نامناسب ۽ هاڃيڪار
پهاڪن جو عام استعمال
صوفي سيد ثناءُ الله شاهه/ماتلي
اسان
جي معاشري ۾ ڪجهه غير موزون ۽ نازيبا پهاڪا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، جيڪي اسان جي علم ۽
ادب جو حصو ته نه آهن، بلڪ جهالت جي هڪ ڪڙي آهي. مثلاً: ۱. ”الله
حقئون به رکي ته ناحقئون به رکي“. ۲. ”نياڻي
آهي اڪ-کاڌي، مريو به وڃي، ڪير گهري ته ڏيئي ڇڏجي.“ يا وري ۳.
”مڙس ته ڦڏو، نه ته جڏو.“
