جواني، ٻار ۽ ٻُڍي جي وچ واري وهي
مٺل جسڪاڻي
جواني ديواني
آهي. جوانيءَ
۾ ماڻهو انڌ جي گهوڙي تي چڙهيل هوندو آهي. جوانيءَ جي نشي ۾ اک ڪڪڙي ۽ مُڇن کي
تاءَ هوندو آهي. جوانيءَ ۾ ٻانهن جي ٻل سبب، کٽئي ۽ ڇيهي جي خبر نه پوندي آهي....
۽ اهڙا انيڪ عام رواجي جملا، چوڻيون، پهاڪا، پروليون، ڏور، بيت... الاءِ ته ڇا ڇا
پاڻ سڀني ٻُڌو ۽ پڙهيو آهي، شايد ان ڪري ئي هر آئي ڏينهن نوجوانن جي ڪردار تي بحث
ڪرڻ، نوجوانن جي مسئلن تي روشني وجهڻ، کين ڏس ۽ ڏانءُ ڏئي، گس تي چاڙهڻ جي ضرورت
پئي محسوس ٿيندي آهي!؟....
موضوع جي لحاظ کان لفظ ”نوجوان“
جا انيڪ پهلو آهن. آئون ڪهڙو پاسو کڻان!؟ نوجوانن جي ججهي اڪثريت جو تعلق غربت
واري لڪير کان هيٺ وارن جي آهي. جيڪي جيئڻ جا جتن ڪندي، اڪثر ته اکيون ٻڌل نار جي
ڍڳي وانگر، جهڙو به حال اٿن، هڪ مخصوص دائري ۾ پيا ڦرن، ٻيا ٿڪجي، ٿاٻڙجي، ڪي سستي
نشي، جُوا، چوريءَ ۽ ڦُر وغيره ۾ مشغول ٿي وڃن ٿا.... انهن جي ڪردار تي ڇا لکجي؟
اهي پڙهندا؟ ٻُڌندا؟... نه...
نوجوانن جي اقليت ۾ ڪجهه ته آهن
اسان جي سماجي بيهڪ جي حساب سان وڏي مان مرتبي وارا، ولغر / برگر، خبر نه آهي ته
ڇا آهن؟... انهن جي به ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ اهي ته سنڌي هوندي به نه سنڌي پڙهن، نه
ڳالهائين ۽ نه ئي ٻُڌڻ چاهين!... انهن کي نه ڇڏيون! اهي ته سندن ماضيءَ، حال، توڙي
مسقبل ۾ به رڳو پنهنجا رهڻا آهن، ٻئي ڪنهن جا به نه! هو ته پنهنجن سڳن عزيزن جا به
ملڪيتن جي ورهاست تائين رهندا آهن، ان کان پوءِ ”جوڳي
نه مٽ ڪنهن جا“!؟....
پاڻ وٽ ٿيندڙ آدمشماريءَ جي
سڀني کي خبر آهي. سچا پچا انگ اکر ڪٿان آڻي، پاڻ انهن نوجوانن جو تعداد معلوم ڪري،
ڳالهه ڪريون ته هيترا ڪي هيترا اهڙا نوجوان بچن ٿا، جن جي ڪردار جو جائزو وٺجي،
بحث ڪجي، ٽيڪا ٽپڻي ڪجي!؟.... اوهان جتي به آهيو، پنهنجي ويجهي آسپاس جو جائزو
وٺو، اندازو ڪريو، هيءَ ٻه اکر پڙهڻ يا ٻُڌڻ لاءِ گهڻا راضي ٿيندا!؟ انهن مان هنن
ٻن لفطن تي ويچارڻ وارا ڪيترا ٿيندا؟ جيڪڏهن ڪا ڪم جي ڳالهه ٿي پئي، ڪو گس گام ملي
پيو، ته ان تي عمل ڪرڻ وارا گهڻا هوندا؟
اهڙي بلڪه ان کان به بدتر حقيقت
آهي، اڄڪلهه جي نوجوان ۽ ان جي ڪردار جي... روئڻ ٿو اچي... اهو سڀ ڪجهه ان ڪري
آهي، ڇاڪاڻ ته غربت تمام گهڻي آهي، غربت سبب پنهنجا روايتي قدر پائمال ٿيا آهن، ٿي
رهيا آهن، رسمي تدريسي تعليم جو ته ٻيڙو ٻُڏل آهي، پر روايتي غير رسمي درس، تدريس،
تعليم ۽ تربيت، جيڪا مرڻن ۽ پرڻن، ڇٺيءَ، مڱڻي، ونواهه، شادي مرادي ۽ ٻين ريتن،
رسمن ۽ رواجن وارين وڏين اجتماعي گڏجاڻين، توڙي اوچتي ڪوٺيل يا اڻ ڪوٺيل مهمان اچڻ
يا نه اچڻ، پر ڳوٺ، پاڙي، گهر ڀاتين جي گڏجي ويهڻ، حالي احوالي ٿيڻ وارين ڪچهرين ۾
جيڪا تربيت ٿيندي هئي، اها به نه آهي! اڻ پڙهيل نوجوان هوٽل تي يا گهر ۾ ڊش
اينٽينا هنيو، ٽي وي، سي ڊي پليئر تي الاءِ ڇا ڇا پيو ڏسي؟ جيستائين ابو ۽ امان
حياتي آهي، تيستائين ڪجهه به نه ڪبو. جيڪڏهن ابو يا امان ڪڇيو، ته ڪنهن فلمي
ڊائلاگ جي مدد سان اهو چوندي به نه هٻڪندو ته ”نه ڄڻيو ها“!؟ جيڪو ٿورو به چالاڪ
آهي، موبائيل استعمال ڪري سگهي ٿو، اهو ان ۾ مست الست آهي!؟ اهو آهي اڄڪلهه جي
نوجوان جو حال حقيقت! پر جيڪو به هيءَ پڙهندو، ٻُڌندو، هر ڪو چڙي پوندو، رڳو آڱر
ئي نه کڻندو، پر ڇڙٻيندو، چوندو مايوسي ڏوهه آهي، فراريت آهي، خودڪشي آهي، ان ڪري
پاڻ مثبت پاسو کڻنداسين....
مثبت پاسو کڻڻ کان پهرين هڪ
ٻيءَ ضروري ڳالهه به ٿي وڃي. ون يونٽ تحريڪ کان پوءِ، اسي واري ڏهاڪي جي شروعات
تائين، جيڪي هينئر عمر جا چاليهه ڏهاڪا پورا ڪرڻ وارا آهن يا ويجهڙائيءَ ۾ پورا
ڪري چڪا آهن، اهي جڏهن پرائمري ۽ سيڪنڊري (هاءِ) اسڪول ۾ پڙهندا هئا، تڏهن استاد
رڳو درسي ڪتاب نه، اسڪولن ۾ قائم لائبررين ۾ موجود ڪتاب به ڏيندا هئا ۽ پڙهي،
سمجهي اچڻ جي تاڪيد ڪندا هئا. جيڪي مون پارا، وڏي مٿي وارا، گهٽ سمجهي سگهندڙ ٻار
هوندا هئا، استادن کي انهن جو خوب اندازو هوندو هو. انهن کان استاد پُڇندا هئا، ته
ڇا پڙهيو، پرايو؟ ان کانپوءِ ان ڪتاب جو ٿلهي ليکي تت سمجهائيندا هئا.... شاگردن ۾
لالچ کان آجيون هجتون ۽ دوستيون وڌائڻ، بچت ڪرڻ، جائز خرچ ڪرڻ جو سليقو سيکاريندا
هئا. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي، ته اسان کي استادن خرچي بچرائي به ڪتاب خريد
ڪرايا، جيڪي ڪتاب ڪنهن اڪيلي جي خرچي مان نه وٺي سگهبا هئا، ته هڪ ٻئي کي ويجهن
شاگردن جا ٽولا ٺاهي، انهن جا بچايل پئسه گڏ ڪري، ڄڻ ته چندي واري حساب سان ڪتاب
وٺرائيندا هئا. اسين واري سان هڪ ٻئي جا خريد ڪيل ڪتاب پڙهندا هئاسين. اڄڪلهه
اسڪولن ۾ ڇا ٿو ٿئي، سڀ ڪنهن کي خبر آهي. اٽي ۾ لوڻ برابر استاد، جهڙو به سندن حال
آهي، ايمانداريءَ سان نه رڳو حاضر هوندا آهن، پر پڙهائيندا به آهن. جن تي وري هرڪو
پيو چٿرون ڪندو آهي! اڪثر استاد ڊيوٽي چور، ويزا تي ويل. هڪڙا سيڌي سامان يا پان
ٻيڙي جا هٽ پيا هلائين، منشي گيري ۽ ڪمداريءَ ۾ پورا آهن، ٻيا وري قوم تي ٿڌو ٿورو
ڪندڙ ڪي شاعر، ڪي نثر نويس، ڪي صحافي ته ڪي سماجي ڪارڪن! اڄڪلهه جي اين جي اوز دور
۾ استاد صاحبان مفت جي پگهار کنيو، ٻارڙن توڙي نوجوانن جون سماجي تنظيمون ٺاهيو،
هڪڙن کان مسئلن جي نشاندهي ڪرائي، مظاهرا پيا ڪرائيندا ۽ ٻين کي وري ڪنهن ٻيءَ
سماجي تنظيم جي پليٽ فارم تي فلاحي پروجيڪٽ ٺهرائي، اسڪيمون پيا وٺندا.... هاءِ ڙي
اڄ جو استاد ۽ هاءِ ڙي اڄ جو لکيو پڙهيو نوجوان!؟
ڪاليج يا يونيورسٽي جي وهيءَ
وارا صحافي، شاعر ۽ نثر نويس سدا ملوڪ سهڻا سيبتا، ٻن ٻن، ٽن ٽن ڪتابن جا ليکڪ
نوجوان، ڪپڙا ڇنڊڻ ۾ پورا، پروگرام اهڙا ترتيب ڏيندا جو ٻُڌي دل بهار بهار پئي
ٿيندي، پر ڪاليج يا يونيورسٽي وڃڻ، پڙهڻ جي صلاح ڏبي، ته ڄڻ گار ڏئي ورتي، پوءِ ته
همراهه وٺ ئي نه ڏيندا، سامراجي سازش ڪوٺيندا، بحث ۾ گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام
ٿيندا، ته رستو ڌار ڪندا، پر پڙهڻ، ڊگري وٺڻ نه پر ڪنهن به اخبار يا ٽي وي چينل جو
رپورٽر ٿي پنهنجو مستقبل روشن سمجهندا!؟
بهرحال، ”اڃا ڪي آهين، ڪُل جڳ ۾ ڪاپڙي“... ڪٿي ڪٿي ”اڃا لهي اُڀري پيو“، پر اسان کي جيترا سُٺا ڊاڪٽر،
انجنيئر، قانوندان، تعليمي ماهر، سائنسدان گهرجن، اوترا اسان جا نوجوان ان طرف
مائل ئي نه آهن....
اهو نوجوان، جيڪو هيءُ ٻه اکر پڙهڻ
۽ سمجهڻ جهڙو آهي، ان کي گهرجي ته هو پنهنجو تعين پاڻ ڪري، پنهنجي هم عمر ۽ هم اثر
ساٿين کي سمجهائي ته پهرين پڙهي، سُٺي تعليمي سند وٺڻ ضروري آهي. جيڪڏهن صحافت به
ڪرڻي آهي، ته پهرين صحافت ۾ اعلى تعليم مڪمل ڪري، جيڪڏهن علم ادب ڏانهن رجحان اٿس،
ته اها تعليم وٺي....
اسان ته شيخ اياز، امر جليل،
سائين ابراهيم جويو کي هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو هو. ”ڍو
بنا ڍوليا، ساڃاهه ناهي سونهن جي“... پاڻ وٽ رڳو شاعري ۽ ڪهاڻي يا ڪو به
نثر، خالي پيٽ کي ڀرڻ، بيمار جو علاج ڪرڻ لاءِ بلڪل به ڪارائتو نه آهي. شاهه، سچل،
سامي جيئن به وقت گذاريو، شيخ اياز، ڊاڪٽر تنوير عباسي، استاد بخاري، امر جليل،
ڊاڪٽر نجم عباسي، مولانا غلام محمد گرامي، مرزا قليچ بيگ، اڳوڻو پرڀو ناشاد ۽
هاڻوڪو نفيس شيخ، امداد حسيني، سحر امداد، شرجيل، ... ڪهڙا ڪهڙا نالا کڻان!؟ اهي
سڀ تعليم يافته هئا ۽ آهن، ساس جا مرڪزي سيڪريٽري تاج جويو، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، ڀلوڙ
ليکڪ، دانشور جامي چانڊيو، حسن مجتبى، امداد سومرو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، مرتضى
سيال، اعجاز منگي،... لکيم/چيم نه، گهڻا نالا آهن، ڪنهن ڪنهن جو نالو کڻان، اسان
کان اسان جا تازا وڇڙيل تارا حسن درس، طارق عالم ابڙو، اهي سڀ ڪاپي ڪري ميٽرڪ پاس
نه هئا، ٻين کان پيپر ڪرائي انٽر ۽ بي اي ڪيل نه هئا. اهي سڀ رسمي ۽ غير رسمي
تعليم ورتل هئا ۽ آهن... ۽ هڪڙي هيءَ به وضاحت ته سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي،
حافظ محمد نظاماڻي، ڪاڇي جو لياقت علي لياقت به سُٺا، بلڪ پختا ۽ ڀلوڙ شاعر هئا ۽
آهن، پر جيڪڏهن انهن کي به اڃا وڌيڪ روايتي ۽ غير روايتي تعليم جو موقعو ملي ها
ته..... جيئن آئون پيو سوچيان، تيئن تصور ڪريو ۽ پوءِ انهن جو مقام طئه ڪريو....
ڪمپيوٽر، موبائيل خراب نه آهي،
پر پاڻ وٽ انهن جو صحيح استعمال به ته نه آهي. چرس، ڀنگ، شراب، ... مڌ جا پيالا نه
آهن، پر جي اهڙا به آهن، ته رڳو ان تي به گذارو نه هلندو... صحافت به سٺي آهي، پر
پاڻ وٽ صورتحال چٽي آهي. مائٽ ڪمائي ۽ نوجوان رڳو کائي، گهمي، خرچ ڪري، ڪتاب
ڇپرائي، پر پڙهي نه...!؟ اوهان ڪو اشرف سيال ٻُڌو؟ اڪبر لغاري ٻُڌو، ڏٺو ۽ پڙهيو
آهي؟ رسول بخش درس، عرساڻي خاندان،... اسان کي شاعر، اديب ۽ نقاد به کپن، ته
پروفيشنل مهارت رکندڙ ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان به ته گهرجن. ڊاڪٽر شمس الدين
تنيو، ڊاڪٽر مرتضى ڌاريجو، ڊاڪٽر حاجي اسلام الدين مجيداڻو، مشهور سرجن پروفيسر
حسين لغاري، اديب رضوي،.... ڪيڏا وڏا نالا آهن!؟ انهن جي ۽ انهن جهڙن جي به ته
ضرورت آهي. الطاف شيخ ڪيڏو وڏو نالو آهي ۽ ان جي تعليم، ڪتاب....!؟ هاڻي الطاف شيخ
رٽائر ڪري ويهي ته پويان ڪير آهي!؟
علم، ادب، صحافت، سماجيت توڙي
سياست جي نالي تي / ۾ اعلى تعليم کان نٽائيندڙ نوجوان دل ۾ نه ڪن ته ٻُڌائين هو ڇا
ٿيندا، ڪهڙا ٿيندا؟ مفت جو اخباري يا ٽي وي رپورٽر نه ٿيڻ گهرجي، سدائين ڀتو ڪٿان
به نه ملندو...
جواني جي نشي ۾ ٻُڏل ۽ انڌ جي
گهوڙي تي چڙهيل، ٻار ۽ ٻُڍي جي وچ واري وهي جا مالڪ نوجوان ته ٻارن ۽ ٻُڍن جا
رکوال هوندا آهن!؟ نوجوانن کي کپي ته پوڙهن کي ڇڏين ته هو سندن تجربن مان تربيت ڪن،
نوجوان ٻارن جا ٻانهن ٻيلي ۽ ڀرجهلا ٿين، ته انهن جو مستقبل سنورجي. هر نوجوان کي
اک پٽڻ گهرجي ته کين ڪرڻ ڇا گهرجي ۽ هو ڪن. ڇا پيا؟ معاف ڪجو، مون کي ته اڪثر
نوجوان چالاڪ ۽ موقعي پرست سماجدانن ۽ سياستدانن، ڪاروباري صحافين (اخبار، ريڊيو ۽
ٽي وي مالڪن) جي هٿن جا رانديڪا ۽ انهن جا ڪارندا محسوس ٿيندا آهن!؟... اسان کي،
اسان جي، اڄ جي نوجوان جو جيڪو ڪردار آهي، اهو وري وري سوچڻ تي مجبور پيو ڪري....
پاڻ سڀني يعني ٻارن، نوجوانن ۽ پوڙهن کي سوچي سمجهي وک کڻڻ کپي.... ڪمپيوٽر ۽
موبائيل جو نشو، سگريٽ، پان، چرس، ڀنگ، شراب جو نشو، اين جي او، سياست، صحافت،
شاعري ۽ نثر نويسي جو نشو، ڀلي سڀ نشا ڪريو، پر بيلنس (توازن) به برقرار رکو....
مون تي به حالتن جو اثر آهي،
آئون ڪجهه ڏينهن کان عجيب ڪيفيت جو شڪار آهيان، مون کي خبر نه آهي ته جيڪو چوڻو/
لکڻو هو، اهو بي ترتيب ئي سهي، لکي سگهيو آهيان به الائي نه، پر آس اٿم ته اوهان
کي ٿورو گهڻو اندازو به ٿيو هوندو، ته مون لکڻ / چوڻ ڇا چاهيو آهي؟
Well Hint for young Generation to improve themselve.
ReplyDelete