جواني، ٻار ۽ ٻُڍي جي وچ واري وهي
مٺل جسڪاڻي
جواني ديواني
آهي. جوانيءَ
۾ ماڻهو انڌ جي گهوڙي تي چڙهيل هوندو آهي. جوانيءَ جي نشي ۾ اک ڪڪڙي ۽ مُڇن کي
تاءَ هوندو آهي. جوانيءَ ۾ ٻانهن جي ٻل سبب، کٽئي ۽ ڇيهي جي خبر نه پوندي آهي....
۽ اهڙا انيڪ عام رواجي جملا، چوڻيون، پهاڪا، پروليون، ڏور، بيت... الاءِ ته ڇا ڇا
پاڻ سڀني ٻُڌو ۽ پڙهيو آهي، شايد ان ڪري ئي هر آئي ڏينهن نوجوانن جي ڪردار تي بحث
ڪرڻ، نوجوانن جي مسئلن تي روشني وجهڻ، کين ڏس ۽ ڏانءُ ڏئي، گس تي چاڙهڻ جي ضرورت
پئي محسوس ٿيندي آهي!؟....