پهاڪي جي معنيٰ آهي ڏاهپ جو قول، سياڻپ، دانائي يا ڪنهن
واقعي جو ٿورن لفظن ۾ اشارو:
”پهاڪو“ ٿورن لفظن ۾ گهڻي ڳالهه چوڻ جو فن آهي، اهي ڪنهن
چيا؟ ڪڏهن چيا؟ ان جي ڪا به سُڌ نه آهي. انهن پهاڪن جي ٻوليءَ، ڪردارن، واقعن سان
ڪنهن دور جو تعين ممڪن ٿي سگهي ٿو، پر گهڻي ڀاڱي اُهو هڪ ڏکيو مرحلو آهي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ”پهاڪو“ اسان جي اتهاس جي ڪا آڳاٽي
صنف آهي، جنهن ۾ ڏاهپ جا نقطا نروار ڪيل آهن. هتي اسين ڪجهه ”پهاڪا“ ڏئي رهيا
آهيون، جن جو تعلق خاص طور تي ”عورتاڻي سماج“ سان آهي. مجموعي طور تي
”پهاڪن“ بابت هتي ٻه مکيه ڳالهيون توهان آڏو رکجن ٿيون.
·
انهن
پهاڪن جي پس منظر ۾ هڪ ڪهاڻي آهي.
·
پهاڪا
نثر ۾ به آهن ۽ نظم ۾ به.
مثال طور هي پهاڪو آهي:
عقل ريءَ عذاب، گهڻو پَسنديءَ جندڙي.
جيڪو ڪنهن
”سورٺي“ جي سٽ لڳي ٿو. ممڪن
آهي ته ڪنهن دور ۾ اهو مڪمل سورٺو هجي، يا پورو بيت هجي. ۽ ان جي ٻي سٽ ۽ ٻيون
سِٽون وقت جي ڊگهي سفر ۾ ڪٿي رهجي ويون هجن. ____ ادارو
آءٌ
به ويندي پيڪي، مون به لهندي سِڪ:
ڪنهن ڪنوار کي، ساهرن ۾ گهڻو سک هوندو هو ته به پيڪن جي
پيئي پچار ڪندي هئي. چي؛ منهنجا لَک لهن پيڪا، قرب جا ڪوڏيا پيڪا! هڪ دفعي جڏهن
پيڪي (پيءُ جي گهر) آئي، تڏهن ڪنهن ڳالهه تان، سندس ڀاڄائيءَ کيس کڻي ڏنو. آخر
نتيجو اهو نڪتو، جو ڀاڄائنس، هن ويچاريءَ کي روئاري ڪڍيو. پوءِ ته کانئس پيڪن جي
سِڪ به لهي ويئي.
اَبو
گَسي، ڌيءَ وَسي:
هندن ۾ رواج آهي ته ڌيءُ کي جهجهو ڏاج ڏين. ڪنهن سيٺئي، ڌيءُ کي ايترو ته ڏاج ڏنو، جو پاڙي وارن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. تنهن تي
ڪنهن پاڙي واري ائين چيو:
مطلب: ۱. اَبي جي کٽي، اَدي کپائي. ۲. ڪمائي هڪڙو ته کائي ٻيو.
اُٺ ڪڍن سسئي!
جڏهن پنهونءَ جا ڀائر، رات جو چوريءَ، سسئي جي پاسي مان
پنهون ڪڍي، ڪيچ روانا ٿيا، تڏهن سسئي ويچاريءَ صبح سان ڪاريءَ وارا ڪک ڏٺا. ڀنڀور
کي باهه ڏيئي، اڪيلي سر، پيرين پيادي، ڏونگر ڏورڻ لڳي. هڪ پنڌ اڻانگو، ٻيو مسافري لنبي، ته به ويچاري پنڌ پٽيندي پئي ويئي. پر
ڪٿي ڀنڀور، ڪٿي ڪيچ! ڪنهن، سسئيءَ جي اهڙي حالت کي ڏسي ائين چيو: مطلب آهي ته: پٿر
۽ پوٺي، رڻ ۽ رائي، جهَر ۽ جهنگ، دَڙي ۽ دَنگ کي پار ڪرڻ لاءِ اُٺ سسئي کي ڪيچ
پهچائي سگهندا. ڇاڪاڻ ته پنهونءَ کي به اُٺ تي کڻي ويا هئا.
مطلب: جڏهن ڪو ڏکيو پنڌ هوندو آهي، يا ڏکيو مسئلو درپيش
ايندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.
اِهو سونُ ئي گهوريو، جو ڪَن ڇني:
اهو ڪم ئي
گهوريو، جنهن مان فائدي بدران نقصان يا خرابي ٿئي.
ايران، نوشيروان کان به اڳ، ڪَنَ جو زيور، ”سونو والو“
هوندو هو. ”روپو“ ۽ ”لوهو والو“ ڪنيز (ٻانهيءَ) جو هوندو هو. پوءِ ”سونن دُرن“ جو
رواج نڪتو ۽ پوءِ نوشيروان جي ڏينهن ۾، ”موتين جي دُرن“ جو رواج پيو. انهيءَ وچ ۾
ترڪستان جي زالن ۾ ”مَرِ واريد“ ۽ ”سونن جهومڪن“ جو رواج پيو. نوشيروان جي حرمَن،
”جهومڪن“ جي گهر ڪئي. تنهن تي نوشيروان فرمايو: ”يا دو گوش بايد، يا دو نيلم.“ يا
ڪن جو خير گهرو، يا (ڳرا) جهومڪ (دو نيلم) پايو. (لغت- ملا همداني
گورگاني) اڄ تائين ايران ۾ جهومڪن جو رواج نه پيو آهي.
نوشيروان جي فرموده جو ترجمو ٿيو: اهو سون ئي گهوريو، جو
ڪَن ڇِني.
ٿانءُ کڻي هڪڙو ۽ ٺِڪر ڀَڄي گهڻن تي:
ڏوهه هڪڙو ڪري ۽ ان جي عوض لوڙهين گهڻا.
چون ٿا ته سسئيءَ جي مزار تي آيل هر مسافر کي ٻه مانيون
۽ وَٽو کير جو ملندو هو. هڪڙي دفعي ڪو آيل مسافر، کير ماني کائڻ بعد، وَٽو پاڻ سان کنيو ويو. انهيءَ کان پوءِ ماني
ته بدستور ايندي رهندي هئي، مگر کير، وٽي جي بدران ٺڪر جي جمني ۾ ملڻ لڳو!
انهيءَ تان ڪنهن سالڪ چيو آهي: ”ٿانءُ کڻي هڪڙو ۽ ٺِڪَر ڀڄي گهڻن تي.“
(ماھوار سرتيون جنوري ۲۰۰۶ع تان کنيل)
No comments:
Post a Comment