Showing posts with label گھر، پھاڪا، چوڻيون،. Show all posts
Showing posts with label گھر، پھاڪا، چوڻيون،. Show all posts

Tuesday, August 14, 2018

گھرن اندر ٻڌل پھاڪا ۽ چوڻيون


گھرن اندر ٻڌل پھاڪا ۽ چوڻيون
Pahaka Ain Chavryun
We often heard at home
ھيءُ مضمون نيٽ تان کنيل آھي، جيڪو انگريزي زبان ۾ لکيل ھيو. ليکڪ پنھنجو نالو منجھس شامل نه ڪيو ھيو، سو ھتي به بنا نالي جي پيش ڪجي ٿو. منجھس ڄاڻ جا نقطا سمايل آھن، جيڪي ھيٺ ڏنل سنڌي پھاڪن تي آڌاريل آھن.
۱. اٿئي ناڻو؛ ته ڏس لاڙڪاڻو.
۲. ٻار؛ مڇ جو وار.
۳. پنڻ کان پيھڻ ڀلو.
۴. پئسي بنا پرساد؛ ھرو نه ڏئي ھٿ ۾.
۵. ٺار ته ٺاريانءِ.
۶. جيڪي چلھ تي، سي دل تي.
۷. دال ۽ ڳالھ؛ جيڏي وڌاءِ تيڏي وڌي.
۸. ڌڪ ھڻ ڌيءُ کي ته سکي نونھن.
۹. سچ ته بيٺو نچ.
۱۰. ڪتو به ڪڙم ۾ سونھين.
۱۱. ڪري مٿان؛ ڪنھن جي ھٿان.
۱۲. گھر؛ گروءَ جو در.
۱۳. نه ڏي؛ نه ڏکوءِ.
۱۴. ونڊ ورھاءِ؛ سک پاءِ.