سنڌي پهاڪا
علي نواز وفائي
دنيا
جي هر هڪ ملڪ جو لوڪ ادب بلڪل مختلف ۽ جدا جدا هوندو آهي، ۽ انهي لوڪ ادب جي
نصيحتن ڀرين نتڪن ۾ اهي راز ۽ رمزون سمايل هونديون آهن، جن کي جيڪڏهن ٿورو غور ۽
فڪر، سمجھ ۽ سوچ سان پروڙڻ جي پچار ڪبي ته ڪيئي نصيحت ڀريا نڪتا نڪري نروار ٿيندا
نظر ايندا رهندا آهن.
لوڪ
ادب ۾ گهڻائي موضوع ملندا رهندا آهن، مگر پهاڪن جو جيڪو سلسلو اسان جي سامهون
ايندو رهي ٿو، جيڪڏهن انهن جي مختصر ۽ محدود ۽ معنيٰ خيز مطلب تي لکڻ تي ويهبو ته
ڪيئي دفتر درڪار ٿي ويندا.
ڇو
ته پهاڪن جي معنيٰ ۽ مطلب، شرح ۽ تاريخي پس منظر جهڙين سمورين ڳالهين لاءِ وڏي
مطالعي، معلومات ۽ تحقيق جي ضرورت هوندي هي. تنهن کانپوءِ وڃي پهاڪن جي صحيح پروڙ
پئجي سگهندي. پهاڪا بذات خود وقت ۽ حالتن، ماحول، معاشي ۽ اقتصادي اٿڻي ويهڻي،
رفتار ۽ گفتار، کائڻ ۽ پيئڻ، رسم ۽ رواج، محفلن ۽ مجلسن، گويا انسان جي زندگيءَ ۽
ان وقت جي حالتن جي صحيح ترجماني ڪندا رهندا آهن.
جيئن ته هر هڪ فنڪار پنهنجي دور
۽ وقت جو بيباڪ ترجمان هوندو آهي، ۽ جا شيءِ پنهنجي اکين سان ڏسندو آهي، تنهن کي
پنهنجي قابليت ۽ لياقات جي سانچي ۾ وجهي، پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي اڳيان پيش ايندو
رهندو آهي.
انهن پهاڪن مان هر پڙهندڙ کي،
ان دور جي بلڪل صحيح ۽ صاف تصوير نظر ايندي رهندي آهي، سگهڙن جي تجربي ۽ آزمودي، ۽
بلند خيالن جو به اندازو لڳائي سگهبو آهي. پنهنجو ذاتي خيال آهي ته سنڌي پهاڪن جي
جيڪڏهن تحقيقات ڪري، انهن کي ڪتابي صورت ۾ آڻجي ته گويا سنڌي علم ۽ ادب ۾ به پورو
اضافو ٿيندو، ۽ پڙهندڙن کي به پنهنجي پهاڪن جي پوري پوري پرور پئجي ويندي.
اڄ ڏينهن تائين پهاڪن جهڙي فن
ڏانهن ڪنهن به اديب ۽ اهل قلم توجه نه ڏنو آهي. جنهن ڪري پهاڪن جو فن آهستي آهستي،
اسان جي محفلن ۽ مجلسن مان وڃي ٿو ختم ٿيندو. انهي فن کي محفوظ ڪرڻ جو صرف هڪ ئي
طريقو آهي، ته سنڌ جي سمورن پهاڪن کي ڪتابي صورت ۾ آڻجي ته بهتر ٿيندو. ۽ اسان جي
ادب جو دامن پهاڪن جي فن سان مال مال ٿي ويندو.
جيئن ته سڄي سنڌ کي مختلف حصن ۾
ورهائي، انهن تي جدا جدا نالا رکيا ويا آهن. سنڌ جو ڪافي حصو لاڙ ۾ اچي وڃي ٿو.
وچولي وارا، حيدرآباد کان هيٺين واري ڀاڱي کي لاڙ سڏيندا آهن، ۽ اپر سنڌ وارا
نوابشاھ ضلع کان هيٺين واري ڀاڱي کي لاڙ تصور ڪندا آهن، جنهن ۾ دادو ضلع جو اڌ، ۽
مارئي جو ٿر جو وڏو حصو انهي ۾ اچي وڃن ٿا. اپر سنڌ ۽ لوئر سنڌ، لاڙ ۽ وچولي جا
پهاڪا پڻ جدا جدا آهن. مان هتي پڙهندڙن لاءِ ڪي انهن پهاڪن جو مطلب ۽ معنيٰ ڪڍڻ جي
ڪوشش ڪندا ته بهتر ٿيندو.
* هلي آئون نه سگهان، لک لعنت گوڏن تي.
* اڳيان ويا وسري، پويان لڳا مصري.
* نڪ نه ناسان، سنگهان ڇا سان.
* جهنگ جهر جي جهرڪي، جهٽي ويئي جهار.
* جيڪو پيئي ترو، تنهن کي تپ نه ٿئي ٻرو.
* ڪڪڙ ڪورين جو، نانءُ وڏيري جو.
* ڌوٻي ڌوئي، مالڪ روئي.
* لڳو نه لڳو، تنهنجو هڏ گڏ ڀڳو.
* کائڻ لاءِ کرو، ڪمائڻ لاءِ ٻرو.
* ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي.
* وار ته ڦڻي، نه ته ڪوڙاءِ کڻي.
* جيڏا شهر، تيڏا قهر.
* چمڙي وڃي، دمڙي نه وڃي.
* وات کائي، اک لڄائي.
* منهن ملان جو، اکيون چور جون.
* اڇي ڏاڙهي، اٽو خراب.
* جنڊ کڻ ته جنڊ ڳورو، پڙ کڻ ته پڙ ڳورو.
* غريبن جي مڏي، ٻه رليون ٽين تڏي.
* جن ڇڏي ڀوت ڇڏي، پر مان نه ڇڏيان.
* جاڏي پير تاڏي خير.
* اندر لنگهڻ، ٻاهر کنگهڻ.
* جڏا جياري، مرڪندا ماري.
* لنڊيون لوٺيون لک، هڪ الله جي رک.
* گهر ۾ ڪين، ته به گهوڙي تي زين.
* سچي ڳالھ سوٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي.
* جهڙي ڇالي، تهڙي پني، هن لاهي، هن کي ڏني.
* هنر واري جي گهڙي، بي هنر واري جي ڄمار.
* ڪاڻو پٽ، کاٽائو ڀلو.
* ٻڏڻ ويو آهي وسري، لڏڻ آيو آهي مراد.
(علي نواز
وفائيءَ جي ڪتاب ”رتيءَ جي رهاڻ“ ڇپايل وفائي اڪيڊمي ڪراچي ڇاپو پھريون سال ۱۹۷۸ع تان ٿورن سان کنيل)
No comments:
Post a Comment