فيس بوڪ ذريعي ڪٺا ٿيل پھاڪا ۽ چوڻيون
سھيڙ؛ سارنگ انصاري امريڪا
(سال ۲۰۱۱ع)
سال ۲۰۱۱ع ۾ سارنگ انصاري صاحب، فيس بوڪ تي سنگت کي دعوت ڏئي، سنڌي پھاڪن ۽
چوڻين ڪٺي ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ھيو. جن دوستن کيس پھاڪا يا چوڻيون فيس بوڪ ذريعي
موڪليا، سي ھن صاھب سندن نالن سان وچور منجھ داخل ڪيا. اھا وچور پي ڊي ايف فارميٽ
۾ فيس بوڪ تي پڻ ونڊيائين. اھا وچور يا نام-مالھا، ڦرندي گھرندي، ھر ھڪ وٽ پھتي.
جيڪا مون سان پڻ شيئر ڪئي وئي.
اھا ان وقت ته ڊائون لوڊ ڪري رکي ھئي، انتظار ھيو ته ان سلسلي ۾ اڃا ٻيا
پھاڪا يا چوڻيون ڪٺيون ٿين. خبر ناھي اھو سلسلو تنھن سال ئي بند ٿي ويو. ھاڻي فيس
بوڪ تي انھن دوستن سان وري مکاميلو نه ٿيو آھي.
بھرحال منجھس مزيد واڌاري جي اميد نه سمجھندي، ايتري تي ئي اڪتفا ڪندي، ٽيڪسٽ فارميٽ ۾ سنگت سان شيئر ڪجن ٿا.
اصل مسودي ۾ ھر ھڪ چوڻي يا پھاڪي سان، موڪليندڙ جو نالو لڳل آھي. اھو تڏھن
ته، ڪٺي ڪرڻ جي لحاظ کان شامل ڪرڻ، وقت جي تقاضا ھيو. ھاڻي اھي نالا، ساڻ ساڻ ڇپڻ
سان ڪو فائدو ناھي، جو ھر ھڪ کي انبن کائڻ سان مطلب آھي، ککڙين ڳڻڻ سان نه. ڪوشش
ڪجي ٿي ته اھو پي ڊي ايف وارو مسودو به ساڻ ساڻ ھتي شيئر ڪجي ته جيئن رڪارڊ تي به
رھي ۽ اھا نالي نه ڇپجڻ واري حسرت به نه رھي.
وڏي ۽ اھم ڳالھ ته سموريون داخلائون، پھاڪا ۽ چوڻيون جي نالي ۾ ڪٺيون ڪيل
آھن. جڏھن ته منجھن ڪجھ ٻيو وکر به شامل ٿيل آھي. ان جي ڇيڙ نکيڙ نه ڪئي وئي آھي.
ڪنھن ھڪ جي به درجيبندي نه ڪئي وئي آھي.
ان کان علاوھ ٻي خاص ڳالھ ته ان پي ڊي ايف واري مسودي ۾ ھر پھاڪو يا چوڻي،
موڪلڻ واري ترتيب سان رکيل آھن. جيڪو پھاڪو يا چوڻي جڏھن سارنگ انصاري صاحب کي
مليو، اتي جو اتي شامل ڪري ڇڏيائين. ھتي، اھي پھاڪا يا چوڻيون، پڙھندڙن جي سھوليت
۽ دلچسپيءَ خاطر، الفابيٽ ترتيب ھيٺ ڏجن ٿا.
1.
اڀ تان ڪريو، کجيءَ ۾ اٽڪيو.
2.
اپڻي گھوٽ ته نشا ٿيوئي.
3.
اٺ جو اٿڻ ڪونھي، ڀاڙي جي صفائي.
4.
اٺ لاڻي سان ياري رکندو ته کائيندو ڇا؟
5.
اٺن تڏھن ئي رڙيو پئي، جڏھن ٻورا پئي سبيا.
6.
اڃا وات مان کير پيو اچئي.
7.
اڇا سڀ چڱا پر اڇا چڱا نه وار.
8.
اڇا ڪپڙا، کيسا خالي.
9.
ادو به ڍائو، ادي به ڍائي، رٻ اوتري جي اوتري.
10.
ادي مئي ادو ڄائو، اسين اوتري جا اوترا.
11.
اديءَ کي جن نه ڪن، ادي جن عشق ۾ انڌا.
12.
اسان جو وارو آيو ته ٽيشڻ اچي وئي.
13.
استاد جي مار، ٻار جي سنوار.
14.
اک اٿڻ ۽ زال ويامڻ ۾ ڪا دير لڳي؟
15.
اک ڏٺي ڳالھ لاءِ ڪھڙو پڇڻ.
16.
اکين کان انڌي، نالو وري نور خاتون.
17.
اکيون اکين جھڙيون، ڏسڻ کان آڱوٺو.
18.
اڪ جي ماکي ڪانھي جو لاھجي.
19.
اڪ روئي پاڻ کي، اٺ روئي پاڻ کي.
20.
اڳيان ويا وسري، پويان لڳا مصري.
21.
امڙ جنھن ۾ ڏني لولي، سا منھنجي سنڌي ٻولي.
22.
ان جو منھن جنڊ ڏي.
23.
انچ ڏارھي، فٽ حرامي.
24.
انڌا گھوڙا، غيباڻا سوار.
25.
انڌن ۾ ڪاڻو، بادساھ.
26.
انڌن آندو، ڪتن چٽيو.
27.
انڌن وڃي ملتان لڌو.
28.
انڌي ۽ جنڊ، واري ۽ پنڌ.
29.
انڌي اڳيان روئڻ، اکين جو زيان.
30.
انڌي اڳيان ڪتاب، ڇا چئجي؟
31.
انڌي جي ٿڪ کان، ماٽيلي ماءُ جي مڪ کان ۽ ماءُ جي پٽ کان پاسو ڪجي.
32.
انڌي جي شاديءَ ۾، چيڌڪ ئي چيڌڪ.
33.
انڌي جھڙي پيڪين، تھڙي ساھرين./ انڌي جھڙي ساھرين، تھڙي پيڪين.
34.
انڌي خوش ڀونڊي ۾.
35.
انڌي ڪتي، لوڙھا لتاڙي.
36.
انڌي گھوڙي ڪل ۾؛ ڀيل ڀٽاري ڀيل.
37.
انڌي ھنگي، ڏينھن سيڙائي.
38.
انڌير نگري، چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.
39.
انسان ڪڏھن ڀريءَ ۾ ته ڪڏھن ڀاڪر ۾.
40.
اڻھوند کان ھوند ڀلي آ، جھڙي تھڙي پنھنجي زال آ.
41.
اھا آھي ماءُ، جا سڪ ڏئي ۽ ساھ.
42.
اھا آھي نونھن، جا آھي گھر جي سونھن.
43.
اھڙو سون ئي گھوريو، جو ڪن ڇني.
44.
اھڙي ڪندوسانءِ جھڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان.
45.
اھو آھي پيءُ؛ جنھن کي جھڙو پٽ، تھڙي ڌيءُ.
46.
اھو وڻ ئي ناھي، جنھن کي واءُ ناھي لڳو.
47.
اھي ابڙا ئي مري ويا، جيڪي سامون جھليندا ھيا.
48.
اھي تنيا ئي مري ويا، جيڪي رڍون ڏيندا ھيا.
49.
اوجھ نه ڇڏي اوجھري، توڙي ڌوپي منجھ درياھ.
50.
اوڏڙو/ گھر جو پير، چلھ جو مارنگ.
51.
اوڙي پاڙي سان راضي، ڦل فقير سان ٽانڊو.
52.
اول پيٽ پنھنجو ڍئوءِ، ٻار ٻچا سڀ پوءِ.
53.
ايترو ڪر جو تنھنجي صحت به سھي سگھي.
54.
آئي ته روزي، ٽري ته بلا.
55.
آئي ٽانڊي ڪاڻ، بورچياڻي ٿي ويٺي.
56.
بڇڙي جي ياري، خواري ئي خواري.
57.
برائي ايندي آھي ته فالودو به ڏند ڀڃندو آھي.
58.
بک نه پڇي ڳنڌڻ.
59.
بکيا گدڙ، شينھن کائي وڃن.
60.
بندي جي من ۾ ھڪڙي، خدا ڪري ٻي.
61.
بيبي ڀلي، ڍڪي ڀلي.
62.
بيٺو ته لک جو، ڪريو ته ڪک جو.
63.
ٻار ۽ ڪتا، سدائين لڏڻ ۾ خوش.
64.
ٻبرن کان ٻير گھرڻ.
65.
ٻڪريءَ کي ساھ جي، ڪاسائيءَ کي ماس جي.
66.
ٻلي شينھن پڙھايا، ول ٻلي ڪون کاوڻ آيا.
67.
ٻليءَ جي خواب ۾ ڇيڇڙا.
68.
ٻني ۽ وني، مڙسن جو شانُ ھونديون آھن.
69.
ٻه ڀائر، ٽيون ليکو.
70.
ٻه ته ٻارھن.
71.
ٻولڙيو تتر، قوم جو ويري.
72.
ڀاڳ ڏئي ڦيرو ته دال مان سيرو.
73.
ڀت به بنياد تي ھوندي آھي.
74.
ڀتين کي ڪن ھوندا آھن.
75.
ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳرو.
76.
ڀڙوو، ڀاءُ کان به مٺو ھوندو آھي.
77.
ڀڙوي ڀاءُ کان کٽ خالي ڀلي آ.
78.
ڀڙوي مٿان ڀت، ڪيري وڌي ڪانون.
79.
ڀلي بک ڀرم جي، شل نه وڃي شان.
80.
ڀلي ڀلي جا ڀاڻ آئي، سا نه ڀلي.
81.
پاڻ-وڍيي جو؛ نه ويڄ، نه طبيب.
82.
پاڻيءَ مٿي جھوپڙا، مورک اڃ مرن.
83.
پڦي پيٽ سڙي، ابو ڪوٽ-ڌڻي.
84.
پٿر پرايو، ھر ڪنھن کي سور پنھنجا.
85.
پٽ آ مُٽُ، ڌيءُ آ رحمت.
86.
پٽ ڪلھي تي، ڍنڍورو شھر ۾.
87.
پٽڪو ته لٿو پر جان ته بچي.
88.
پڇڻا، نه منجھڻا.
89.
پراوا بنگلا ڏسي، پنھنجا نه ڊاھجن.
90.
پرائي مال تي، ٽوپي نراڙ تي.
91.
پري وارين ٻين شين کان، ھڪ شيءِ ھٿ ۾ ڀلي آھي.
92.
پڪي ٻير کي ھر ڪو ڀتر ھڻندو آھي.
93.
پلاند پراڻا ڪو نه ٿيندا آھن.
94.
پنڌ کان ڪتي جي وات ۾ چڱو.
95.
پنھنجن سان پنجابڪي.
96.
پنھنجو ماري وري به ڇانءَ ۾ رکندو آھي.
97.
پنھنجي ٻارجي، پنھنجي چاڙھجي.
98.
پنھنجي ڪمائيءَ ۽ پيءُ جي ڪمائيءَ ۾ فرق آ.
99.
پوڙھو اٺ، ٻه ڪنواٽ لھي.
100. پوءِ-ڍاول کان قرض نه کڻجي.
101. پيٽ نه پالي، ڪتا ڌاري.
102. پير پٽ نه ڏيندو ته زال ته نه کسيندو.
103. پير مان لاھي، منھن ۾ ھڻڻ.
104. ڦاسڻ کان پوءِ ڦٿڪڻ ڇا جو؟
105. ڦڙي ڦڙي تلاءُ.
106. ڦڻي ڏيڻ تي وار ڪري ته ڪرڻ ڏينس.
107. ڦودني ۾ ڦير آ يا وٽ کوٽا آھن.
108. ترن جو تيل ترن مان نڪرندو آھي.
109. تڪڙ جا تيرھن، صبر جا سورھن.
110. تڪڙ ڪم شيطان جو.
111. تڪڙي ڪتي، انڌا گلر ڄڻي.
112. تنھنجو ڀت گھاٽو.
113. تنھنجي ٻلي به ٻه-مڻي.
114. ٿڌو گھڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکرائي.
115. ٿورو لکيو، گھڻو سمجھندا.
116. ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.
117. ٽڪي لڳي خرار، پوءِ به بک نه ڀڄي بکئي
جي.
118. ٺھيل اھڙا آھيو؛ جھڙا ڪتو ۽ فقير.
119. جان بچائڻ سنت آھي.
120. جاھل سؤ عالمن کان وڌيڪ سگھو ھوندو
آھي.
121. جت سچائيءَ تي چڙھي ته کڙھ تي کير
پياري.
122. جڏھن ڪڏھن سنڌڙي تو کي قنڌارئون جوکو.
123. جمعو جمعو اٺ ڏينھن.
124. جنھن اڀرندي تاءُ نه ڪيو، سو لھندي ڇا
ڪندو.
125. جنھن ٽاريءَ ۾ ميوو ھوندو آھي، سا
جھڪيل ھوندي آھي.
126. جنھن جو جيڏو سو تيڏو.
127. جنھن جي اڳياڙي سرھي، ان جي پڇاڙي به
سرھي.
128. جنھن جي چيچ سيد ھٿ ۾، تنھن کي لھر نه
لوڏو.
129. جنھن جي عمر جي خبر ھجي ته ان جا ڏند
ڏسڻ ضروري ڪونھي.
130. جنھن جي گھر ۾ داڻا، ان جا چريا به
سياڻا.
131. جو آزمائي کي آزمائي، سو ڌوڙ منھن ۾
پائي.
132. جو پنڌ پڇي ۽ ڪڇي، سو به نه ھليو.
133. جو پنندڙ کان پني سو آڱوٺو ڳنھي.
134. جو طعني سان نه مئو سو ترار سان ڇا
مرندو.
135. جوانيءَ ۾ ته گونھ به ڦيلاربو آ.
136. جوتو ھجي ساڻ، گڏھ گوھي نه ڪري.
137. جوئر جو رکوال، گڏھ.
138. جي ٻرن ۾ ھٿ وجھن، سي نانگن کان ڪو نه
ڊڄن.
139. جيترو ھر، اوترو ڦر.
140. جيڏا اٺ تيڏا لوڏا.
141. جيڏانھن پير، تيڏانھن خير.
142. جيري لاءِ ٻڪري ڪھڻ.
143. جيڪو پوکيندين، سو ئي لڻندين.
144. جيڪو چلھ تي سو دل تي.
145. جيڪو ڏاڍو، سو گابو.
146. جيڪو ھرڻ ماري، ان جي اک ئي ڳاڙھي.
147. جيڪي ھاٿي پالين سي در وڏا رکندا آھن.
148. جيءُ خوش ته جھان خوش.
149. جھڙا روح، تھڙا ختما.
150. جھڙا ساڍا ٻه، تھڙا اڍائي.
151. جھڙا ڪانوَ، تھڙا ٻچا.
152. جھڙو ٻج، تھڙو سلو.
153. جھڙو ديس، تھڙو ويس.
154. جھڙو منھن، تھڙي مٺائي.
155. جھڙي ڇالي، تھڙي پني.
156. جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي.
157. جھڙي نيت، تھڙي مراد.
158. جھڻ ۽ جھيڙو، جيترو وڌاءِ ايترو وڌي.
159. جھونا ٿيا جھاج، سٽ نه جھلين سڙھ جي.
160. ڄائي ڪانھي، نانيءَ مھانڊي.
161. ڄٽ جي ياري، گلم جو زيان.
162. ڄڃ ۾ ڪير سڃاڻي نه، آءُ به گھوٽ جي
پڦي.
163. چادر آھر، پير ڊگھيڙجن.
164. چانڊيا چور، شنباڻي شاھد.
165. چُتِ اگھاڙي، ھٿ وچ رومال.
166. چتو رھي، چتوءَ جي چت نه رھي.
167. چري ڪيئن؟ چي؛ ويران وير وڌ.
168. چرين ڪھڙا چت، مئن ڪھڙا مامرا.
169. چريءَ کي ڄائو پٽ، چميون ڏيئي
ماريئينس.
170. چريءَ کي چوڙو؛ ڪڏھن ٽگ ۾، ڪڏھن ٻانھن
۾.
171. چريون ڏيئي چار، واڇ/ چوت ورتيسين
ھڪڙي، تنھن جا به اھڙا پار، جو پرڻ کنيائين پاڻي ڀرڻ لاءِ.
172. چڪر کي پڄي لتر.
173. چنڊو چنڊي کي ڪوھن تي ڳولي لھي.
174. چور جي ڏارھيءَ ۾ ڪک.
175. چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ روئي.
176. چور چورن جا يار؛ ھڪڙا وٽو، ٻيا ڪليار.
177. چور چوريءَ کان وڃي، ھيراڦيريءَ کان نه
وڃي.
178. چور کي چوي ته چوري ڪر، ڀاڳيي کي چوي
ته چور آيا اٿئي.
179. چورن پٺيان مور.
180. چئه ڌيءُ کي، سکي ننھن.
181. ڇري گدري تي ڪري يا گدرو ڇريءَ تي،
ڳالھ ساڳي.
182. حرامين جا ھر، واريءَ ۾ نه وھن.
183. حرڪت ۾ برڪت آھي.
184. خون کستوري ڳجھو نه رھي.
185. دادوءَ ۾ آ جادو.
186. دائيءَ کان پيٽ ڳجھو ڪو نه ھوندو آھي.
187. دل ۾ خوش، بغل ۾ اٽون.
188. دھل وڄي، دوسو مري.
189. دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي.
190. دوست اھو جو اوکيءَ ڪم اچي.
191. ڍؤ؛ مينھن ۽ واڻيو جھلي.
192. ڏات ناھي ذات تي، جو وھي سو لھي.
193. ڏاچي ھڻي ڏھ، توڏو ھڻي تيرھن.
194. ڏاڍي تي ڪاوڙ چڙھي ڪا نه، ھيڻي تان
ڪاوڙ لھي ڪا نه.
195. ڏاڍي جي ڇري؛ حلال تي به وھي، حرام تي
به وھي.
196. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.
197. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا؛ ھڪڙا ماري، ٻيا مڃائي.
198. ڏاھو ڪانءُ، ٻه-ٽنگو ڦاسي.
199. ڏائڻ به ھڪ گھر ڇڏيندي آھي.
200. ڏٻري گھوڙي، ڏٻرو سوار؛ ٻاڪاري سيد يا
مڱڻھار.
201. ڏٺو پير، پني مراد.
202. ڏڌو کير ٿڻين نه پوي.
203. ڏکن پٺيان سک.
204. ڏوھٽي ٿي نانيءَ کي سيکاري.
205. ڏينھن به سيڙيو، شاھ به نه وڙھيا.
206. ڏيئي ھيٺان ھميشه اوندھ.
207. ڌارين تي ڪھڙي ميار، گھر جا ڪتا ڀاڙيا
آھن.
208. ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي.
209. ڌوٻيءَ جو ڪتو؛ نه گھر جو، نه گھاٽ جو.
210. رات وئي، ڳالھ وئي.
211. راھوجن ۾ رات، قادر نه وجھي ڪنھن کي.
212. رب رسي ته مت کسي، ھڻي نه ھٿيار.
213. رت دانگيءَ تي به ورندو آھي.
214. رٺي آ گھوٽ کان، ڳالھائي نه ٿي ڳوٺ
سان.
215. رڍن اڳيان رباب.
216. رَلي ڪلھي تي، ماني راڄ تي.
217. رھو حلال، ٻوٽيون حرام.
218. ريل به آئي، پر چريا ڪو نه ويا.
219. زبان، انسان کي ڇانوَ يا اس ۾
ويھاريندي آ.
220. ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگھ.
221. سائي جا سالا گھڻا، غريب جو ڪو ڀيڻيويو
نه ٿئي.
222. سائي کي ڪير سھي ڪو نه، بکئي کي ڏئي ڪو
نه.
223. سڀاڳو پٽ، پينگھي ۾ ئي پڌرو.
224. ستين لنگھڻين ڪتو به حلال.
225. سڄڻ ڏئي سڄي ٻانھن ته سڄي نه کائجي.
226. سچ ته بيٺو نچ.
227. سچ جي ٻيڙي لڏندي آھي، ٻڏندي ڪونھي.
228. سچ چوندي، سر وڃي ته وڃڻ ڏي.
229. سچ چوڻ تي يار رسي ته رسڻ ڏينس.
230. سخيءَ کان شوم ڀلو، جو ترت ڏئي جواب.
231. سک منھنجا شينھن، الله ڏيندءِ ڏينھن.
232. سکڻي دعا پٽ برابر.
233. سڪن پٺيان ساوا به سڙي ويندا آھن.
234. سلو اھو جو انگوريئون ڀلو.
235. سمنڊ ڪناري ڪُڏي؛ اڄ نه ٻڏي، سڀاڻي
ٻڏي.
236. سنڌ اڃان گدڙن ناھي کاڌي.
237. سوناري جا سؤ ڌڪ، لوھار جو ھڪ.
238. سياري جي باھ، سڀڪو پاڻ ڏي سوري.
239. سيدن کان سڃ ڀلي، کاري پاڻيءَ کان اڃ
ڀلي.
240. سُئي ڍڪي سڄي جڳ کي، پر پاڻ سدائين
اگھاڙي.
241. شوق جو ملھ ڪونھي.
242. شيرو ٻلو شاھ جو، گھر جا ڪڪڙ ماري.
243. شينھن بک مري ويندو پر گاھ نه کائيندو
آ.
244. صبر جن جو سير، تير نه گسي تن جو.
245. صحت؛ ھزار نعمت آھي.
246. طوائف کان واترادي بيبي خراب.
247. طوفانن ۾؛ جانور ۽ ماڻھو سڀ برابر
ھوندا آھن.
248. عشق نه پڇي ذات.
249. عقلمند لاءِ اشارو گھڻو.
250. علم اھا دولت آھي، جيتري خرچ ڪريو
اوتري وڌي.
251. علم کان سواءِ انسان انڌو آھي.
252. عورت ۽ پئسو، سدائين ران سان ٻڌي رکجن.
253. عورت جو عقل کڙيءَ ۾، شام کان پوءِ اھو
به ختم.
254. غريب جو ڀاڳ به غريب.
255. غريب جي زال، جڳ جي ڀاڄائي.
256. غريب گونھ کائيندو ته چوندا؛ ادا بکيو
آ. پر وڏيرو يا مرشد کائيندو ته چوندا؛ شوق آ ابا.
257. غريبن رکيا روزا ته ڏينھن به ٿيا وڏا.
258. فقير پنندو رھي، ڪتا ڀؤنڪندا رھن.
259. قلم ترار کان وڌيڪ آھي.
260. کاڌو کائجي دل پسند، ڪپڙو پائجي لوڪ
پسند.
261. کائجي ته کارائجي، لائجي ته نباھجي.
262. کائڻ مھل گڏ، سمھڻ مھل مسيت ۾.
263. کٽو واڻيو، وھيون پراڻيون ساري.
264. کٽيو کائي فقير، لٺيون جھلي ڀولڙو.
265. کدڙي جو جھيڙو، رڳو پنھنجي ڀيڻ سان.
266. کڳا کوھر ۾، مرچ مان پيا ڪٽجن.
267. ڪاڏي منھن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊو الھيار.
268. ڪارو ٻڌ ڪمري سان، رنگ نه مٽائي ته
عادت ضرور مٽائي.
269. ڪارو منھن؛ جھڙو دانگيءَ مان، تھڙو
ڪنيءَ مان.
270. ڪانءُ ھليو سکڻ مور جي چال، پنھنجي به
وسري ويس.
271. ڪانون کي خصيا ھجن ھا ته اڏامندي نظر
اچن ھا.
272. ڪتو به کاڌو ڪک به ڪا نه ڀري.
273. ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
274. ڪتو ڇتو ٿئي ته به ڌڻي سڃاڻي.
275. ڪتو ڪڙم جو ويري.
276. ڪتو ڪورين جو، ڀونڪي باھوچن ۾.
277. ڪتي جو پڇ سال نڙ ۾ وجھڻ سان، پوءِ به
اھڙو.
278. ڪتي کي ... ۾ سور، سرائيءَ کي بڇ تي
زور.
279. ڪتيءَ کان ڪارا ٿياسين، گلر وري گھر
آيا.
280. ڪڇان ته ڪافر، ماٺ ڪيان ته مشرڪ.
281. ڪڏھن ڪڏھن ڪول، ھاٿيءَ کي ڪيرائي
وجھندي آھي.
282. ڪکن ھيٺان لک.
283. ڪڪڙ ڪورين جي، نالو سيدن جو.
284. ڪمان مان تير ۽ زبان مان نڪتل لفظ واپس
ڪو نه ٿين.
285. ڪنڀر جي گھر ۾ ڪُنيون سدائين ڀڳل.
286. ڪنڌيءَ ڪانھن، ڪھڙو آسرو.
287. ڪنگڻ کي آرسي ڇا ڪندي؟
288. ڪنھن جي نظرن ۾ ڪرڻ کان ڀلو آھي ته
آسمان تان ڪرجي.
289. ڪنھنجو ٿورو نه لاھجي ته ڳائجي ضرور.
290. ڪني آڱر وڍي ڀلي.
291. ڪني رن جا؛ يار به گھڻا، ٻار به گھڻا.
292. ڪوڙ جي پاڙ ٺڪريءَ تي ھوندي آ.
293. ڪوڙ جي منھن ۾ ڌوڙ.
294. ڪوڙھيو، کنھڻ کان سواءِ نه رھي.
295. ڪوئي لڌي ھريڙ، چي؛ مان به پنساري.
296. ڪير نه ھجي ته پوءِ وڻ سان به صلاح
ڪجي.
297. گدڙ جي گونھ ۾ ڪم پوي ته جبل جي چوٽيءَ
تي ھنگي.
298. گڏھ ساڳيو، آٿر ٻيا.
299. گڏھن تي گلاب، ھاريو ته ڇا ٿيو.
300. گنجي کي؛ نه جونءَ جي، نه ليک جي.
301. گونگي گھوگھن مان خوش.
302. گھر جي مرغي، دال برابر.
303. گھڻي مردين ھر نه ھلي ۽ گھڻين زالين
گھر نه.
304. گھڻيون دايون؛ يا مارين، يا کارين.
305. گھوٽ چڙھيو گھوڙي، ناس پتو ٻوڙي.
306. گھوٽ ڪنوار راضي ته ڇا ڪندو قاضي.
307. گھوڙو ۽ مرد، پوڙھا ڪو نه ٿيندا آھن.
308. ڳالھ ٿوري، بڙ بڙ گھڻي.
309. ڳالھ مان ڳالھوڙو.
310. ڳوھ کي کٽي کڻي ته ڳولي شڪارين جا گھر.
311. لڀي لوڻڪ ڪا نه، دعوتون حلون جون.
312. لڀي نالو وٽي تي ڪو نه، کوڙا ھڻي خرارن
جا.
313. لٿي لاباري، ڪچر ٻڌو ڪانبو.
314. لوٽي کان ٻڌڻو ڳرو.
315. لوڪ لڏڻ ۾، چري اڏڻ ۾.
316. لوڪ لھوارو، چري اوڀاري.
317. مارجن ته مير مارجن، چاڪر نه مارجن.
318. ماسات، مٺي ذات.
319. ماسيءَ جي ھوندي، ماءُ مئي ناھي.
320. ماڻھن جا وات ۽ کوھن جا منھن ڪنھن بند
ڪيا آھن؟
321. ماڻھو ھڙئون وڃي، پر وڙئون نه وڃي.
322. ماءُ بنا گھر، قبرستان لڳندو آھي.
323. ماءُ ڄائي ناھي، پٽ ڪوئيٽا ٿو گھمي.
324. ماءُ ڏسي پيٽ ڏانھن، پيءُ ڏسي کيسو.
325. ماءُ مري ڌيءُ لاءِ، ڌيءُ مري ڌڪن
لاءِ.
326. مٺو مٺو ھپون ھپون، ڪڙو ڪڙو ٿو ٿو.
327. مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ.
328. مڇ جو وار ۽ ٻار، جيڏانھن ڦيرائين
اوڏانھن ڦرن.
329. مڇ ناھي ته ڪجھ ناھي.
330. محنت ته چور جي به زيان ڪا نه ٿيندي
آھي.
331. محنت جو ڦل، مٺو ٿيندو آھي.
332. مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون.
333. مروئان موت، ملوڪان شڪار.
334. مڙس ته ڦڏو، نه ته جڏو.
335. مڙس ته ڪو دودو آھين.
336. مڙس ٿجي، نه ته مڙس جي پاڙي ۾ رھجي.
337. مڙس جي مڙسيءَ جي ميدانن ۾ خبر پوندي
آ.
338. مڙسن جا قد ڪو نه ڪڇبا آھن.
339. مسجد ٺھي ڪانھي، انڌن اڳيئي زور ڀريو
آ.
340. ملان جلال، ڪتو به حلال.
341. ملان مريئي ماءُ، پتو ڦسئي پيٽ ۾.
342. ملي جي مار، مسيت تائين.
343. منھن ۾ ملان، اندر ۾ ابليس.
344. منھن به پنھنجو، موچڙو به پنھنجو.
345. موڪلاڻيون، مايون ڪنديون آھن.
346. مولا مينھن وساءِ ته ڪوڙا ڇٽن ڪم کان.
347. ميندي زور جي ڪا نه لڳندي آھي.
348. مينھن ڳئونءَ کي چوي؛ ھل پڇ-ڪاري.
349. نادان دوست کان داناءُ دشمن ڀلو.
350. نانگ به مري، لٺ به بچي.
351. نانگ ته ناھيون جو رڳو مٽي پٽي
کائينداسين.
352. نانگ جو کاڌل، نوڙيءَ کان ڊڄي.
353. نانگ لنگھي ويو، ھاڻي ليڪو پيو سٽجي.
354. ناني اڳي ئي نچڻي، ويتر دھلن ڪيو سڏ.
355. نانيءَ جو موت ڏسي، اسان مرڻ تان ھٿ
کنيو.
356. نڀاڳن جا نار، واڍن چاڙھيا واٽ تي.
357. نڪ مٿي ۽ پيٽ ھيٺ ھوندو آھي.
358. نڪ وڍئي کان موت ڀلو آ.
359. نڪي ريڌي راڳ، نه ڏنئين جواب.
360. نه ڪمي ڪنوار ۾، نه گھٽتائي گھوٽ ۾.
361. نياڻي ست قرآنن جي برابر آھي.
362. نيت کوٽي، عذر گھڻا.
363. نيم حڪيم، خطرھ جان، نيم ملان، خطرھ
ايمان.
364. نينگر ننڍي، جمعا گھڻا.
365. نينھن نياپي ڪو نه ٿئي.
366. ھاٿي جيئرو لھي لک، مئي لھي ٻه لک.
367. ھِتي ھيئن، ھُتي ھونئن؛ رن چوي؛ عيد
ڪيون.
368. ھٽڙيءَ مان ھٽ، نه ته ھٽڙي چٽ.
369. ھجي روٽلو ساڻ ته رات نه رھي رائيلي.
(ڍاٽي)
370. ھجي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو.
371. ھڏ ھلائجي، سک پائجي.
372. ھر ڪا راڻي، ڪير ڀريندو پاڻي.
373. ھريا سندي ھير، ٽنگ ڀڄائي نه رھي.
374. ھڪ الله جي نالي، ٻيو حلوي سان.
375. ھڪ انڌي، ٻيو اک ٻوٽ.
376. ھڪ تير، ٻه نشانا.
377. ھڪ ٿلھا، ٻيو رھن قبرستان کان پري.
378. ھڪ سج ٻه پاڇا.
379. ھڪ غريب جو ٻار، ٻيو جاڏي ڪاڏي تيار.
380. ھڪ غريب، ٻيو افعال بڇڙا.
381. ھڪ مفت، ٻيو پري وٺي وڃڻ.
382. ھڪ منڊو، ٻيو وري گوءِ.
383. ھڪ مياڻ ۾ ٻه تلوارون ڪو نه ماپن.
384. ھلڻ پڄي ڪو نه، لعنت گوڏن کي.
385. ھنر، بادشاھ آھي.
386. ھنگڻ ٿورو، ڦر ڦر گھڻي.
387. وار ته ڦڻي، نه ته ڪوڙاءِ کڻي.
388. واڻيي جي وھانءَ ۾ وگن گھڻا.
389. وچ ڪلي آھر ڪڏندي آھي.
390. وڙھن سانَ، لتاڙجن ٻوڙا.
391. وڻان نه وڻان، وچان گرھ کڻان.
392. ويائيءَ کان دائي اٻھاري.
393. ويھي درياھ جي ڪپ تي، وري واڳن سان
وير.
394. يار جو ڪم ياريءَ سان، خواريءَ سان نه.
(فيس بوڪ تان، پي
ڊي ايف ۾ کنيل، جيڪو ٽيڪسٽ فارميٽ منجھ شيئر ڪيو ويو آھي. ڪمپوزنگ، ترتيب ۽ تدوين:
انجنيئر عبدالوھاب سھتو)
No comments:
Post a Comment