Showing posts with label پرولي، ڳجهارت، ممتاز سراج عباسي،. Show all posts
Showing posts with label پرولي، ڳجهارت، ممتاز سراج عباسي،. Show all posts

Saturday, August 18, 2018

پرولي ۽ ڳجهارت جو مختصر تحقيقي مطالعو - ممتاز سراج عباسي


پرولي ۽ ڳجهارت جو مختصر تحقيقي مطالعو
ممتاز سراج عباسي


لوڪ ادب جي وصف: لوڪ ادب معنيٰ، عوام جو ادب، لوڪ جو ادب، ملڪ جو ادب، (سنسڪرت ’لوڪ‘= ماڻهو) لوڪ کي انگريزيءَ ۾ فوڪ ((Folk ۽ جرمن زبان ۾ (ووڪ VOLK) چون. سنڌيءَ ۾ لوڪ، انگريزي ۾ ’فوڪ‘ ۽ جرمن زبان ۾ ”ووڪ“ مان اهو اندازو لڳائڻ غلط ٿيندو ته اسان جو سنڌي لفظ ”لوڪ“ به ساڳئي ”فوڪ“ ۽ ”ووڪ“ جي ڪُل سان آهي، اها هڪ اتفاقي مناسبت آهي. لوڪ لفظ گهڻو آڳاٽو آهي. انگريزيءَ جو فوڪ لور (Folk lore) گهڻو پوءِ وليم جان ٿامس سنه ۱۹۴۷ع ۾ متعارف ڪيو.