ٻوليءَ جو ٻنڌيج
الحاج ولي محمد طاهرزادو
لغت عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو مطلب آهي: زبان کان
نڪتل اکر ۽ لفظ، جيڪي سمجهيا وڃن ۽ سمجهه ۾ اچن، ڳالهائجن يا ڳالهايا ويا هجن.
سنڌي ڀرپور ٻولي هئي، جا پوءِ
گاڏڙ ساڏڙ ٿي وئي. هيٺ ڏيکاريل لفظن مان توهان کي ان جي پوري پڪ پوندي.
عورتن بابت
عورت جي مجبوري
جا نالا:
ڏهاج، پهاڄ، داشته، سُريت،
سينڌي، ناچڻي، ڳائڻي، رقاصه، طوائفه.
عورت تي
ناپسنديءَ جا نالا:
وڌوا، ڏهاڳڻ، رنوڙ، رنڙي،
رن زال، بيواهه، نپٽي، ڏائڻ، چَنڊي.
عورت جا عام
نالا:
بانو، بيگم، ضائفان، خاتون،
مُنڌ، وينجهر، آتون، بام، ٻائي، حرم، زوجه، ٻپڙي، ٻه ٿڻي، ٻانهن، لڄ، ننگ، ٻارَ.
پرڻيل عورت جا
نالا:
زال، زن، جوءِ، جايا، پتني،
استري، اشٽي، خانم، نار، ناري، لاڏي.
پوڙهي عورت جا
نالا:
ٻُڍي،
پوڙهي، ڏوڪري، مَڙهي، جهونڙي، عاجزان.
عورت تي وڏ
ماڻهپي جا نالا:
سائڻ، راڻي، پٽ راڻي، بيبي،
مالڪياڻي، سيٺياڻي، مرشدياڻي، خليفياڻي، راڄڌڃاڻي، پَٽيلڻ، شهزادي، خانزادي،
صاحبزادي، نواب زادي، امام زادي، مرشد زادي.
عورت جي جوانيءَ
جا نالا:
سامايل، بوراڪ، ڪنواري، ڪماري،
دوشيزه، ڪبريٰ، ڪپر، وڏوڙ، ساماڻي.
ننڍپڻ جا نالا:
ڌيءَ، ڌيئر، نينگري، نينگر،
ڇوڪري، ڇوڪر، بنت، دختر، ڇوري، ڇوهر، ڏيڪري، لاڏلي، ٻيٽي،
نياڻي، ڪنيا، (ڪڪي، ڪاڪڙي، ڪاڪي).
شاديءَ کان پوءِ
جا نالا:
پرڻيل، وني، بنري، سهاڳڻ،
وَريتي، پُٽيتي، نوورني، گهر ڌياڻي.
سچن هڏن وارين
عورتن جا نالا:
پورهيت، نوڪرياڻي،
گولي، ٻانهي، ڏاهَه، پاڻهياري، دائي، دَدائي، مُمائي،
پخالڻ، هارياڻي، لاهياري، ناتر، ڏسڻي.
عورتن بابت خاص
نالا:
سِمِڪ؛
سينگاريل ڪنوار. ڏِهاج؛ ٻيو ڀيرو پرنيل
عورت. اينچر؛ سُهڻي عورت.
سَپوَرَ؛ ٻي نڪاح واري عورت. ڪماري؛
اڻپڙهيل عورت. اُٻلا؛ بيواهي عورت.
سُپيٽي؛ ستن پٽن جي ماءُ. نپٽي؛
بي اولادي يا رڳو ڌيئرون ڄڻيندڙ عورت. سِلا؛
ننڍي نيٽي رن زال يا بيواهه. سارات؛
سالي جي زال. سالاٽي؛ ساليءَ جي ڌيءَ.
شتاهه؛ چالاڪ عورت. سَمنگهي؛
هار سينگار ڪندڙ عورت. کلي؛
پيٽ ۾ ٻار سوڌي مري ويل عورت.
عورتن جا قسم:
پدمڻي، سنکني، چترني، هستني،
ڪامڻي.
(ماھوار سرتيون ۱۹۹۶ع تان کنيل)
No comments:
Post a Comment