Tuesday, August 14, 2018

ٻولي ۽ پهاڪا - علي نواز وفائي


ٻولي ۽ پهاڪا

علي نواز وفائي
اسان جي سنڌي ٻولي ايتري ۽ ايڏي شاهوڪار آهي، جو ان کي دنيا جي ڪنهن به زبان سان ڀيٽي سگهجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ تي ڪافي تعداد ۾ محققانه مقالا ۽ مضمون، بلڪ ڪي ڪتاب لسانيات جي ماهرن ۽ پارکوئن لکيا آهن ۽ لکندا رهن ٿا. مگر افسوس جو اڄ ڏينهن تائين هن وطن جي زبان جي صحيح ۽ صاف، مفصل تاريخ تيار نه ڪئي ويئي آهي.


اسان کي اميد نه بلڪ يقين آهي، ته جيڪي به ادبي ادارن جا هلائيندڙ عالم ۽ فاضل، محقق ۽ ماهر مقرر ٿيل آهن، اهي صاحب ضرور ٻوليءَ جهڙي اهم ۽ نازڪ موضوع متعلق، ڪي تاريخي ڪتاب شايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. جيئن اسان هر محفل ۽ مجلس ۾ پنهنجي ٻوليءَ جي تاريخ متعلق وڏي اعتماد ۽ فخر سان ڳالهائي سگهون.
جيستائين اسان جي ناقص عقل ۽ محدود معلومات جو مشاهدو ۽ مطالعو آهي، ته اسان هن چوڻ کانسواءِ رهي نٿا سگهون ته لسانيات جي لحاظ کان هر نازڪ ۽ نفيس معنيٰ ۽ مفهوم سان اسان جي ٻوليءَ جو دامن مالا مال آهي. هن جي فصاحت، بلاغت ۽ عام فهمي، اکرن جي اڻ کٽ خزاني، سادگي ۽ سلوڻائي جو هتي ڪهڙو ويهي ذڪر ڪجي!
پڙهندڙ کي پنهنجي ٻوليءَ جي سون هزارن پهاڪن، پرولين، ڳجهارتن ۽ ڳڻن، نقلن نظيرن، مثالن ۽ معاملن، اشارن ۽ علامتن، نمونن ۽ نڪتن مان صرف هڪڙو پهاڪو پيش ڪريون ٿا، ڇو ته هي پهاڪو اسان جي سوسائٽيءَ ۾ ائين ويجهي ويو آهي، جيئن منڊيءَ تي ٽڪ. انهن پهاڪن کي سمجهڻ به سياڻن ۽ سگهڙن جو ڪم آهي، ڇو ته اهو به اڻ کٽ فن آهي. انهي فن جا فنڪار به وڏي معلومات جا ماهر، پارکو ۽ نڪته شناس هوندا آهن. هروفن جي وابستگيءَ ۽ واسطو، اتان جي سرزمين جي سونهن ۽ سڀيتا سان تعلق رکي ٿو. سڀ ڪنهن ملڪ جا پنهنجا طور طريقا هوندا آهن. توهان انهن کي تهذيب چئو، تمدن ڪوٺيو يا ثقافت جي سري سان سڏيو. ڳالھ مڙيئي هڪ آهي. ڳجهارت ۽ پهاڪن ۾ اهي نيڪ نصيحتون ۽ نڪتا سمايل هوندا آهن، جن جي سمجهڻ ۽ سوچڻ کانپوءِ، انسانجي حيرت جي حد ئي نٿي رهي. انهيءَ فن ۾ علم ادب، سوچ ۽ سمجھ، هوش، عقل ۽ فڪر جي گهرائيءَ جا ڪيئي بحر بيڪنار موجزن هوندا آهن. جن ۾ دانائيءَ ۽ دانشمنديءَ جي موجن جي اوج جو عروج هوندو آهي.
پهاڪو پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو، ان جي معنيٰ مطلب ۽ شرح تي قلم کان ڪجھ وٺبو.
”سنتن سان سنمک، ۽ پئنجن سان به پورو“
اسان جي روزمره جي زندگي جي هر ڪاروبار ۾ اهڙي قسم جا سوين سائينءَ جا سنواريل سٿيا پيا آهن، جيڪي پنهنجي مقصد ۽ مطلب لاءِ جتي ڪٿي پورا پوندا رهندا آهن. مخالف هجي يا موافق، دشمن هجي يا دوست، پرايو هجي يا پنهنجو، مگر هي سنت ۽ پئنچن وارا همراھ پنهنجي لنئون ۾ لڳاتار لڳل رهندا آهن. هنن جو حياءُ ۽ شرم سان ڪو به وجھ واسطو ۽ لڳ لاڳاپو ڪو نه هوندو آهي، ڇو ته جيڪو سامهون آيو ان جي ساراھ جون سرڪيون ڀريندا رهندا ۽ جيڪو ويو تنهنجي گلا ۽ غيبت. مطلب ته اهڙي قسم جا ڪاريگر پنهنجي ڪم جا اهڙا ته گرگ ۽ گهاگھ هوندا آهن، جو سندن فن کي به انهن جي اڳيان شرمسار ٿيڻو پوندو آهي.

(علي نواز وفائيءَ جي ڪتاب ”رتيءَ جي رهاڻ“ ڇپايل وفائي اڪيڊمي ڪراچي ڇاپو پھريون سال ۱۹۷۸ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment