جوهي مکڻ موهي آهي!
عزيز ڪنگراڻي
ڪيئن مڃان مان؟
جوهي کنڀن کوهي آهي!
جنهن سان عشق جي نازڪ ڌاڳي،
جرڪي منهنجو جيءُ جڙيو آ،
قرب ڪڙيو آ،
جوهيءُ جي ئي ريتي آلي،
مست سنڌُوءُ جي ڇُلندڙ ڇولي،
منهنجي مٽي ڳوهي آهي!
جوهي مکڻ موهي آهي!
جوهي انڊلٺ رنگن جهڙي،
ڄڻ ته پرينءَ جي انگن جهڙي،
سرنهن جي ڦِڪن ڦُولن جهڙي،
ڪڻڪ جي سونن سنگن جهڙي،
جوهي پرينءَ جو پيار نگر آ،
روز نئين سِر نينهن سَڄَر آ،
جُون ۾ ڪوسو ڪاڇو آهي،
پر جوهي پيار جو پاڇو آهي،
جوهي ۾ جو مندر آهي،
سو ڄڻ منهنجو اندر آهي،
جنهن ۾ جوهي سُندر ديوي،
جُون جي اُس ۾ اڪثر آوي،
پوءِ ڀي پُوڄا گورک ٽڪري،
ٿڌڙي ٿڌڙي نينهن جي نگري،
ماڻهو جيڪي چاهن ٿا،
۽ جي مُور نه ڀائن ٿا،
سي سڀ منهنجا سيڻ لڳن ٿا،
پيار ڀريا سي نيڻ لڳن ٿا،
گُل آهن يا ڪاوا آهن،
جوهي جا ئي ڄاوا آهن،
ڪاوا ۽ گُل سارا منهنجا،
ساهه جيان سڀ پيارا منهنجا،
منهنجي سنڌڙي،
جوهي جندڙي،
جندڙي جو سي
حصو آهن،
منهنجي ڪٿا ۽ قصو آهن،
تڌهن ته مٺڙي جوهي آهي!
جوهي مکڻ موهي آهي!
No comments:
Post a Comment