Wednesday, August 29, 2018

حاضر جوابي - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حاضر جوابي
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

(حاضر جوابي هڪ خدائي ڏات آهي، جيڪا هر ڪنهن کي نه ملندي آهي، حاضر جواب ماڻهوءَ جي ڳالهائڻ ۾ ڏاهپ جا ڪيترا ئي نڪتا هوندا آهن. حاضر جوابي گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾، صبح جي هير جي جهوٽي جيان آهي. چرچي ۽ حاضر جوابيءَ ۾ اڻلکو فرق آهي. حاضر جوابيءَ ۾ ڪنهن جي دل نه رنجائبي آهي. بلڪ سڀني جو روح راضي ڪبو آهي. سنڌ جي ماڻهن ۾ به اها خدائي ڏات موجود آهي. – ادارو)


”حاضر جوابي“، هڪ عجيب ۽ عمدو فن آهي، جيڪو سماجي لحاظ کان تفريحي توڙي مجلسي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. اعتماد سان ڳالهائڻ، بنا دليل بيان جاري رکڻ، بهادريءَ سان بيباڪ ٿيڻ، ٺهه پهه جواب، سچائيءَ ۽ صفائيءَ سان زبان هلائڻ ۽ رَکُ رکاءُ نه ڪرڻ، حاضر جوابيءَ جا انوکا، بهترين ۽ مختلف انداز آهن.
دنيا ۾ ”حاضر جوابيءَ جي تاريخ“ کولي ڏسنداسين ته سچ جي سوجهري جيان هن حيات بخش ۽ لطيف پهلوءَ جا سوين ثبوت وضاحت سان آڏو ايندا، ۽ ڪو به اهڙو عهد نه رهيو آهي، جنهن ۾ ”حاضر جوابي“ جي موجودگي نه ملي. اڄ ڪالهه ته هن فن ”لطيف فن“ جو درجو حاصل ڪري ورتو آهي ۽ روزمره جي زندگيءَ جو هڪ معمول پڻ بڻجي چڪو آهي.
اها سوچ به پنهنجي جاءِ تي بالڪل صحيح آهي، ته حاضر جوابيءَ جو فن قديم زماني کان هلندو پيو اچي ۽ خاص ڪري اميرن ۽ بادشاهن جي درٻارن ۾ ان جي پوريءَ ريت آبياري ٿي آهي. مگر ادبي توڙي علمي حلقن ۾ به انهيءَ ڏات کي وڏي تقويت ملي آهي. پوءِ جهڙيءَ طرح شعر شاعري اسان جي سوسائٽي لاءِ اهميت ڀري وٿ آهي، تهڙيءَ طرح حاضر جوابي به اسان جي زندگيءَ جو هڪ مثالي حصو بنيل آهي. حقيقت به اها ئي آهي، ته سخن جو سلسلو خود حاضر جوابيءَ ۽ حاضر دماغيءَ جي ئي پيداوار آهي، جيڪو وڌي پوءِ جملن، مصرعن ۽ فُقرن جي صورت اختيار ڪري ٿو. جملن جو سٽاءُ، خيالن جي ترتيب ۽ صوتي لفظن جو مُناسب استعمال وغيره، حاضر جوابي ۽ حاضر دماغيءَ جو ثمر آور نتيجو آهي.
حاضر جوابيءَ جي پس منظر ۾ به معلوم ٿئي ٿو، ته هن فن، انسان جي ابتدا سان گڏ جنم ورتو آهي، ۽ ڪو به اهڙو دور باقي نه رهيو آهي، جنهن ۾ هن فن جو عنصر موجود نه آهي. ”دور رسالت“ ۾ اسان کي ”حاضر جوابي“ جا انمول ۽ انيڪ مثال ملن ٿا. سال 1171هه (1857) کان پوءِ ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ وڏي تبديلي رونما ٿي. خاص ڪري فن جي دنيا ۾ کوٽ ڏسجي ٿي. البت سوسائٽي جي وجود ۾ اچڻ سان، گهڻي ڀاڱي هي خال ڀرجي ويو. تفريحي يا مجلسي ادب، جيڪو زباني طور مختصر انداز ۾ ۽ واتين ويڻين سِينن اندر سانڍيو ويندو هو، اُن ”داستان گوئي“ جي باضابطه صورت اختيار ڪئي.
”داستان گوئي“ جي گهٽجي وڃڻ کان پوءِ ان جي جاءِ تي ”ناول“ نروار ٿيو. اهڙي طرح ”ناٽڪ“ جو نمونو به سُتت ئي ملڻ لڳو. آهستي آهستي هن فن ۾ نمايان تبديلي آئي ۽ ان جي جاءِ ”فلم“ (Film) اچي والاري. مطلب ته ”حاضر جوابي“ جو هي انداز مختلف دورن ۾، رنگن ۽ روپن ۾ بدلجندو رهيو آهي، موجوده دور ۾ هن فن جي ڪسوٽي ريڊيو ۽ ٽي وي T.V)) جي شڪل ۾ سامهون آئي آهي.
اڄ به انهيءَ جي لطافت کان، مشرق توڙي مغرب، خالي نه رهي آهي. ڇا ايشيا، ڇا آفريڪا، ڇا آمريڪا ۽ ڇا آسٽريليا – مطلب ته هر سماج ۾ هڪ کان وڌيڪ تيز ذهن پيدا ٿيندو رهيو آهي، ۽ سندس شائسته ۽ في البديهه گفتگو، اسان جي دلين ۾ ساڳي گرمي ۽ ولولو پيدا ڪري رهيو آهي.
هيٺ دنيا جي اهڙن مشهور بُزرگ هستين جو بيان قلمبند ڪجي ٿو، جن پنهنجون حياتيون ٻين لاءِ سَڦليون ثابت ڪيون آهن، جيتوڻيڪ هو اڄ اسان جي وچ ۾ موجود نه آهن، پر سندن گفتا اڄ به اسان کي ياد آهن. روزمره جي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن سندن دانشمنديءَ جا قول ۽ نُڪتا، اڄ به استعمال هيٺ آڻيون ٿا، ته طنز ۽ مزاح سان منجهانئن نصيحت جا ڀرپور سبق پڻ ملن ٿا، جن تي عمل ڪرڻ سان حياتيءَ جو پورو پورو لطف حاصل ڪري سگهجي ٿو.
مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي، ته ”حاضر جوابي“ جو آغاز انسان جي ابتدا سان گڏ جنم ورتو، پر جيئن ته اسان کي ”رسالت واري دور“ کان هن قسم جا مثال ملن ٿا، انهيءَ ڪري هن في البديهه فن جي شروعات اتان کان ئي ڪجي ٿي.
ٻنهي جهانن جي سردار، حضرت رسول مقبول صلّي الله عليہ وآلہ وَسَلّم جن جا به ”حاضر جوابي“ جا ڪيترا ئي مثال مشهور آهن.
هڪ دفعي هڪ پوڙهي عورت پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ حاضر ٿي ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله، دعا ڪيو، ته مون کي خدا تعاليٰ جنت ۾ جاءِ ڏي!!“ پاڻ سڳورن پوڙهيءَ جو سوال ٻُڌي فرمايو؛ ”پوڙهيون جنت ۾ نه وينديون“. اهو ڏسي پوڙهيءَ جو منهن ڪُومائجي ويو. اهو حال ڏسي پاڻ مُشڪي فرمايائون؛ ”جنَّت ۾ سڀ جوان ٿي داخل ٿيندا!“
هڪڙي ڀيري، هڪ شخص پاڻ سڳورن وٽ آيو ته؛ ”يا رسول الله! مان بالڪل غريب آهيان، مون کي هڪ اُٺ ڏياريو“. پاڻ فرمايائون ته؛ ”تو کي اُٺ جو ٻچو ڏيون!“ ان تي اُن سواليءَ وراڻيو ته؛ ”يا رسول الله! مان اُٺ جو ٻچو وٺي ڇا ڪندس!!“ اهو ٻُڌي پاڻ ٺهه پهه فرمايائون ته؛ ”هر اُٺ، اُٺَ جو ٻچو ته هوندو آهي!“
سچ پچ ”حاضر جوابي“ خداداد ڏات آهي، جيڪا ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ کي عطا ٿيل آهي. دنيا جي مشهور حاضر جوابن ۾ مُلَّا پيازو، مُلَّا نصير الدَّين اَفغاني ۽ تُرڪيءَ جو مُلَّا نصير الدَّين هُديٰ جا ڪردار مثالي حيثيت ۾ مَڃيل آهن. سُونهاري سنڌ به اهڙن ڀاڳ ڀرين، ڀلارن ۽ ڏات ڌڻين کان خالي نه رهي آهي. جن جي ”حاضر جوابي“ جا ڪيئي ڪامياب مثال، اَڄ تائين عام جي زبان تي چڙهيل آهن. اهڙين انمول، بي باڪ، عجيب غريب ۽ سچَّار شخصيتن ۾؛ جمعو حجم، ڇَتو ڪوري، گامون سچَّار، مُلَّا لُٽر ۽ جڳ مشهور حاضر جواب وتايو فقير جا نالا نمايان آهن.
هڪ ڀيري مُلَّا، اَفغاني ڪنهن امير جي درٻار ۾ ويٺو هو، بادشاهه کانئس کلي پُڇيو ته؛ ”مُلَّا! حاڪم جي اطاعت ڪهڙيءَ حالت ۾ ڪجي؟“ جواب ۾ ٺَهه پَهه چيائين، ته؛ ”جيستائين هُو انصاف تي قائم آهي!“ اهو ٻڌي شاهه اَفغاني کِلي ڏنو ۽ ”آفرين“ چيائين.

*****
هڪ ڀيري مُلَّا درياهه جي ڪناري تي وهنجي رهيو هو، واٽ ويندي، ٽي جوان اُتان اچي لانگهائو ٿيا، مُلَّا کي مٿي ۾ ميٽُ پيل ڏسي، کِلي ويٺا، مُلَّا سندن ٽهڪن جي پرواهه نه ڪئي. هنن ويجهو اچي، کانئس سوال پُڇڻ شروع ڪيا؛
.... ”مُلَّا صاحب! اسان ٽي سوال آندا آهن. پھريون ته عورت جي دل درياهه آهي. پوءِ اُڇايل ڇو ٿي رهي؟“ جواب ۾ چيائين؛ ”جهڙيءَ طرح درياهه، پياسي کي سيراب ڪري ٿو، اهڙيءَ طرح عورت به پنهنجي اها قرباني پيش ڪري ٿي!“ ٻئي پڇيس؛ ”عاشق، محبوب جي اڳيان هلڻ پسند ڪندو آهي يا پٺيان؟“ مُلَّا وراڻيو؛ ”عاشق، گڏهه جي مثال ته نه آهي جو هُو اڳيان هلي! البت عشق ۾ گُم ٿيل هوندو آهي!“
تنهن تي ٽئين پُڇيو ته؛ ”مُلَّا! چٽيءَ طرح سمجهاءِ، ته ڌَڪُ دل کي لڳندو آهي ۽ آبُ اکين مان نڪرندو آهي، سو ڇو!!؟“ .... انهيءَ تي ملا کلي چيو ته؛ ”اکيون دل جون ترجمان ٿين ٿيون، انهيءَ ڪري ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ٿيون ڪن!!“
مُلَّا لُٽر جي ”حاضر جوابي“ ڏسي واٽهڙو دنگ رهجي ويا.
هڪ ڏينهن هڪ ڳوٺاڻو مُلَّا نصير الدَّين وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو ته؛ ”هي خط پڙهي ٻُڌاءِ!“ خط عربي زبان ۾ لکيل هو ۽ مُلَّا چوڻ لڳو؛ ”هي خط عربي زبان ۾ آهي .... ۽ مون کي عربي نه ايندي آهي!“ اهو ٻُڌي ڳوٺاڻو وائڙو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته؛ ”مُلَّا! هيڏو سارو پَڳَڙُ ٻَڌو اٿئي ۽ عربي نه ٿي اچيئي!!“ مُلَّا ٺهه پهه پَڳَڙُ لاهي ان جي مٿي تي رکيو ۽ چيائينس؛ ”جيڪڏهن پَڳَڙُ ٻڌڻ سان عربي ايندي آهي ته پوءِ هاڻي تون پاڻ کڻي هي خط پڙهه!“

*****
هڪ ڏينهن وتائي فقير کي سندس ماءُ چيو ته؛ ”باهه ٻارڻ لاءِ پاڙي مان ٽانڊو کڻي آءُ!“ چوڌاري گهڻو ئي ڊُڪيو ڊوڙيو، مگر ڪٿان به ٽانڊو نه مليس. ماڻس آخر بيزار ٿي چيس ته؛ ”پوءِ وڃي دوزخ مان ٽانڊو کڻي آءُ!“ اهو ٻڌي ٺڙ ٺپ وراڻيائين ته؛ ”امان ڏاڍي ڪا ڏاهي ٿي ڏسجين!! دوزخ ۾ باهه ڪٿان آئي... باهه ته هر ڪو هتان پاڻ سان کنيو ٿو اچي!!!“
*****
سال 1974ع جي ڳالهه آهي، ته هڪ دفعي جُمعو حجم، اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو کان سندس لاڙڪاڻي واري بنگلي تي خيرات لاءِ ويو، کيس هڪ گڏهه ۽ جست جو وٽو ساڻ هُئا. ڀُٽو صاحب، ان وقت ڪار ۾ سوار ٿي رهيو هو. جڏهن جُمعي کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺائين، ته کيس مُشڪي چيائين ته؛ ”خيرات لاءِ، دوست سُوڌو آيو آهين!“ جُمعي کي روڪڻ لاءِ پوليس وارا ڪڍ ڊوڙندا آيا.
اهو ڏسي ڀُٽي صاحب کين هٿ سان روڪيو، ته؛ ”نه چئوس ..... ۽ اچڻ ڏيوس!“ سمورا مُحافظ پُٺتي رهجي ويا. جُمعي کي، ڀُٽي صاحب ٻَٽونءَ مان هڪ سؤ روپين جو نوٽ ڪڍي ڏنو، ۽ چيائينس ته؛ ”دُعا ڪجانءِ!“ جُمعو نوٽ وٺي، ڏانهنس گهوريندو رهيو، آخر رهي نه سگھيس ۽ ٺهه پهه وراڻيائين؛ ”اي صاحب ڀُٽا! خدا تو کي سڃاتو آهي ..... ته جيڪڏهن اڃا به خُوش نه آهين ته اَچُ هي سنڀال مُنهجو گڏهه ۽ وَٽو .... مان ٿو تنهنجي جاءِ تي ڪارِ ۾ ويهان!!“ جُمعي جي ان ڳالهه تي ڀُٽو صاحب کلي ويٺو ۽ ڪافي دير تائين کلندو ئي رهيو.
دنيا ۾ ”حاضر جوابي“ جا اهڙا ڪيئي لازوال مثال ملندا، جن ۾ هڪ پاسي ظاهري مقصد، کل ڀوڳ ۾ بيان ٿيل آهي، ته ٻئي طرف ناصحانه پهلو، بخوبي مُبهم نظر ايندو. طوالت خوفان، چند مثالن تي اڪتفا ڪجي ٿي.
(ماھوار سرتيون ۱۹۹۳ع تان کنيل)

No comments:

Post a Comment