Sunday, August 12, 2018

جهالت انسان جي وڏي دشمن آهي! - مرتضيٰ سيال


جهالت انسان جي وڏي دشمن آهي!
مرتضيٰ سيال
جاهل اهو ناهي، جيڪو پڙهيل لکيل ناهي. جاهل اهو به ناهي جنهن وٽ گهٽ ڄاڻ آهي. جاهل ۽ ڄٽ اهو آهي، جنهن وٽ عقل ۽ فضيلت جي کوٽ هجي. ڪو گهٽ پڙهيل يا اڻ پڙهيل آهي ته به خير آهي. ڪنهن وٽ ڄاڻ جي کوٽ آهي ته به ڪو وڏو مسئلو ناهي. پر ڪو عقل توڙي فضيلت کان وانجهيل ۽ بدنيت آهي ته خير ناهي. سياڻن سچ چيو آهي؛ ڄٽ ۽ ڦٽ ٻڌل چڱو آهي.


جاهل جي خاص نشاني اِها آهي ته اهو پنهنجي غلطي مڃڻ لاءِ تيار ناهي ٿيندو. ٻيو ته پنهنجي ڪيل غلط ڳالهه کي، صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهندو آهي. سمجهداري ۽ فضيلت، اهڙا گُڻ آهن، جيڪي ماڻهوءَ کي انسان بڻائن ٿا. جڏهن ته ضد، جهالت ۽ بدنيتي، ماڻهوءَ کي انسانيت کان پري ڪري ٿي. سمجهدار ماڻهوءَ کي مختصر لفظن ۾ وڏا وڏا معاملا سمجهائي سگهجن ٿا پر جاهل سان بار بار مٿو هڻڻ جو به ڪو فائدو نه ٿو ٿئي. ڪجهه ماڻهو اهو طئه ڪري ڇڏيندا آهن ته پنهنجي ڳالهه تي سندرو ٻڌي بيهي رهڻو آهي، چاهي اها ڪيتري به غلط ڇو نه هجي. سمجهدار ۽ جاهل ۾ اهو ئي بنيادي فرق هوندو آهي. جاهل پاڻ کان سواءِ، ڪنهن کي به عقلمند ناهي سمجهندو. جڏهن ته عقلمند اهڙي ڪا به دعويٰ ناهي ڪندو. چيو ويندو آهي؛ جاهل دوست کان داناءُ دشمن بهتر آهي.
اهي چوڻيون يا مثال لوڪ ڏاهپ جو عظيم خزانو آهن. هر چوڻي، مثال يا پهاڪي ۾ وڏو فلسفو ۽ مئسيج آهي. اهو فلسفو يا مئسيج به سمجهدار ماڻهن کي سمجهه ۾ ايندو. جاهل لاءِ؛ مڙئي رڍون ٻوٿ ڪاريون.“ جاهل ڪڏهن به پازيٽوَ يا هاڪاري سوچ وارو نه ٿو ٿي سگهي. سندس منفي سوچ ئي اهو بنيادي جز آهي، جيڪو کيس سمجهداريءَ ۽ عقل کان پري رکي ٿو. جاهل کي بدقسمتيءَ سان ڪو اختيار ملي ٿو ته پوءِ تباهي يقيني بڻجي وڃي ٿي. جهڙيءَ طرح هڪ سمجهدار ماڻهوءَ جي ڪري ماحول، ادارن يا سماج تي سٺو اثر پوي ٿو، اهڙيءَ طرح هڪ جاهل ماڻهوءَ جي ڪري وڏي تباهي ٿئي ٿي. اسان جا ادارا ۽ سسٽم به جاهلن ۽ بدنيت ماڻهن جي ڪري تباهه ۽ برباد آهن.
سمجهداري، حقيقت ۾، وڏي دولت آهي. جيڪو سمجهدار هوندو، اهو فضيلت وارو به ضرور هوندو. جڏهن ته جاهل، فضيلت جو دشمن هوندو آهي. فضيلت ۽ ڏاهپ، نيڪيءَ ڏانهن وٺي وڃن ٿيون. جڏهن ته جهالت، بديءَ ڏانهن ويندڙ رستو ڏيکاري ٿي. سمجهداري، غلطين مان به سکڻ لاءِ اتساهي ٿي. جهالت، غلطين مٿان غلطيون ڪرائيندي رهي ٿي.
ٻه ۽ ٻه، چار ٿيندا آهن. ان حقيقت ۾ نه ڪو ئي ابهام آهي ۽ نه ئي بحث جي ڪا گنجائش آهي. اهڙيءَ طرح، هر ڪم جي پٺيان هڪ اصول هوندو آهي. ڪنهن به معاملي کي سمجهڻ لاءِ، علمي دليل ڪم ايندا آهن. انهن دليلن سان، منجهيل توڙي پيچيده معاملن کي به، آسانيءَ سان سمجهي سگهبو آهي. جيڪو ماڻهو اهو چوي ته؛ ٻه ۽ ٻه، پنج به ٿي سگهن ٿا.“ يا اهو چوي ته؛ اڌ ليٽر جي گنجائش رکندڙ ٿانوَ ۾ هڪ ليٽر پاڻي وجهي ڏيو.“ دليلن سان سمجهائڻ باوجود، هو سمجهڻ يا مڃڻ لاءِ تيار نه ٿئي ته ان جو ڪو به علاج ڪونهي! اهو اهڙو ذهني مريض آهي، جنهن جي ٺيڪ ٿيڻ جي اميد به اجائي آهي.
اسان وٽ تعليم ته آهي پر اها روشن خيالي ۽ ڏاهپ جو سبب نه ٿي بڻجي. اهو ئي سبب آهي جو اڻ پڙهيل ماڻهن جي ڀيٽ ۾، پڙهيل لکيل ماڻهو وڌيڪ نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو. چالاڪيءَ ۽ چالبازيءَ سان، ٻين جا حق ڦٻائڻ يا مفادن جي حاصلات ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو اڳتي آهي ۽ اهڙن ماڻهن کي پڙهيل لکيل جاهل ئي چئي سگهجي ٿو. جاهل، چالاڪ ۽ شاطر پنهنجن غلط مقصدن جي حاصلات لاءِ الائي ڪهڙا ڪهڙا ٽِڪساٽ ڪندا رهن ٿا. انهن جي نظر ۾ اصول، فضيلت، فهم توڙي انسانيت ڪا به معنيٰ نٿا رکن. هنن لاءِ حقيقت ۽ سچ اهو ئي آهي جيڪو هو پاڻ سوچين ٿا. پنهنجي غلط مؤقف ۽ غلط ڪم کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ به، وٽن عجيب قسم جا دليل آهن. هو اهو سمجهڻ لاءِ تيار ئي ناهن ته عقل ۽ فضيلت کان وانجهيل سندن دليل، کين ڪيترو خوار خراب ڪن ٿا يا ماڻهن جي نظرن ۾ ڪيترو ڪيرائين ٿا. اهڙا جاهل ۽ شاطر، پنهنجن مفادن ۽ سوچ جي دائري کان نڪرڻ لاءِ ڪنهن به طرح تيار نه ٿا ٿين. جاهلن کي ڪنهن جي به پرواهه ناهي. ماڻهو ڀلي انهن کي گڏهه سمجهندا رهن، پر مٿن ڪو به فرق نه ٿو پوي.
جاهل کي جيترا وڌيڪ اختيار هوندا، اوتري وڌيڪ تباهي ڪندو. جاهل کي اختيار ڏيڻ؛ ڀولڙي کي تلوار ڏيڻ برابر آهي.“ هو ان سان ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. سمجهدار ماڻهوءَ وٽ، جيترا وڌيڪ اختيار هوندا، اوترو ئي هو سماج، ادارن توڙي ملڪ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. جاهل، اختيارن جو صحيح استعمال ڪري اهو بلڪل ناممڪن آهي. تباهيءَ ۽ برباديءَ جا ڪيئي مثال اسان جي سامهون آهن، جن جو سبب نااهل ۽ جاهل ماڻهو آهن.
زندگيءَ جي سفر ۾، روزانو لاتعداد ماڻهن سان واسطو پوي ٿو. اڪثر ماڻهو اهو سمجهندا آهن ته؛ هو ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عقلمند ۽ چالاڪ آهن.“ پنهنجي عقلمنديءَ کي ثابت ڪرڻ لاءِ، وٽن ڪيئي مثال ۽ دليل به موجود آهن. تعريف ته هر ماڻهوءَ کي وڻندي آهي پر پنهنجي زبان سان پنهنجي تعريف ڪندڙن کي خبر ئي ناهي پوندي ته اهي پاڻ کي پاڻ ئي جاهل ثابت ڪري رهيا آهن. فضيلت ڀريو ۽ سمجهدار ماڻهو، ڪڏهن به پنهنجي تعريف پاڻ ناهي ڪندو. اهو عمل ان لاءِ شرمندگيءَ جو سبب بڻبو آهي. اهڙن ماڻهن کي ٻين جي واتان به پنهنجي اجائي تعريف ناهي وڻندي. جاهل ماڻهوءَ جي اها به خاص نشاني آهي ته هو اجائي تعريف تي به تمام گهڻو خوش ٿيندو آهي ۽ جائز تنقيد تي چڙي پوندو آهي.
مٿي ذڪر ڪيل سڀني حقيقتن ۽ دليلن تي غور ڪرڻ سان ثابت ٿئي ٿو ته؛ جهالت انسان جي وڏي ۾ وڏي دشمن آهي.“ جيڪڏهن مصيبتن ۽ مسئلن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي ته اسان کي جهالت خلاف جهاد ڪرڻو پوندو. جهالت، منافقت ۽ بدنيتي، اهڙيون مصيبتون آهن، جن سڄي سماج کي بدبودار بڻائي ڇڏيو آهي. اڄ اسين ناڪاري روين جي ڪري، اعليٰ انساني ۽ اخلاقي قدرن کان پري ٿي ويا آهيون ته ان جو بنيادي ڪارڻ به جهالت آهي.
جهالت، اهڙي بيماري آهي، جنهن جو ڪو به علاج ڪونهي. جهالت جي خاتمي سان ئي معاملا بهتر ٿي سگهن ٿا. ان کان اڳ جو جهالت، سماج کي وڌيڪ بدبودار بڻائي، سماج جي هر فرد کي جهالت جي رستا روڪ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. جاهلن کي انتظامي، سياسي توڙي پبلڪ سان لاڳاپيل سڀني معاملن کان پري رکڻ ضروري آهي. جاهل کي نه ته ڪا ذميواري ڏيڻ گهرجي ۽ نه ئي کيس ڪي اختيار ملڻ گهرجن. سمجهدار ماڻهو، اختيارن سان ماڻهن جي ڀلائيءَ وارا ڪم ڪندا پر جاهل لاتعداد ماڻهن جي آزار جو سبب بڻبو. جاهل، دشمن جي هٿيار جيان، نقصان کان سواءِ ڪجهه به نٿو ڏئي سگهي.
فضيلت ۽ سمجهداري، تمام وڏي دولت آهي. انهيءَ دولت سان، نه رڳو ماڻهن جون دليون کٽي سگهجن ٿيون، پر تمام گهڻي عزت به حاصل ڪري سگهجي ٿي. هر فضيلت ڀريو ماڻهو، سڀ ڪجهه وڃائي به عزت بچائيندو آهي. جڏهن ته جاهل، بي سمجهه ۽ بدنيت ماڻهو، مفادن جي پورائي لاءِ، عزت به داءَ تي لڳائي ڇڏيندو آهي. اصولن ۽ فضيلت وارن روين سان، معاملن کي سُلجهائڻ وارا ڪڏهن به ناڪاميءَ جو منهن ناهن ڏسندا. زندگيءَ جون سڀئي رڪاوٽون، ناڪاميون ۽ مايوسيون گهڻي ڀاڱي ماڻهوءَ کي پنهنجن روين ۽ عملن جي ڪري ڀوڳڻيون پون ٿيون. دنيا ڏاڍي تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌي رهي آهي. گهڻن ماڻهن لاءِ اصول، ايمانداري ۽ فضيلت جهڙا گُڻ ڀلي اهميت وارا نه رهيا هجن پر سچ اهو آهي ته سڀني کي ان حقيقت ڏانهن موٽڻو پوندو. جنهن مطابق اصولن، قدرن، فضيلت ۽ عزت کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي.
زندگي ته جانور به گذاريندا آهن، جن لاءِ پيٽ ڀرڻ کان سواءِ ڪا به ڳالهه اهم ۽ ضروري ناهي. پر انسان؛ سوچي ٿو، سمجهي ٿو، غلط ۽ صحيح ۾ فرق ڪري سگهي ٿو، ڀلائيءَ ۽ برائيءَ متعلق ڄاڻي ٿو، سماج، ملڪ توڙي قوم لاءِ احساس ۽ جذبا رکي ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو، انهن سڀني خصلتن ۽ جذبن کان عاري هجي ته ان کي انسان ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟! جاهل، حقيقت ۾ چئبو ئي ان ماڻهوءَ کي آهي، جنهن ۾ انسانن واريون خصلتون نه هجن. جهڙيءَ طرح، انسان ۽ جانور ۾ ڏينهن ۽ رات جهڙو وڏو فرق آهي. اهڙيءَ طرح جاهل ۽ فضيلت واري انسان ۾ به اوترو ئي وڏو فرق آهي. گهڻا جانور ته بنهه سٻاجها ۽ فائديمند هوندا آهن پر جاهل مان ڪا به چڱي اميد نه ٿي رکي سگهجي. جاهل، سواءِ نقصان ۽ تڪليف جي ڪجهه به نٿو ڏئي سگهي. جاهل ۽ جهالت لازم ملزوم آهن. جنهن مان فضيلت، اخلاقي قدرن توڙي انسان ذات کي تمام وڏو خطرو آهي. اسان سڀني باشعور، روشن خيال ۽ سمجهدار انسانن لاءِ ضروري آهي ته جهالت جي رستا روڪ ڪريون ۽ ڪنهن به جاهل کي بااختيار بڻجڻ کان روڪيون. عقلمند لاءِ اشارو ئي ڪافي آهي. جن وٽ عقل ڪونهي، انهن لاءِ رڳو دعا ئي ڪري سگهجي ٿي.

No comments:

Post a Comment