Friday, August 10, 2018

گھاگھر منجھ ساگر - يحيٰ خالد


گھاگھر منجھ ساگر
ھندڪو: يحيٰ خالد
سنڌيڪار؛ انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ھند آريائي ٻولين تي جيڪو ڪم ٿئي پيو، تنھن منجھ گھڻائي لوڪ ادبي دنيا کئون پري، پنھنجي ڪم منجھ مٿو جوڙي لڳا پيا آھن. منجھن اھڙا به ماڻھو آھن، جيڪي انھن ھند-آريائي ٻولين جا ھڪڙيءَ کان ٻي ٻوليءَ ڪرڻ سان لڳا پيا آھن. اھو ھڪڙو، اھڙو ڪم آھي، جيڪو اسان پاڪستانين جو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جي ويجھو اچڻ وارو ڪم آھي ۽ جنھن جي اڄ ضرورت به ڏاڍي سخت آھي. ائين ڪندي، اسان ھند-آريائي زبانن جو ھڪ ٻئي جي وچ ۾ ترجما ڪنداسين ۽ ائين اسان ھڪ ٻئي جي اڃا ويجھو اچي وينداسين ۽ ھاڻ نظر به اچي ٿو ته اھي زبانون ھڪ ٻئي جي ايترو ويجھو آھن جو ڪجھ الفاظ ڇڏي، سندن ھڪ ٻئي سان صرف لھجي جو فرق آھي. انھيءَ منجھ ھڪ اھڙو ماڻھو به آھي، جيڪو انھن زبانن کي ھڪ ٻئي جي ويجھو آڻڻ لاءِ، ڏينھن رات ڪم پيو ڪري. منھنجي ساڻس ملاقات شايد ھڪ ڪانفرنس منجھ ٿي، جيڪا سرڪار طرفئون اسلم آباد منجھ ٿي ھئي. ھاڻ ته پوريءَ طرح ڳالھيون ياد به ناھن رھنديون، پر جيڪي ماڻھو ھڪ ئي ڪم جي پويان لڳا پيا ھجن، سي پنھنجي مطلب جي ماڻھن کي ياد رکندا آھن. محترم مھر افتخار وينس، وري ڪافي عرصي کان ھڪ لغت جي تياريءَ ۾ لڳا پيا آھن، جيڪا سندن ٻولي رچناوي/ شاھ پوريءَ منجھ آھي. اھا ٻولي، ھندڪو زبان جي ايترو ويجھو آھي جو جڏھن ساڻس فون تي ڳالھ ٻولھ ٿيندي آھي ته مون کي لڳندو آھي ڄڻ ھو ھندڪو ئي پيا ڳالھائين. مون کين اھو چيو به آھي؛ جيڪا ٻولي اوھان ڳالھايو پيا، سا ته منھنجي ھندڪو آھي. خير سندن اھا جستجو پنھنجي جاءِ تي قائم آھي. انھيءَ ڳولا يا تجسس، وٽن سلطان سڪون صاحب جو ڪتاب ”ڪوزي بچ درياھ“ پھچائي ڇڏيو. پاڻ اھو ڪتاب، ھڪ سنڌي ليکڪ، جناب انجنيئر عبدالوھاب سھتو صاحب ڏي موڪلي ڏنائون. جنھن سان مھر افتخار صاھب جي ٽيليفون تي ئي ڳالھ ٻولھ آھي. عبدالوھاب صاحب کي اھو ڪتاب ايترو پسند آيو جو پاڻ ان ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇڏيائون. سنڌي ترجمي ۾ ڏٺو وڃي ته لڳي ائين ٿو ڄڻ سنڌي زبان به ھندڪو جي ويجھي زبان ھجي. سنڌيءَ جا ڪيترا ئي سارا الفاظ، بلڪل ساڳئي لھجي منجھ، ھندڪو ۾ ڳالھايا وڃن ٿا. البته املاءَ ٿوري گھڻي مختلف آھي. سنڌيءَ جا گھڻا تڻا الفاظ پنھنجي ئي طريقي سان ائين ملن جلن ٿا جيئن اسان اردو، فارسي ۽ عربي منجھ نه سمجھندا آھيون. ائين ڪرڻ سان اسان ماڻھن کي سنڌي پڙھڻ ۾ ٿوري مشڪل پيش اچي ٿي، پر ٿورو گھڻو غور ڪجي ته اھو مسئلو به حل ٿي وڃي ٿو. پنھنجي ديباچي منجھ وھاب صاحب، ھندڪو تي به چڱو خاصو بحث ڪيو آھي. انھيءَ ابان جي علائقن جي به ڳالھ ڪري ويو آھي. ھزاري جي ھندڪو ۽ پشاوري ھندڪو جي به ڳالھ ڪري ٿو ته پشاوري ھندڪو جو سبب به ٻڌائي ٿو. سندس تحقيق سان اختلاف ٿي سگھي ٿو، پر جنھن طرح ان ڳالھ پيش ڪئي آھي، ان سان اتفاق به ڪري سگھجي ٿو.


عبدالوھاب صاحب، جنھن خوبصورتيءَ ۽ محنت سان ھندڪو جا پھاڪا ۽ چوڻيون زنڌي زبان جي ڪالب ۾ آندا آھن، سا به خصوصيت جي حامل شيءِ آھي. انھن ھڪ ھڪ پھاڪو چيو آھي ۽ ان ۾ آيل ڏکين لفظن جا پھرين سنڌي معنائون ڏنيون آھن، پوءِ صوري پھاڪي/ چوڻيءَ جو سنڌي روپ ڏنو آھي، تھان پوءِ ان جي تشريح ڪئي اٿائين. گھڻين جاين تي ائين لڳي ٿو ڄڻ انھن صرف رسم الخط ئي تبديل ڪيو آھي، ور نه چوڻي ساڳي ئي آھي، جيڪا ھندڪو منجھ آھي. چوڻ جو مطلب اھو آھي ته سنڌيءَ جا الفاظ ۽ جيڪا ھندڪو اسان ھزاري ۾ ڳالھايون ٿا، سي ٻئي ھڪ ٻئي جي گھڻو ويجھا آھن. عبدالوھاب صاحب، سڪون صاحب جي سمورين چوڻين جو ترجمو نه ڪيو آھي. بلڪ ھن منجھانئن ھڪ سؤ پنجيتاليھ چوڻيون کڻي، سنڌي زبان منجھ گھڙيون آھن. اھو تمام وڏو ڪم آھي. انھيءَ تي اسان کين مبارڪ به ڏينداسين، ۽ اھو به چونداسين ته جيڪي باقي محاورا ۽ جيڪي دعائيه آھن، يا ان جھڙا ٻيا پھاڪا ۽ چوڻيون آھن، انھن جو به پاڻ ترجمو ڪري ته جيئن سنڌي زبان ۽ ھندڪو زبان جو مقابلو به ٿي وڃي. اسان جيئن ته سنڌي ادب کان پري آھيون، تنھنڪري اسان کي سنڌي پڙھڻ ۾ ٿوري تڪليف ٿئي ٿي. پر جيڪڏھن ان طرح سان ٻنھي زبانن جا اديب ھڪ ٻئي جي ڪمن جو پنھنجي زبان منجھ ترجمو ڪندا رھيا ته انھن زبانن جو ھڪ ٻيي جي ويجھو اچڻ مسڪل نه رھندو.
اسان جو مھر افتخار صاحب به ھندڪو-سنڌي-لغت تي ڪم پيو ڪري جنھن ڪري کيس مواد جي ڪٺي ڪرڻ جي به تلاش رھي ٿي. جنھن لاءِ مان پنھنجي طرفئون به سندن مدد پيو ڪندو آھيان. ان ڪم واسطي گھڻن ھٿن جي ضرورت آھي. ھن، گھڻا سارا لفظ، پنھنجي پاڻ وٽ ڪٺا ڪيا آھن. ويتر سندس خيال آھي ته ھو جيترا به گھڻا الفاظ ڪٺا ڪري سگھندو، تيترو ڀلو آھي. ان جي لاءِ مون کيس ڊاڪٽر الٰھي بخش مرحوم جي ڊڪشنري موڪلي ڏني آھي. پر ھو ان کان به وڌيڪ ڪم ڪرڻ چاھي ٿو. الله ڪري، ھو ان ڪم ۾ ڪامياب ٿي پوي. ھندڪو-سنڌي-ڊڪشنري آڻڻ سان، ھندڪو ۽ سنڌي زبانن جي ليکڪن کي، ھڪٻئي کي سمجھڻ ۾ گھڻي مدد ملي سگھندي.
”گھاگھر منجھ ساگر“ ھڪ خوبصورت ڪوشش آھي. ائين سنڌي ڳالھائيندڙن ۽ ھندڪو ڳالھائيندڙن کي، ھڪ ٻئي جي ويجھو آڻڻ جي ھڪڙي ڪوشش آھي. عبدالوھاب سھتو صاحب، انھيءَ ڪوشش ڪامياب نظر اچي پيو. چاھجي اھو ھا ته گنڌارا-ھندڪو-بورڊ ۽ اڪيڊمي جو ھھئين اھڙيون ڪوششون ھجن ته جيئن سنڌي ۽ ھندڪو جو تقابل به ٿي سگھي ته وري اھي ٻئي ھڪ ئي ماءُ جي ڌيئن وانگر ھڪ ئي ٿالھيءَ منجھ کائين.


No comments:

Post a Comment