ڪجھ سنڌي چوڻيون
۱. عامل، کٽل ڀي خان.
۲. اٺين پيڙھي اٺ جي، ماڪوڙو ماسات.
ٻنھي جون ڄنگھون ڊگھيون ۽ بيڊوليون آھن. ڪا ڪل ٻنھي جي سڌي ناھي. اگر
اھي پاڻ ۾ مائٽ ۽ ھڪ ڪڙم جا سڏائيندا ته سندن مائٽ ھجڻ تي ھر ھڪ جو گمان ضرور
ٿيندو.
مطلب: ۱. اٺين پيڙھي؛ اٺ ۽ ماڪوڙو ماسات.
۳. گنگا ويو ته ٿيو گنگاداس، جمنا ويو ته ٿيو جمناداس.
مطلب: ۱. جنھن جيڪا شيءِ ڏٺي آھي، سو ان جي تعريف ۾ پورو آھي. ۲. ھر ڪو پنھنجي
ڄاڻ ونڊڻ ۾ پورو آھي. ۲. ڪير ڪنھن جي ٻڌڻ لاءِ تيار
ناھي. ۳. ھر ڪو مان مان ۾ پورو آھي.
