Showing posts with label ڏُکارو منطق، تمثيل، گابريل لائوب، سنڌي، ولي رام ولڀ، اڻٽر سچائي،. Show all posts
Showing posts with label ڏُکارو منطق، تمثيل، گابريل لائوب، سنڌي، ولي رام ولڀ، اڻٽر سچائي،. Show all posts

Tuesday, August 14, 2018

ڏُکارو منطق - ولي رام ولڀ


ڏُکارو منطق
گابريل لائوب
سنڌيڪار: ولي رام ولڀ
ايفورِزم (Aphorism) هڪ مختصر پر جامع جملي کي چئبو آهي، جيڪو مثال ڏئي، ڀيٽ ڪرڻ جي ذريعي يا ڪنهن شيءِ جي خلاف اظهار راءِ سان پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري. ايفورزم جي لفظي معنيٰ آهي مختصر، اڻپورو ۽ زوردار. يوناني فيلسوف هيپوڪراٽس کي انهيءَ صنف جو مهندار ڪوٺيو ويندو آهي. جرمن ادب ۾ گوئٽي ۽ فيلسوف شوپنهار ۽ نيچي (نطشي) انهيءَ صنف کي ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو آهي. سهيوڳي اديبن ۾ خاص ڪري گابريل لائوب انهيءَ صنف تي ڪم ڪيو آهي. لائوب ۱۹۲۸ع ۾ چيڪو سلاواڪيا جي اُن حصي ۾ پيدا ٿيو، جتي جرمن زبان ڳالهائي وڃي ٿي. تعليم پراگ ۾ حاصل ڪيائين ۽ اُتي ئي صحافي ۽ اديب جي حيثيت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. ۱۹۲۸ع ۾ جڏهن چيڪو سلاواڪيا ۾ روسي فوجون گهڙي آيون ته هو مغربي جرمنيءَ هليو ويو. ”ڏکارو منطق“ جي عنوان سان هن ايفورزم جو هڪ مجموعو شايع ڪيو هو. هيٺيون مواد اُنهيءَ مان چونڊيو ويو آهي- سنڌيڪار.