سنڌي ۽ غير سنڌي پهاڪا- هڪجهڙائي
گنگا رام سمراٽ
هر هڪ ديش ۾ جدا جدا پرانتڪ
ٻوليون هونديون آهن پر مڙني ۾ مول سمانتا (هڪجهڙائي) ضرور هوندي آهي. ڀارت ۾ به
ائين آھي. ٻولي يا ٻولين ۾ پهاڪن جو به مکيه حصو آهي، جنهن جي
اڀياس سان ڄاڻ پوي ٿي ته ديش جي ويچار ڌارا ڪيترو سمان آهي. نه ته ائين ڇو ٿئي جو
جيڪو پهاڪو سنڌ ۾ سو بينگال ۾، جيڪو سنڌيءَ ۾ سو دڪن ۾ ته گجراتي، راجسٿاني ۽
ڪشميريءَ ۾ ڪيئن؟ ۽ اها ڳالھ سڄي سنسار ۾ سمان آهي. اگر مول ۾ سمانتا ڪانهي ته
هيءَ وڻ جي ڦلن ۾ ڇو؟ اڄ جي ڀاشا شاستر جو مول تت آهي ته وڻ انب جو پر ان ۾ ڦل
زيتون جو پسون! جا ڳالھ بلڪل غلط آهي. اگر وڻ مول کان انب جو آهي ته ان جو ڦل فقط
انب ئي ٿيندو، اهو قدرت جو صاف ۽ شڌ نيم آهي.
هيٺ ڪڇ اهڙا پهاڪا، سنڌي ۽
مختلف ٻولين جا، ڏيون ٿا جنهن مان ٻوليءَ جي سمانتا سان گڏ ويچارن جي سمانتا
(هڪجهڙائي) جي به جهلڪ ملي ٿي.
- راجسٿاني:
سنڌي- جيڪو ڪندو سو ڀوڳيندو،
جيڪو کوٽيندو سوئي پوندو (ڪرندو)
راجسٿاني- ڪرنتا سو ڀوڳنتا، کودنتا سو پڙنتا
س- ڪندين ته کائيندين، وهندين
ته بک مرندين
را- ڦريئي سو چريئي، بيٺيو ڀاکان
مرئي
س- جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي، جيڪو
پوکبو، سو لڻبو.
را- ڪرڻي جي جي ڀرڻي، ڪرڻي پار
اُتراڻي، واهي جو لڻهي.
لکمن ين پدماوتي ڪوي رام جي
”شري وير
ڪٿا“ (۱۵ صدي) جي
هڪ چوڻي آهي: ”بالسيه مايه مرڻم،
ڀاريا مرڻم چپون ڪالي، ورڌسيه
پتر مرڻم، تن دکائن گرو آئين.
(يعني: ٻارائپ ۾ ماءُ مرڻ، جوانيءَ ۾ زال مرڻ، ٻڍاپي ۾ پٽ مرڻ، ٽيئي
ڏاڍو دکي ڪندڙ آهن.)
پر راجسٿانيءَ ۾ چوڻي آهي:
”مت ماريو ٻالڪ ڪي مايه، مت
ماريو پوڙهي ڪي جويه“.
۽ سنڌي ۾ آهي:
”ننڍي مري نه ماءُ، وڏي مري نه
جوءِ.“
- مالوي:
سنڌي- سياڻو ڪانءُ
(ڪانگ) گونهن تي ئي ويهندو آهي.
مالو- چتر ڪاگلو گُو پر بيٺي
س- ڏٺي مک ڪير ڳهيندو
ما- ديڪتي آنکان ماکوني نگلايه.
س- ٻڪري اَڪ کائي وئي.
ما - آڪڙا (اڪ) اوگي گيا.
س- ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي
ما- ٻارھ ڪورس پر بولي بدلي
- سميه سندر سوري:
سنڌي- نصيب جو لکيو ڪير مٽائي
س- ڇٺي رات لکيئه تي نه مٽئه
سنڌي- پئنچن ۾ پرميسر
س-پانچان مانئن مهي جيئن،
پرميسر پرساد
سنڌي- مئا ڪي موٽندا
س- پاڇا نه آوئن جي مئا
سنڌي - ٿڪ
ڦٽي ڪري ڪير ڳيهندو
ما- ٿوڪ گلئه ننهن ڪوءِ
س- خون کٿوري ڪون لڪندا آهن.
ما- ڇا نتئه ڪتوري گڻ نه رهئه
سنڌي- مئل کي ڇا ماربو
ما- موئان ڪا ڪيا ماريي. (راٺوڙ
راجا پرٿوي ويل ڪرسن رڪميئي ري“ مان.)
سنڌي- ڀلا ڀليءَ جو ڇيھ ڪونهي
ما - ڀلا ڀلا پر ٿمي ڇٽي
- ”ڍولامارو رادوها“ مان:
سنڌي- چور جي ماءُ اندر اندر ئي
روئندي آهي
ڍولا- رويا ڀينتر رهي رڙنئه- ته
چور تڻي جم مايه.
- ڪمائون پر ديش:
سنڌي- ڪوڙي جي ڊوڙ کُڏ تائين
ڪ- تشاري ڪي ڪڙڪڙ گهاما اوڻ تڪ، جهٺئي ڪي ڪڙڪڙ سانچا اوڻ تڪ.
يعني: تشاري (پهاڙيءَ تي برف جو
سنهو تھ) ڪڙ ڪڙ ڪندو آهي، گهام (اُس) جي نڪرڻ تائين ۽ ڪوڙو ڪڙ ڪڙ
ڪندو آهي سچي جي اچڻ تائين.
- بينگالي
سنڌي- پاڻيءَ ۾ رهي، ڪُمَ
(مانگر مڇ) سان دشمني!
بينگالي: جل پاس ڪري ڪمي ري
ساٿي جهگڙا
سنڌي........... ۲۹ ڏينهن چور جا ته هڪ ڏينهن ساڌ جو
ب- دش بار چوري را اڪ بار ساڌو
سنڌي- ننڍو منهن، وڏي بات
ب- ڇوٽي مکي، بڙ ڪٿا
سنڌي- سپ (نانگ) به مري ۽ لٺ به
نه ڀڄي
ب- سانپ او مري لاٺيئه نا ڀانگي
سنڌي- جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي
ب- ييمن ڪرم تيمن ڦل
سنڌي- سؤ ڪوئا کائي ٻلي حج
(مڪي) هلي
ب- ش ش اِڊنر کييي وڙال چيلم
مڪا يه
سنڌي- نه هوندو بانس نه وڄندي
بانسري، يا نه هوندي بنسري نه راڌا نچندي.
ب- نيه من نيئل ساسوي نا هيش ر
اڌئو ناچني ري
- تيليگو
(هن جي تيليگو روپ ڪونهي، M. W Carr- جي ڪتاب ۾
فقط انگريزي مان ڏنل آهي:
سنڌي- زالن جو عقل ڏائي کڙيِءَ
۾
ت- A Woman’s sense is the back of the heal
سنڌي- تڪڙ ڪم شيطان جو
ت- Hasty man is
not wise
ساڳيو: عربي- التعجيل فعل
الشيطان
انگريزي- Haste makes waste
سنڌي - کاڌي کائڻ ۾ ڪهڙي لڄ. يا ۲. پنهنجي
پورهئي ۾ لڄ ڇا جي شرم ڪهڙو.
ت- In eating and in business you should not be modest
سنڌي- جاءِ جوڙائي ڏس، شادي ڪري
ڏس.
ت- Try building a house, try making a marriage
سنڌي- روئڻ کان سواءِ ته ماءُ
به ببو (ٿڃ) ڪا نه ڏيندي آهي.
ت- Unless the child cries, the mother will not give it
suck
ساڳيو- مارواڙي- رويان- بنان تو
مان بوبو ڪويني دي
سنڌي- جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا
ت- As is the mother, so is her daughter
سنڌي- دائيءَ کان ڪهڙو پيٽ ڳجهو
ت- Like covering the body before the midwife
سنڌي- سڌي آڱر سان ٿورو سليش ئي
گيھ نڪرندو/ يا ڪو نه نڪرندو آهي،
ت- Without bending the finger, even butter cannot be got
ت- For one seer A seer and a quarter
ساڳيو: راجسٿانيءَ ۾- سيدي
آنگليان گهي ڪونيو نيڪلئي
- ڪشميري:
سنڌي- سيري سوا سير پيو آهي.
ڪشميري-
سنڌي- ڌڪ هڻ ڌيءَ کي ته سکي ننهن
ڪشميري- ڪوري وانيميه ته نوشي
بوز (ڌيءَ! تو کي چيو، ننهن! تون ٻڌ)
سنڌي- انڌن ۾ ڪاڻو راجا
ڪ- اينن منج ڪانيه ديد سو دنر
سنڌي- سکڻو ڪنو (يا مٽ) وڄي
گهڻو
ڪ - ڇنييه مٽ بزم
س- گهڻين ويهي سؤ؟
ڪ- ڪيھ گز پيون
سنڌي- کلي کلي پيٽ ۾ سور پوڻ
ڪ - ڪاڇن گروسن گڇن.
- گجراتي:
سنڌي- استاد جي مار ٻار جي
سنوار
گجراتي- سوٽو واگي چم چم، وديا آوي ڌم ڌم
ساڳيو- فارسي- جور اُستاد بهه
زمهر پدر
انگريزي- Lay on the road and you will bring on scholars
سنڌي- تر جي گٿي ن چوٺون کائي
يا ڪک اک ۾ پوڻ
گه- ٺيڪري گهڙائي ڦوڙي
ساڳيو: انگريزي- A
little leak will sink a great ship
سنڌي- تڪڙي ڪتي انڌا گلر ڄڻي يا
تڪڙ ڪم شيطان جو
گه- اُتاولا سو باولا، ڌيرا سو
گنڀير
No comments:
Post a Comment