Wednesday, August 8, 2018

سر سورٺ ۾ محاورا، اصطلاح ۽ چوڻيون - ڊاڪٽر اسد جمال پلي


سر سورٺ ۾ محاورا، اصطلاح ۽ چوڻيون
ڊاڪٽر اسد جمال پلي
حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو ”سر سورٺ“، انھن اھم سرن مان آھي، جن جي تاريخي اھڃاڻن، جاگرافيائي حدن ۽ روحاني رازن تي محققن نسبتا گھٽ توجھ ڏنو آھي. جنھنڪري ھن سر ۾ ڪيترا ئي مسئلا ڪر کنيو بيٺا آھن. انھن مسئلن مان چند اھم مسئلا آھن:
1.   سورٺ ۽ راءِ ڏياچ، ڪاٺياواڙ يا گجرات نه، پر سنڌ جي ڏکڻ-اوڀر علائقي جو داستان آھي.
2.  راءِ ڏياچ ۽ راءِ کنگھار، ٻه جدا شخصيتون آھن.
3.   سر سورٺ جي ٻولي، انھيءَ سر جي جاگرافيائي ھدن جي تپديق ڪري ٿي.
4.  سر سورٺ ۾ ”ڪپار“ کان قيمتي شيءِ ”سورٺ“ جو وجود آھي، جيڪو نه گھرڻ تي راءِ ڏياچ ”ٻيجل“ کي جيءُ (جس) پيو ڏي. ڇاڪاڻ ته سورٺ جو گھرڻ روحاني راز طور ”شرڪ“ آھي ۽ ھيءَ وضاحت ”معراج“ جي واقعي سان منسوب ٿي آھي.
5.   ”سورٺ ۽ راءِ ڏياچ“ جي قصي جھڙا ٻيا به داستان آھن، جن ھن قصي جي بنيادي ڍانچي ۾ مغالطا پيدا ڪيا آھن. خاص ڪري ”سورٺ ۽ راءِ کنگھار“ جي قصي ۾ ته سورٺ خود مري وڃي ٿي. جنھن بعد ”خيما کنيا کنگھار“ جو اصطلاح پيدا ٿيو.
6.   ٻيلي ۽ لس ٻيلي ۾ فرق ڪرڻ ضروري آھي. انھيءَ سان گڏ ٻيلي جا ٻيا جاگرافيائي اھڃاڻ چوٽاڻ (چھٽڻ)، بڊام، ٻني، کريڙ، ھٻو، ھالار، ڪاڇو ۽ گوڙي جي نار (گڙنار) به غور ھيٺ آڻڻ گھرجن.
منھنجو ذاتي خيال آھي ته رسالي جي تاريخ، جاگرافيءَ، گرامر، فلسفي ۽ لغت جھڙن اھم موصوعن تي جيستائين ڪم نه ٿيندو، تيستائين ڪا به شيءِ مڪمل ۽ مستند نه ٿي سگھندي. رسالي جي ھنن مسئلن جي حل لاءِ اسان کي سنڌ ۾ ”سمن ۽ سماٽ“ جي تاريخ، ٻين صوفي بزرگن جي ڪلام، نسب ناما ۽ لوڪ روايتون به اڳيان رکڻيون پونديون.
مٿئين بحث جي روشنيءَ ۾ ھتي ”سورٺ ۽ راءِ ڏياچ“ جي ڪھاڻيءَ جو اختصار پيش ڪجي ٿو:


راءِ ڏياچ، راءِ ويرم جو پُٽ ۽ جکري جو پوٽو ھو. سندس ماءُ جو نالو ”خاتون راڻي“ ھو. سمو سردار ھو ۽ زات جو رونجھو ھو. شاھديءَ طور ھيٺيون سٽون ڏسون:
ڏاڏو جيھو جکرو، ٻيٽو ويرم راءِ،
ھئو گڍ گرنار ۾، خاتون جنھن جي ماءُ. (ڳاھ)
جم موٽائيين مڱڻو، اڀي خاتون راڻي چوءِ. (شاھ عنات)
جھوناڳڙھ جھرندو، رونجھي راءِ ڏياچ جو.
(منشي اڌرام وارو ”سورٺ راءِ ڏياچ“ جو قصو)
اچي چوڪي ڪي چڱن، رونجھي راءِ ڏياچ تي. (مل محمود پلي)
”ڏياچ“ لفظ جو مطلب؛ ڏيا، حشمت وارو، گرامر جي قانون موجب؛
اسم + آچ = صفت.
ڏيا + آچ = ڏياچ
ڌم + آچ = ڌماچ.
وڙھ = آچ = وڙاچ ( وڙائچ)
کم + آچ = کماچ، وغيرھ.
راءِ کنگھار، راءِ ڏياچ کان گھڻو اڳ ٿي گذريو آھي. جنھن سان به ھڪ لوڪ داستان منسوب ٿيل آھي. جنھن جا ٽاڻا، ٽڪاڻا ”سر سورٺ“ ۾ ائين آيا آھن، جيئن ”سر مارئي“ ۾ ”ڍولي نرور ۽ مارل“ جي داستان (ھمير سومري اول جي دور) جا ٽاڻا آيا آھن ۽ ”ھميرن حساب، ڪه ڄاڻان ڪھڙو ٿيو.“ ) نشانبر آھن. مثال:
سوين سما، سومرا، ڪوڙين راءِ کنگھار.
===
سورٺ مئي، سک ٿيو، خيما کنيا کنگھار.
ڀٽ ڌڻيءَ جي رسالي ۾ گجرات يا ڪاٺيا واڙ جي ڪنھن به سورھيه سردار يا سخي ڏاتار جو ذڪر ڪونھي. البته ھنن علائقن جي ”سورٺ ۽ راءِ ڏياچ“ جي داستان سان ھڪجھڙائي رکندڙ ڪھاڻين ۽ داستانن، ھن قصي جي بنيادي اھڃاڻن ۽ ڍانچي ۾ مونجھارا پيدا ڪيا آھن؛ جن ۾ خاص طرح سورٺ ۽ بينجھو، سورٺ ۽ راءِ کنگھار، سورٺ ۽ راءِ دياس، راڻڪ ديوي ۽ راءِ دياس، راڻڪ ديوي ۽ راءِ کنگھار، سڻيھل ۽ بينجھو، وغيرھ خاص آھن.
راءِ ڏياچ ”ٻيلي“ جو سردار ھو. جيڪو علائقو، ننگر پارڪر کان ٽيھارو ميل اوڀر طرف رڻ ڪڇ جو ھڪ ٻيٽ آھي. ننگر پارڪر ۽ ٻيلي جي وچ ۾ ”گوڙي جي نار“ آھي. جنھن کي عرب مؤرخن ”ڪوري نار“ ڪري لکيو آھي. راءِ ڏياچ ھن ”ٻيلي“ جي علائقي جو ھو. جنھن جا اھڃاڻ ھيٺين سٽن ۾ موجود آھن. مثال:
ٻيلي ٻيئي ٻار، مون نيڻين گھڻو نھاريا.
==
سو ”ڍٽين“، ”ڀٽين“ پار، پسو راجا راضي ٿيو.
”ڍٽ“ ۽ ”ڀٽ“ کان پار وارو علائقو ننگر پارڪر ۽ ٻيلي جو علائقو آھي. ٻيلو قديم دور کان وٺي سخين ۽ ڏاتارن جي سرزمين رھيو آھي. جتي ابڙو اگھام، وڪيو ڄام ڏاتار، ڄام انڙ ۽ ڄام سپڙ چوٽاڻيءَ جھڙا سورھيه ۽ سخي ڏاتار پيدا ٿيا آھن. جن مان ڄام سپڙ چوٽاڻيءَ کي ته شاھ صاحب سڏيو ئي ”ٻيلي ڌڻي“ آھي. جيئن:
ماڻڪ موتي مال خزينا، ڏيندئي ٻيلي سائين.
ھنن سخين سردارن وٽ ھميشه چارڻ، ڀٽ ۽ ڀان رھندا ھئا. جيڪي سردارن جي سخاوت ۽ بھادريءَ جو ڪوتايون ۽ ڪٿائون چوندا ھئا ۽ اڳين سردارن جا حوالا ڏئي موجودھ سردارن جا ڳڻ ڳائيندا ھئا.
لاکا لک سُجھن، پر ڦلاڻيءَ ڦير پيو.
==
ٻيا در وسريام، ڏٺي جادم جکري.
==
سري ڏي سردار ته جُڳان جُڳ جيئرو رھين.
راءِ ڏياچ جي پيءُ راءِ ويرم، ”جوڻا گڍ“ جو قلعو تعمير ڪرايو ھو. انھن اھڃاڻن سبب ”جھونا ڳڙھ“ سمجھي، گرنار کي ”گوڙي نار“ يا ”گڙنار“ تي سبقت ڏئي، گرنار جي حاڪم راجا مھي پال پُٽ راءِ ڪوات پٽ راءِ گرھرپي کي راءِ ڏياچ ڪوٺي، سنڌ ڌرتيءَ جي ھن صفا پنھنجي داستان کي ڪاٺياواڙ ڏانھن ڌڪيو ويو آھي.
انيراءِ ”اونچل ڪوٽ“ جو رھاڪو ھو. جنھن جا آثار موجودھ صالح ڀنڀري اسٽيشن (تعلقي ساماري) جي ڀرسان موجود آھن. راجا انيراءِ جي راءِ ڏياچ سان سورٺ جي شاديءَ سبب اڻبڻت ھئي. بعد ۾ ھن ”تپي بلغاءَ“، ديھ ”ڏگڪيءَ“ پنھنجو شھر ٻڌو، جتي ھن جي ملاقات مشھور سندي نواز ”ٻيجل“ سان ٿي. جنھن کي تيار ڪري ”انيراءِ“، ”جوڻا گڍ“ ۾ راءِ ڏياچ ڏانھن موڪليو. جنھن اچي ڪماچ (کماچ) وڄايو ۽ راءِ ڏياچ جو سر گھريو.
راءِ ڏياچ راڳ جو ڪوڏيو ھو ۽ راڳ سان عشق ۽ ڀانن جو سوال ٻڌڻ سخي سردارن جي خاص صفت ھئي. ھن صفت ”وھاڳ“ جو وجود آندو. ”وھاڳ“ جو مطلب آھي ”وھاڻيءَ رات جو وڏي اسر جو راڳ“ ڪرڻ سخي سردارن جي در تي مطالبو يا گُھر رکڻ.
مڱ وھاڻيءَ مڱڻا، ھير مٿو موجود.
”وھاڳ“ جا ٻه مرحلا آھن: (۱) وھاڳ ڪرڻ ۽ (۲) وھاڳ ملڻ. مڱڻا اسر مھل اچي سخي سردارن جي در تي راڳ ڪندا ھئا. ان کي ”وھاڳ ڪرڻ“ چئبو ھو ۽ وري گھر ڌڃاڻي، مڱڻي کي کير جو پيالو موڪليندي ھئي ان کي ”وھاڳ ملڻ“ چئبو ھو. جنھن بعد مڱڻي جو سوال پُڇي پورو ڪبو ھو. وھاڳ ملڻ بعد سردار، مڱڻي وٽ ”ٻول ۾ ٻڌل“ ھوندو ھو ته سندس سوال پورو ڪري. جيئن:
”ٻيجل توسين ٻول، وھاڻيءَ وڍڻ جا.“
جيڪڏھن سوال پورو نه ٿيو ته مڱڻو ھنڌين ماڳين ”ڪيرت“ ۾ سردار جي ”ڪوار“ (گلا- عيب) ڪڍندو ھو. جيئن:
مڇڻ موٽي ڪا ڪرين، گلا جي گفتار.
ھن سر جي جاگرافي، جيڪا ھن مضمون ۾ بيان ڪئي وئي آھي، انھيءَ جي پٺڀرائي ھن سر جي ٻوليءَ مان به ٿئي ٿي، جنھن ۾ ڍٽ، پٽ، پارڪر ۽ ٻيلي جا خاص لفظ استعمال ٿيل آھن ۽ اھو ھتان جو ئي لھجو آھي. مثال: ٻنگي، اڳاھون (پري پنڌ)، ڪھان، ٻرايو، ڪيرتيو، سورٺيو، ٻيجي، تُمھاري، مڱج، ڪاٽئا، رم گيو، ٻاين، کينڪار، ھيڪ، نِرتي (آڱرين سان تڪي توري) ۽ وھلو وعيرھ.
ساڳيءَ طرح ھن سر ۾ صرف ۽ نحو جون بناوتون به مخصوص لھجي جون نمائندھ آھن ۽ اھي قانون ٻين لھجن ۾ استعمال ڪو نه ٿا ٿين. ھيءُ سر تجنيس، صنعتن، محاورن، پھاڪن، اصطلاحن ۽ چوڻين سان پڻ ٽمٽار آھي. ھتي ”سر سورٺ“ ۾ ڪم آيل محاورا، اصطلاح ۽ چوڻيون خاص طرح بيان ڪجن ٿيون.

محاورا
”سر سورٺ“ کي پنھنجي مخصوص راڳڻي ”سورٺ“ آھي. جنھن جي شڪل ھندستاني راڳ ”ديس“ جھڙي آھي. ھن سر جي ھر سٽ ۾ محاورا موتين جيئن ڀريل آھن. جيڪي سر جي ٻوليءَ کي سھڻي ۽ رسيلي بنائڻ سان گڏ مواد جي لحاظ کان ان کي مالامال ڪن ٿا. محاورن جا ڪجھ مثال ھيٺ ڏجن ٿا:
1.   الله جي آس ڪرڻ
2.  صدائون ھڻڻ
3.   مال مڱڻ
4.  ساعت نه سھڻ
5.   پير ڀرڻ
6.   دان ڏيارڻ
7.   طمع ترڪ ڪرڻ
8.   دانھون سڻڻ
9.   سوال اونائڻ
10.                 ڀلا ڀال ڪرڻ
11.                 امن ڏيڻ
12.                 سين ھڻڻ
13.                 ٻن وجھڻ/ ٻن ڏيڻ
14.                 پالھو پاند ڀرڻ
15.                 قدمن تان قربان ٿيڻ
16.                 لک گھورڻ
17.                 ڏيٺي ٿيڻ
18.                 موچاري ڏيٺي ٿيڻ
19.                 ماڻڪ مينھن وسڻ
20.                 چنگ جو ٻنگ لھڻ
21.                 وڏاڻ وڄائڻ
22.                 مامري پوڻ
23.                 وائي ورنائڻ
24.                 ٿوڪ پرائڻ
25.                 قھر ڪرڻ
26.                 الله جي نالي ڏيڻ
27.                 ڪپار ڪم اچڻ
28.                 ويھ ڀيرا وڍي ڏيڻ
29.                 سند ٿيڻ
30.                 پلئه پائڻ
31.                 اڳاھون اچڻ
32.                 جيءُ ھجڻ
33.                 سر تي سَٺو ڪرڻ
34.                 ڏنگھو ڏيڻ
35.                 مٿو گھورڻ
36.                 مام پروڙڻ
37.                 امن امان ڏيڻ
38.                 ڳاھ ڳالھائڻ
39.                 ڏات مڱڻ
40.                 ڏھاڙي ڏيڻ
41.                 لڄ مرڻ
42.                 ملڪ مڙئي گھورڻ
43.                 ڏيا ڏيکارڻ

اصطلاح
رسالي جا اھي سڀ سر، جن کي پنھنجو راڳ يا راڳڻي آھي، تن ۾ سرن جي ٻولي ۽ ٻوليءَ جا گھاڙيٽا نه صرف اعليٰ مقام رکن ٿا، بلڪ محاورن، پھاڪن ۽ اصطلاحن جي زيورن سان آراسته آھن. ساڳي حقيقت ”سر سورٺ“ سان به لاڳو آھي. محاورن کان سواءِ ھن چئن داستانن واري سُر ۾ اصطلاحن جو به وڏو تعداد سمايل آھي. اصطلاح، در اصل ٻه معنائون رکندو آھي: ھڪ لفظي ۽ ٻي اصطلاحي معنيٰ يا مقصد ۽ مُراد واري معنيٰ. ھتي ”سر سورٺ“ مان ڪجھ اصطلاح ۽ انھن جي اصطلاحي معنيٰ ڏجي ٿي.
1.   لائق لھڻ = طلب پوري ٿيڻ.
2.  گھور ھڻي گھرڻ = مؤثر طريقي سان گھرڻ.
3.   پير ڀرڻ = ھلي وڃڻ.
4.  جھوناڳڙھ جھرڻ = موت (قيامت) اچڻ.
5.   ٻنگ لھڻ = گرفت ۾ آڻڻ.
6.   ڏيھ کي ڏيکارڻ = سرخرو ٿيڻ.
7.   سر سڳنڌو ھجڻ = قبول پوڻ.
8.   ڳاھ ڳالھائڻ = رازداريءَ سان چوڻ.
9.   نر تي تند ٻرائڻ = آڱرين جي حرڪت (Rhythm) سان تورڻ تڪڻ.

چوڻيون
چوڻيون، قول، مثال ۽ پھاڪا، در اصل ڳالھ جو گس يا رخ ڏسيندا آھن. لفظ ”پھاڪو“ ته نڪتو ئي ”پھي“ مان آھي. جنھن جي معنيٰ آھي ”رستو“ يا ”پيچرو“. تمام مختصر لفظن ۾ ڳالھ جو رخ، چوڻيءَ يا پھاڪي ذريعي ٻڌائي ڇڏبو آھي. ڪڏھن ڪڏھن ڪلاڪن جي تقرير ھڪ چوڻيءَ ۾ چئي سگھبي آھي.
سر سورٺ ۾ ڪي اھڙيون سھڻيون چوڻيون موجود آھن، جيڪي عام طرح استعمال اچڻ ڪري تمام مقبول آھن. ھتي انھن مان ڪجھ چوڻيون مثال طور پيش ڪجن ٿيون:
1.   جھوناڳڙھ جھندو، پوندي جھانءِ جھروڪ ۾.
2.  سر جون صدائون ھڻڻ
3.   ماڻڪن جو مينھن وسڻ
4.  مير مارڻ
5.   راجا راڳائي، ھردوئي ھيڪ ٿيا.
6.   جھڙو ڀلو ڀان، تھڙا ڏان ڏياچ جا.
7.   ٻيجل توسين ٻول، وھاڻي وڍڻ جا.
8.   ڏيڻ گھڻو ڏھلو.
9.   اجل اڀو آھي، پٺيءَ تو پلاڻيو.
10.                 ڪلھنئون ڪوريان، ڪ جاجڪ جسي سين ڏيان.
11.                 ڪھيو سو قبول پيو.
12.                 تند، ڪٽارو، ڪنڌ، ٽيئي پرتا پاڻ ۾.
13.                 ايءُ ”شڪر الحمد لله“، جو مٿو گھريوءِ مڱڻا.
14.                 گل ڇنو گرنار جو.
15.                 ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رمگيو.
16.                 ڏاتار ۽ منڱڻي، ڪو نه وسيلو وچ.
17.                 ھڪ ٻيجل ٿي ٻجھي، ٻي خبر ھئي کنگھار کي.

سر سورٺ ۾ محاورن، اصطلاحن ۽ چوڻين جي ھن مختصر جائزي ۽ سر جي تاريخي ۽ جاگرافيائي اھڃاڻ جي نشاندھيءَ بعد آ ڪجھ لفظن جون معنائون ڏيان ٿو. جيڪي لفظ مختلف لغتن ۾ توڙي مستند متن ۾ پنھنجي اصل علائقائي معنيٰ سان ڪم نه آيا آھن.
اڳاھون = پنڌ پري.
ٻوليو = ٻول ڪيو، وچن ڪيو، وعدو ڪيو، سؤدو ڪيو.
ڏنگھو = ٿاٻو، جواب، ڪجھ نه ملڻ.
نرتي = نرت، نرتڪي، نچڻ- ناچڻي ھتي معنيٰ آڱرين جو ردم (Rhythm).
ٻنگ = سندرو.

مددي ڪتاب
1.   شاھ جو رسالو - شاھ جو ڪلام (جلد پنجون): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
2.  شاھ جو رسالو - شاھ جو ڪلام (جلد اٺون ۽ نائون): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
3.   ست سورھيه ڏھ ڏاتار؛ معمور يوسفاڻي.
4.  سورٺ راءِ ڏياچ (لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
5.   شاھ جو رسالو: غلام محمد شاھواڻي.

(سر سورٺ- سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتو ڪراچيءَ ۾ شايع ٿيل)
(ڊاڪٽر اسد جمال پلي جي ڪتاب؛ ھيءَ جڙ اسانھين (سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ لطيفيات تي تحقيقي مقالا) مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ڇاپو پھريون اپريل ۲۰۰۸ع جي ص ۱۷۳ کان ص ۱۸۰ تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment