سنڌي ۽ غير سنڌي پهاڪا- هڪجهڙائي
گنگا رام سمراٽ
هر هڪ ديش ۾ جدا جدا پرانتڪ
ٻوليون هونديون آهن پر مڙني ۾ مول سمانتا (هڪجهڙائي) ضرور هوندي آهي. ڀارت ۾ به
ائين آھي. ٻولي يا ٻولين ۾ پهاڪن جو به مکيه حصو آهي، جنهن جي
اڀياس سان ڄاڻ پوي ٿي ته ديش جي ويچار ڌارا ڪيترو سمان آهي. نه ته ائين ڇو ٿئي جو
جيڪو پهاڪو سنڌ ۾ سو بينگال ۾، جيڪو سنڌيءَ ۾ سو دڪن ۾ ته گجراتي، راجسٿاني ۽
ڪشميريءَ ۾ ڪيئن؟ ۽ اها ڳالھ سڄي سنسار ۾ سمان آهي. اگر مول ۾ سمانتا ڪانهي ته
هيءَ وڻ جي ڦلن ۾ ڇو؟ اڄ جي ڀاشا شاستر جو مول تت آهي ته وڻ انب جو پر ان ۾ ڦل
زيتون جو پسون! جا ڳالھ بلڪل غلط آهي. اگر وڻ مول کان انب جو آهي ته ان جو ڦل فقط
انب ئي ٿيندو، اهو قدرت جو صاف ۽ شڌ نيم آهي.
