءِ- سيپٽمبر)، سنڌي ادبي بورڊ. (ڪتاب نمبر- 84، ص- 66).
16.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (OCLC: 19748910)
17.  پنهور، محمد حسين/ سورس مٽيريل آن سنڌ. ڇاپو- 01 انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، (1977ع)، ص- 313، ڪتاب جو اينٽري نمبر- 3960
18.  ڊاڪٽر غلام علي الانا/ ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليو گرافي: 1947ع- 1973ع. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي. (1976ع). لسانيات: (ڪتاب نمبر: 709، ص- 105)،
19.  حوالو ويب سائيٽ (http:// sindhiadabiboard. org/ Catalogue/ Folk- Litrature/Book6/Book- page 1. html)
20.  ساڳيو، لسانيات: (ڪتاب نمبر: 689، ص- 101)،
21.  هن ويب سائيٽ تان ورتل (http://sindhiproverbs. wordpress. com/2010/02/ 25/ proverbs- knowledge) .
22.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ   (OCLC:37519366)
23.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (OCLC 47296038
24.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (OCLC : 41754094)
25.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (OCLC: 191763130)
26.  جوڻيجو، عبدالجبار/ سنڌي زبان جي ماهيت. (2006ع)، سنڌي ادبي بورڊ آن لائين ڪيٽلاگ: لسانيات. (http:// Sindhiadabiboard. org/ Catalogue/ Lasaniyat/ book- page 1. htm)
27.  ميمڻ سليم/ سنڌي زبان ۾ سرائيڪي پهاڪا. ڪتاب: جيجل جي ٻولي، مرتب: انور فگار هڪڙو. سنڌي ادبي بورڊ آن لائين ڪيٽلاگ: لسانيات. (http:// Sindhiadabiboard.org/ Catalogue/ Lasaniyat/ Book3/ Book- page 16. html)
28.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (OCLC: 56793758)
29.  (http: // Sindhiproverbs. Wordpress. Com/ 2009/06/ 05/ free- expression- Proverbs)
30.  (http: // Sindhiproverbs. Wordpress. Com/ 2009/06/ 27/ free- mediccal- Proverbs
31.  http: // Sindhiproverbs. Wordpress. Com/ 2009/04/ 03/ preface- to- the- proverbs-based-  on- Short-Stories)
32.  (http: // Sindhiproverbs. Wordpress. Com/ 2009/12/ 01/ Proverbs- for- Places)
33.  مخمور بخاري/ سنڌي لغت نويسي جي تاريخ ۽ ببليوگرافي: واڌو ڄاڻ. مهراڻ، 3/ 2008ع، ص- 108
34.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (OCLC: 79420565)
35.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (OCLC: 27977743)
36.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (OCLC: 21760014
37.  برٽش لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (شيلف مارڪه: 15. (4505. de.
38.  جارج شرٽ: وفاتنامو/ پادري جي- بيمبرچ. جنرل آف دي ايشيٽئيڪ سوسائٽي آف گريٽ برٽن اينڊ آئرلينڊ، نيوسيريز. واليوم- 19، لنڊن: ٽريوبنر اينڊ ڪمپني، (1887ع)، ص، 687- 688 (شرٽ جي حياتيءَ جو هي مختصر احوال انگريزيءَ ۾ پادري  Rev. J. Bambridge جي يادگيرين تان ورتل آهي، جتان راقم ترجمو ڪيو آهي.
39.  (مڪلي نامو، انٽرنيٽ ايڊيشن، ص- 33)
40.  برٽش لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (شيلف مارڪ: .2. h. 12904).
41.  يونيورسٽي آف شڪاگو آن لائين ڪيٽلاگ: هولڊنگس آف  دي نائينٽينٿ سينچري ايٽ دي برٽش لائبرري اوريئنٽل اينڊ انڊيا آفيس ڪليڪشنس: رڪارڊ نمبر 49496
42.  جيٽلي، مرليڌر ڪشنچند/ سنڌي لغت- نويسيءَ جي تاريخ. مهراڻ- 4/ 2000ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص- 61
43.  برٽش لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (شيلف مارڪ: 47. C. 14164)
44.  جيٽلي، مرليڌر ڪشنچند/ سنڌي لغت- نويسيءَ جي تاريخ. مهراڻ- 4/ 2000ع سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص- 62
45.  ڊاڪٽر غلام علي الانا/ ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي: 1947ع- 1973ع. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي. (1976ع). لسانيات: (ڪتاب نمبر: 36، ص- 440)،
46.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 23051848)
47.  ڪانگريس لائبرري آن لائين ڪيٽلاگ. (Call# PN6519. S49 j5 1999 Sin)
48.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 47001863
49.  عبدالوهاب سهتو/ سنڌي لغت نويسي جي تاريخ (ضميمو- 2). انٽرنيٽ ايڊيشن، ص- 14
50.  عبدالوهاب سهتو/ سنڌي لغت نويسي جي تاريخ (ضميمو- 2). انٽرنيٽ ايڊيشن، ص- 14
51.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 756913632
52.  ڊي- پي- پٽنائڪ/ انڊين لينگويجيز ببليوگرافي آف گرامرس، ڊڪشنريز اينڊ ٽيچنگ مٽيريل. نيودهلي: ايڊيوڪيشنل ريسورس سينٽر، (1973ع)، ص- 88، ڪالم- 1
53.  ساڳيو، ص- 88، ڪالم- 2
54.  ساڳيو، ص- 87، ڪالم- 1
55.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 46779496
56.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 23211069
57.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 30912934
58.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 20434966
59.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 20439416
60.  هن جو حوالو ڪٿي هيٺ مٿي ٿي ويو آهي، جنهن لاءِ پڙهندڙن کان معضرت ٿو گهران
61.  ڊي- پي- پٽنائڪ/ انڊين لينگويجيز ببليوگرافي آف گرامرس، ڊڪشنريز اينڊ ٽيچنگ مٽيريل. نيودهلي: ايڊيوڪيشنل ريسورس سينٽر، (1973ع)، ص- 88، ڪالم- 2
62.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (OCLC: 19945730
63.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 13582938
64.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 26719051
65.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 52328144
66.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 652168808
67.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 810316649
68.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 25408980
69.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 20439416
70.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 39515153
71.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 20379968
72.  خوبچنداڻي، لڇمڻ مولچند/ سنڌي: ببلييوگرافي. ڪتاب: ڪرنٽ ٽرينڊس ان لنگئسٽڪ: لنگئسٽڪ: ان سائوٿ ايشيا، واليو- 05 مصنف. ٿامس ايلبرٽ سيبڪ. مولٽن، 1976ع، ص- 230
73.  برٽش لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (شيلف مارڪ: 19309. (SAC. 1986.
74.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 50824476
75.  جيٽلي، مرليڌر ڪشنچند/ ايفورزمس، ميڪسمس اينڊ پراوربس: سنڌي. انسائڪلوپيڊيا آف انڊين لٽريچر: سپليمينٽري اينٽريز اينڊ انڊيڪس، واليوم- 6، (1994ع)، ص- 213
76.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 63045098
77.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 29799489
78.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 30112068
79.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 32168480
80.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 32168482
81.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 37770269
82.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 37770269
83.  جيٽلي، مرليڌر ڪشنچند/ سنڌي لغت- نويسيءَ جي تاريخ. مهراڻ- 4/ 2000ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص- 65
84.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (OCLC: 11119227)، (OCLC: 165303850)، (1993ع/ 41206487 OCLC:).
85.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 66463831
86.  خوبچنداڻي، لڇمڻ مولچند/ سنڌي: ببلييوگرافي. ڪتاب: ڪرنٽ ٽرينڊس ان لنگئسٽڪ: لنگئسٽڪ ان سائوٿ ايشيا، واليو- 05 مصنف ٿامس ايلبرٽ سيبڪ. مولٽن، 1976ع، ص- 225
87.  ساڳيو، ص- 226
88.  ساڳيو، ص- 226
89.  گدواڻي، پرسو- جي/ ليڪسيڪو گرافيڪل اسٽڊيز ان سنڌي. ڪتاب: ليڪسيڪو گرافي ان انڊيا: (پروسيڊينگس آف دي فرسٽ نيشنل ڪانفرنس آن ڊڪشنري ميڪنگ ان انڊين لينگويجيز هيلڊ ان ميسور ان 1970ع). ميسور: سينٽرل انسٽيٽيوٽ آف انڊين لينگويجيز، ايڊيٽيڊ جي- بي- مسرا. (1980ع)، ص- 115
90.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 20995323
91.  ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 12342014)

سنڌي گرامر، پهاڪن، اصطلاحن ۽ محاورن جي ببليوگرافي
(الف) پهاڪا ۽ چوڻيون
۱. انگريزي:
۱. ڪرپلاڻي، روچيرام گجومل/ (A Hand- book of Sindhi Proverbs, with English renderings and equivalent Sayings) ڇاپو پهريون. ڪراچي، سنڌ: ڪمشنر پريس، (1895ع)، ص- 324 ڇاپو ٻيو. حيدرآباد سنڌ: کيمچند شيوڪرام آڏواڻي، (1921ع)، ص- 128
۲. سنڌي:
1.    آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند/ هندن جي جيوت پهاڪن مان پڌري. (1919ع)، ص- ؟
2.    آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند/ پهاڪن جي پيڙهه. حيدرآباد سنڌ: ڪشنچند وسڻمل. (1917ع)، ص- 59
3.    ڏواڻي، ڀيرومل مهرچند/ گلقند: پهاڪا ۽ اصطلاح سمجهاڻيءَ سميت. ڇاپو پهريون. ڪراچي، سنڌ: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي. (1925ع)، 2- جلد  ڇاپو ٻيو. ڪراچي، سنڌ: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي. (1931ع)، جلد-؟    ڇاپو ٽيون. ڪراچي، سنڌ: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، (1940ع)، ص- 131.
4.    آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند/ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ڀاڱو- 2، باب- 11: اصطلاح ۽ پهاڪا. ڇاپو ڇهون. حيدرآباد سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ. (2004ع)، ص-؟
5.    آڏواڻي، ڪيولرام سلامتراءِ/ گل شڪر. ڇاپو پهريون. ڪراچي، سنڌ: گورنمينٽ سينٽرل بڪ ڊپو. (1905ع)، ص- 284 ڇاپو چوٿون. ڪراچي، سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ. (1953ع)، ص- 16، ڇاپو پنجون. ڪراچي، سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ. (1956ع)، ص- 16،ڇاپو ستون. حيدرآباد، سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ. (1978ع)، ص- 16، 222
6.    آڏواڻي، ڪيولرام سلامتراءِ/ گل. ڇاپو پهريون. ڪراچي، سنڌ: گورنمينٽ سينٽرل بڪ ڊپو. (1905ع)، ص- 93 ڇاپو چوٿون. سکر، سنڌ: البرٽ پرنٽنگ پريس، (1916ع)، ص- ڇاپو ڇهون. ڪراچي، سنڌ: گورنمينٽ سينٽرل بڪ ڊپو. (1929ع)، ص- 114نئين ڇاپي جو پهريون ايڊيشن. حيدرآباد، سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ. (1956ع)، ص- 109
7.    تنيو، شمس لدين/ پهاڪن جي پروڙ. حيدرآباد، سنڌ: آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس، سال؟،ص-؟
8.    ٽالپر، الهه بخش/ پهاڪن جي پيڙهه. ڇاپو پهريون، حيدرآباد، سنڌ: آر- ايڇ احمد اينڊ برادرس، (1969ع)، ص- 90
9.    ٽيڪچنداڻي، روي پرڪاش/ سنڌي پهاڪا: ڀاشاوجنانيڪا، سماجيڪا ايم سمسڪرتيڪا اڀياس. ڇاپو پهريون. فيض آباد، يو- پي: سنڌي بڪ ٽرسٽ. (2005ع)، ص- 352 (هي ڪتاب هندي ٻولي ۾ لکيل آهي)
10. ٽيڪچنداڻي، روي پرڪاش. مترجم: ڦلومل مينگهوار. ايڊيٽنگ: ڊاڪٽر فهميده حسن/ سنڌي پهاڪا: لسانياتي، ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس. ڇاپو پهريون. حيدرآباد سنڌ: سنڌي لينگويج اٿارٽي، (2010ع)، ص- 403
11. جڙياسنگهاڻي، سترامداس ايسرداس سائل/ دردن جي دٻلي عرف سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون. ڇاپو پهريون. احمد آباد، گجرات: سترامداس سائل. (1982ع)، 2- جلد
12. جوڻيجو، ڊاڪٽر عبدالجبار/ سنڌي  ٻوليءَ جي ماهيت، باب ستون: پهاڪا، اصطلاح، چوڻيون ۽ ورجيسيون. حيدرآباد سنڌ: سنڌي لينگويج اٿارٽي (2006ع)، ص-؟
13. جيٽلي، مرليڌر ڪشنچند/ سنڌي پهاڪا ۽ محاورا: هڪ اڀياس. ڇاپو پهريون. دهلي، انڊيا: ايم. ڪي. جيٽلي. (1993ع)، ص- 107
14. جيٽلي، مرليڌر ڪشنچند/ سنڌي پهاڪا ۽ محاورا: هڪ اڀياس. ڇاپو ٻيو. ڪنڊيارو، سنڌ: روشني پبليڪيشن، (1996ع)، ص- 150
15. رامراڻي، پي. بي/ پهاڪا ۽ اصطلاح. احمير، انڊيا، (1955ع)، ص-؟
16. سيد يوسف بخاري دهلوي/ مرقع اقوال وامثال: عربي، فارسي، اردو، سنڌي، پنجابي، پشتو. ڪراچي، سنڌ: انجمن ترقي اردو پاڪستان. (1994ع)، ص- 1008
17. سنديلو، عبدالڪريم/ پهاڪن جي پاڙ. لاڙڪاڻو، سنڌ: ايم- اسلم ميان، لاڙڪاڻو. ڇاپو پهريون، (1966ع)، ص- 162 ڇاپو ٻيو (1969ع) ڇاپو ٽيون (1970ع)، ڇاپو پنجون (سنڌي ادبي بورڊ، 2006ع)
18. سومرو، شاهد/ ٻولي سندا ٻول: سنڌي ٻوليءَ جي گمنام لفظن ۽ پهاڪن جي تشريحي لغت. ڇاپو پهريون. حيدرآباد سنڌ: سنڌي لينگويج اٿارٽي، (2005ع)، ص- 296
19. سهتو، عبدالوهاب/ ننڍڙي روپ وارا پهاڪا ۽ چوڻيون. حيدرآباد، سنڌ: سنڌي ساهت گهر، (2002ع)، ص- 93
20. سهتو، عبدالوهاب/ موزون آکاڻين تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون. حيدرآباد، سنڌ: سنڌي ساهت گهر، (2004)، ص-؟
21. سهتو، عبدالوهاب/اترادي پهاڪا ۽ چوڻيون. حيدرآباد، سنڌ: سنڌي ساهت گهر، (2006ع)، ص-؟
22. سيد اظهر شاهه گيلاني/شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون. شڪارپور، سنڌ: مهراڻ اڪيڊمي (2004ع)، ص-؟
23. شيخ، الطاف/رٺي آهي گهوٽ سان: پهاڪا چوڻيون. ڇاپو پهريون. حيدرآباد، سنڌ: نيو فيلڊس پبليڪيشن، (1996ع)، ص- 200.
24. شيخ، ثناءَ الله.دي مهراڻ انگلش- سنڌي ڊڪشنري وٿ پرونائونسيئشن، ميجرمينٽ، ايبريوئيشن، فرينچ فريزيز، اڊيئمس، سنگل ورڊ فار فريزز،، اينڊ پراوربس. ڇاپو- پهريون. سکر، سنڌ: عجائب اسٽورز، (1967ع)، ص- 631
25. عرساڻي، شمس الدين/سنڌي ورجيسي ٻولي: پهاڪن ۽ محاورن جو موضع وار تشريحي خزانو. ڇاپو پهريون. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن، (1997ع)، ص- 192
26. ڪشناڻي، سنتداس پنهومل/ سنڌي پهاڪا ۽ محاورا ڪوش. ڇاپو پهريون. پونا، ڀارت: پي. وي. ڪشناڻي ٽرسٽ. (1993ع)، ص- 648
27. کلناڻي، ڪوڙومل چندنمل/ سنڌي پهاڪا. ڇاپو پهريون. (1889ع)، ص-؟ڇاپو پهريون. (1889ع)، ص-؟ڇاپو چوٿون. حيدرآباد سنڌ. (1911ع)، ص-؟
28. گربخشاڻي، ساوتري/ارون جي سوکڙي. بمبئي، انڊيا: رم جهم ساهت مالها. (1958ع)، ص- 98
29. گنواڻي، ايس.پي/ادبي سوغات: سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جو مجموعو. بمبئي: ايس- پي گنواڻي. (1991ع)، ص- 155
30. ماڊرن انگلش- سنڌي ڊڪشنري: انگريزي پهاڪن ۽ محاورن جا سنڌي هم معنيٰ. شڪارپور، سنڌ: خوبچند اينڊسنز، (1989-  1900ع)، ص- 462، 32، 26، 24
31. مرزا قليچ بيگ/ لطيفي لات: شاهه جي رسالي مان چونڊيل. حيدرآباد سنڌ: آتمارام ڪندنمل. (1912ع)، قيصريه پريس حيدرآباد، ص- 38
32. مرزا، قليچ بيگ/پهاڪن جي حڪمت. ڇاپو پهريون. حيدرآباد، سنڌ: ڄيٺمل پرسرام گلراج. (1925ع)، ص- 151 ڇاپو؟. سکر، سنڌ: هريسنگهه سنز. (1927ع)، ص- 152
33. مهرچنداڻي، ڪيرت/ اپتارا: اٺاويهن چونڊ سنڌي چوڻين جو مجموعو. ڇاپو پهريون. برودا، انڊيا: وشنداس. اين چندناڻي، (1964ع)، ص- 44
34. مهرچنداڻي، ڪيرت/ چونڊ سنڌي چوڻيون: چوڻيون ۽ پهاڪا وستار سان سمجهايل. ڇاپو پهريون. احمد آباد، گجرات: ڪيرت مهرچنداڻي، (1981ع)، ص- 160
35. ناظم چنه/پهاڪا ۽ پرولوين. شڪارپور، سنڌ: مولوي محمد عظيم ڪتب خانه، (1998ع)، ص-؟
36. هاٿيراماڻي، تيرٿڌاس پيسومل/ پهاڪن جي پاٻوهه.(1973ع) 
۳. مذهبي ۽ اصلاحي:
37. شرٽ، جارج)، جلد/سليمان جي پهاڪن جو ڪتاب، سنڌي. لڌيانه: برٽش اينڊ فارين بائبل سوسائٽي، (1885ع)، جلد- 1ڇاپو- 2، لڌيانه، انڊيا: برٽش اينڊ فارين بائبل سوسائٽي، (1885ع)، جلد -1لاهور: برٽش اينڊ فارين بائبل سوسائٽي، (1907ع، 1910ع، 1912ع، 1915ع)، جلد- 1
38. گاجرا، ٻلديو. ٽي/اش اپنشد: اٿا ڀاشانه. ڇاپو ٻيو. بمبئي، انڊيا: ٻلديو. ٽي. گاجرا. (1988ع)، ص- 4، 94
39. واسواڻي، حڪومت سنگهه/ڌرتي تي سرڳ. گانڌيدام، ڪڇ: ايڇ. آر. واسواڻي. (1987ع)، ٻه واليوم. 

ب- اصطلاح، محاورا ۽ ورجيسيون
۱. سنڌي:
40. آرٿر، ايڊورڊ پينفولڊ/ دوساڀائي سهرابجي جي (انگريزي- هندوستاني ۽ پرشن) اصطلاحي جملن جو سنڌي ترجمو ۽ گيلڊون جي پرشن منشي (حڪايات لطيف) مان 75 آکاڻيون. ڪراچي، سنڌ: ايڊورٽائيزر پريس، (1852ع)، ص- 18، 70، 54، 30، 34، 104، 32
41. جڙياسنگهاڻي، سترامداس ايسرداس سائل/ ماڻڪ موتي عرف ورجيسيون ۽ محاورا. ڇاپو پهريون. احمدآباد، گجرات: سترامداس سائل، (83- 1982ع)، 2- جلد
42. سرڪي، نياز/ قرآن ۽ سنڌي ورجيسيون. حيدرآباد، سنڌ: سنڌي ساهت گهر (2001ع)، ص-؟
43. سينديلو، عبدالڪريم/ اصطلاحن جي اصليت. ڇاپو پهريون. لاڙڪاڻو، سنڌ: اسلم پبليڪيشن، 1987ع، ص- 4، 148
44. سهتو، عبدالوهاب/ ورجيسيون: پسمنظر ۽ ڪارج. حيدرآباد، سنڌ: سنڌي ساهت گهر (2003ع)، ص-؟
45. شيخ، امان/ جي مون موتي ميڙيا: ڀاڱو پهريون. خيرپور سنڌ: سرمد ڪتاب گهر، (1999ع).
46. گلراجاڻي، جهامنراءِ منگهنمل/ سنڌي ڪمپيئنين (Sindh`s Companion): انگريزي پهاڪن ۽ اصطلاحي جملن جو سنڌي ترجمو. بمبئي: (1883ع)، ص- 36
47. ميرچنداڻي، ليکراج ڪشنچند عزيز/ سنڌي اصطلاح: ڇهن هزارن کان مٿي اصطلاح ۽ محاورا، معنيٰ ۽ استعمال سميت. بمبئي: ليکراج ڪشنچند عزيز ايڊيوڪيشنل ۽ لٽرري ٽرسٽ. 87- 1976ع)،
48. ونڊير، غلام اصغر/ سنڌي کٽمٺڙا عرف اصطلاحات اصضر: معنيٰ ۽ استعمال سميت. حيدرآباد، سنڌ: آر- ايڇ احمد اينڊ برادرس، (1956ع)، ص- 4، 574
49. ونڊير، غلام اصغر/ سنڌي اصطلاح: الف بي وار. شڪارپور، سنڌ: مهراڻ اڪيڊمي، (2010)، ص-؟
50. هردرراماڻي، گهنشامداس رامنداس/ سنڌي ٻوليءَ جي سونهن. حيدرآباد سنڌ: خود. (1910ع)، پريمئر پريس حيدرآباد، ص- 278.  
2. انگريزي:
51. شاهاڻي، موهن لال جوت سنگهه/ (A hand- book of Sindhi idioms: with English renderings & equivalent) ڪراچي، سنڌ: ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني، (1937ع)، ص- 

3. پهاڪن، چوڻين، اصطلاحن ۽ ورجيسين بابت مضمون:
52. انڍڙ، ارشد/شاهه جي رسالي ۾ اسلامي اصطلاح. ماهوار پيغام، (مئي، 1988ع)، ص- 4
53. ٻگهيو، محمد قاسم/ پهاڪو. مهراڻ، نمبر- 1، جنوري- مارچ (1979ع)، ص- 21 انٽرنيٽ ايڊيشن.
54. ٻگهيو، عزيزالرحمان/ سنڌي چوڻيون (مقالو). ڪتاب: سنڌي ٻولي، جلد- 5، شمارو- 3، جولاءِ- سيپٽمبر/ 2012ع، ص: 93- 103
55. ڀيو، مير محمد/ سر ڪليان ۾ محاورا، اصطلاح ۽ چوڻيون. ڪتاب: سرڪلياڻ جو مطالعو/ مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. ڇاپو پهريون. شاهه عبداللطيف  بن شاهه ثقافتي مرڪز، (1970ع)
56. جوڻيجو، عبدالجبار/ چونڊ سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح. ڪينجهر: تحقيقي جنرل، شمارو- 11، سال 2005ع، ص- 104
57. جيٽلي، مرليڌر ڪشنچند/ سنڌي مرهٽي ۽ انگريزي پهاڪا ۽ چوڻيون. پونا، انڊيا: رسالو سواتنترا، (1964ع)
58. چنا، حافظ محمد احسن/ شاهه ڀٽائي جا بيت (پهاڪا). ماهنامه نئين زندگي، (جنوري، 1980ع)، ص، 33- 36
59. خواجه، مسز نور افروز/ شاهه جي ڪلام ۾ اصطلاح (سريمن ڪلياڻ). ٽه ماهي سرتيون، (آڪٽوبر- ڊسمبر، 1990ع)، سنڌي ادبي بورڊ، ص، 77- 81
60. خواجه، مسز نورافروز/ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ اصطلاح. ٽه ماهي سرتيون، (اپريل- جون، 1991ع)، سنڌي ادبي بورڊ، ص، 108- 118.
61. خواجه، مسز نورافروز/ سر ڪلياڻ ۾ اصطلاح. ڪينجهر: تحقيقي جنرل، شمارو- 2، سال 1998ع، ص- 85- 92
62. خواجه، مسز نورافروز/ سنڌي اصطلاح چوڻيون ۽ پهاڪا. ڪينجهر: تحقيقي جنرل، شمارو- 1، سال 1987ع، ص: 79- 92
63. سومرو، ڊاڪٽر غلام قادر/ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ چوڻيون. نئين زندگي، (جولاءِ- آگسٽ، 1983ع)، ص، 2- 15
64. سومرو، ڊاڪٽر غلام قادر/ شاهه جي سر مارئي ۾ ڪم آيل اصطلاح. نئين زندگي، (آڪٽوبر، 1990ع)، ص، 23
65. شيرزا، ناسف علي/ سنڌي گرامر، پهاڪن، اصطلاحن ۽ محاورن جو تاريخي اڀياس (مقالو). ڪتاب: سنڌي ٻولي، جلد- 5، شمارو- 2، اپريل- جون/ 2012ع، ص: 93- 103
66. ڪيريو، احمد خان/ سر سورٺ ۾ محاورن جو استعمال. ماهنامه نئين زندگي، (آڪٽوبر، 1987ع)، ص-؟
67. ڪيريو، احمد خان/ سر مومل راڻي ۾ محاورن جو استعمال. ماهنامه نئين زندگي، (نومبر، 1983ع)، ص، 20- 23
68. قريشي، مظهر علي/ شاهه جي رسالي ۾ ڪم آيل اصطلاح ۽ پهاڪا. ماهوار پيغام، سنڌ اطلاعت کاتو، ڪراچي (فيبروري- مارچ، 1993ع)، ص، 7- 71(مئي- جون، 1992ع)، ص، 8- 22 (آگسٽ، 1992ع)، ص، 32- 37 (جنوري، 1993ع)، ص، 7- 10
69. قريشي، مظهرعلي/ شاهه جي رسالي ۾ ڪم آيل اصطلاح ۽ پهاڪا. ماهوار نئين زندگي، سنڌ اطلاعت کاتو، حيدرآباد، (اپريل، 1995ع)، ص، 10- 13
70. مخمور بخاري/ سر ديسي ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال. ڪتاب ديسي سيڻ ڪجن: سر ديسي جو مطالعو. مرتب: تاج جويو. حيدرآباد، سنڌ: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، (2005ع)، ص-؟
71. ميمڻ، سليم/سنڌي زبان ۾ سرائيڪي پهاڪا. ڪتاب: جيجل جي ٻولي
72. ماستر جمعيت راءِ/ آڳاٽي سنڌيءَ جا ڪي لفظ ۽ پهاڪا. بمبئي، انڊيا: اخبار هندواسي، (آگسٽ- 1961ع
73. همايوني، نياز/ شاهه جون چوڻيون. الرحيم، (جنوري- فيبروري، 1979ع)، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد سنڌ. ص- 8.

(نوٽ: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد طرفان شايع ٿيندڙ ٽه-ماھي مھراڻ جي پرچي ۱-۲۰۱۵ع تان ناسف علي شيراز جي مضمون، ”سنڌي گرامر، پهاڪن، اصطلاحن ۽ محاورن جو تاريخي اڀياس“ منجھان اختصار طور فقط پھاڪن، چوڻين ۽ اصطلاحن وارو حصو، ٿورن سان ھتي ڏنو ويو آھي.)



[1]  پادري جارج شرٽ (1886-1843ع): پادري جارج شرٽ، چرچ مشنري سوسائٽي سنڌ جو سينيئر مشنري، ڪاٿورن يا رڪشائر(Cawthorne) انگلينڊ ۾ سنه 1843ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم (C.M.S) ڪاليج لنڊن ۽ ڪيمبرج مان پاس ڪيائين. هن بي- اي جي ڊگري امتيازي نمبرن سان سنه 1864ع ۾ پاس ڪئي. سال 1866ع ۾ هو انگلينڊ کان پاڻي رستي هندستان روانو ٿيو. رستي ۾ جهاز جي ڀڄڻ ڪري هن کي چار ڏينهن کليل ٻيڙيءَ ۾ سفر ڪرڻو پيو. اتفاق سان اتان هڪ ٻيڙو لانگهائو ٿيو، جنهن هن کي سلامتي سان بمبئي پهچايو. بمبئي پهچڻ جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، کيس مشنري طور حيدرآباد سنڌ موڪليو ويو، جتي هن 1873ع تائين مشنري طور ڪم ڪندي سنڌي ٻوليءَ جو به چڱو مطالعو ڪيو. ان ئي سال هو انگلينڊ موڪل تي ويو. ڪيمبرج ۾ رهڻ دوران هو مشرقي ٻولين جو مطالعو ڪندو رهيو. سال 1875ع ۾ هو واپس سنڌ موٽي آيو. سنڌ موٽي اچڻ کانپوءِ هو. سنه 1877ع تائين ڪراچي ۾ مشنري طور ڪم ڪندو رهيو. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران، هن هندستان جي حڪومت جي درخواست تي سنڌي- انگريزي ڊڪشنري جو ڪم مڪمل ڪيو. اها ڊڪشنري 1879ع ۾ ڪراچيءَ ۾ مان شايع ٿي.
1881ع ۾ صحت جي خرابيءَ ڪري هو ٽن مهينن لاءِ ڪوئٽيا هليو ويو. جتي هن عربي ٻوليءَ جو مطالعو جاري رکيو ۽ ان سان گڏ هن بروهي ٻوليءَ ۾ پڻ چڱي مهارت حاصل ڪري ورتي. آگسٽ 1882ع ۾ هو واپس موڪل تي انگلينڊ هليو ويو جتي هن مشرقي ٻولين بابت پنهنجو مطالعو جاري رکيو. انگلينڊ ۾ رهڻ دوران هن (Brotherton Sanskrit Prize) مقابلي ۾ حصو ورتو ۽ هڪ ٻئي عالم سان برابر جا نمبر کنيا. اهو انعام ٻنهي ۾ ورهايو ويو. جنوري 1885ع ۾ هندستان واپس ايندي هو پرشيا کان ٿيندو آيو، جتي هن فارسي ٻوليءَ بابت پڻ خاصي ڄاڻ حاصل ڪئي. سنڌ ۾ واپس اچڻ کان پوءِ، هن سکر ۾ پنهنجو هيڊ ڪوارٽر ٺاهيو، جتي هن بائبل جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سنڌ ۾ ويهن سالن واري عرصي جي رهڻ دوران هن عيسائي مذهب بابت ڪيترائي ننڍڙا مذهبي ڪتاب جوڙيا. اپريل 1886ع ۾ هن کي ڪوئٽيا ۾ چرچ مشنري جو بنياد  وجهڻ لاءِ، ڊاڪٽر سيوٽن (Dr. A.W.Sutton) سان گڏ موڪليو ويو. جون مهيني جي شروع ۾ هو بيمار ٿي پيو ۽ 16 جون تي هن دنيا مان بنا ڪنهن تڪليف جي لاڏاڻو ڪيائين. سنڌ جي مقامي ۽ غيرمقامي ماڻهن ۾ هن لاءِ محبت، مان ۽ عزت هميشه قائم رهي. هن سنه 1868ع ۾ شادي ڪئي ۽ پويان بيوهه ۽ اٺ ٻار ڇڏيائين. هن جو نالو رائل ايشئيٽڪ سوسائٽيءَ جي ميمبرن ۾ پهريون دفعو 1878ع ۾ شايع ٿيو، ان کان علاوه هو بمبئي يونيورسٽيءَ جو فيلو پڻ هو (۳۸).


No comments:

Post a Comment