Sunday, October 1, 2017

گهوڙو گاهه سان ياري رکندو ته بُک مرندو- مٺل جسڪاڻي

گهوڙو گاهه سان ياري رکندو ته بُک مرندو
انتهائي غلط چوڻي
مٺل جسڪاڻي
مون به اوهان وانگر هڪ چوڻي ٻُڌي. اوهان وانگر درست تسليم ڪري، وري وري پئي ورجائي آهي. پر اڄ صبح کان آئون سوچي سوچي، ويچاري ويچاري، ٿڪي پيو آهيان. ڦري سري ساڳئي نتيجي تي پيو پهچان!؟... آئون سمجهان پيو ته؛ ”گهوڙو گاهه سان ياري رکندو ته بُک مرندو.“ انتهائي غلط چوڻي آهي. ڇاڪاڻ ته... گهوڙي ۽ گاهه جي ياري کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾، جيتوڻيڪ گهوڙي ۽ مون ۾ تمام گهڻو فرق آهي، پر پوءِ به مون پهرين مون متعلق سوچيو. ڳالهه سمجهڻ ۾ سولائي نه ٿي، ته ننڍي هوندي وارا شوق ياد ڪري ڪڪڙ پالڻ، ٻڪري يا رڍ ڌارڻ کان ويندي، جڏهن آئون ننڍو هئس، ته اسان وٽ هڪ مينهن هوندي هئي، هاڻ ماشاءَالله ڪڏهن ڪڏهن ته درجن کان به وڌيڪ مينهون پنهنجون، هڪ ڍڳي ۽ ڪجهه ٻڪريون به پنهنجون، انهن جي پيٽ قوت ۾ سولائي لاءِ ڪڏهن نر ته ڪڏهن مادي، پر هڪ گڏهه بہ پنهنجو، پنهنجي رهندي پئي اچي.

Thursday, August 24, 2017

جڏھن حسن پئي ورھايو، تڏھن ڪاٿي ھئين؟ - عبدالڪريم ھاليپوٽو

جڏھن حسن پئي ورھايو، تڏھن ڪاٿي ھئين؟
عبدالڪريم ھاليپوٽو
راجا رنجيت سنگھ، جيڪو شڪل جو ڪوجھو ھيو. ھڪ اک کان ڪاڻو به ھيو. سندس دربار ۾ هڪ ڪنيز محو رقص هئي۔
رقص جو فن پيش ڪرڻ پڄاڻان، نرتڪيءَ راجا کان دان وٺندي هڪ سوال ڪرڻ جي اجازت گهري۔ جنھن جي راجا کيس اجازت ڏني.

Tuesday, August 22, 2017

اها ڪڪڙ ئي مري وئي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

اها ڪڪڙ ئي مري وئي، جيڪا سونا آنا ڏيندي هئي. (چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
هڪڙي ھمراھ هڪڙي ڪڪڙ پالي هئي. اتفاق سان اھا جيڪو ڏيهاڙي آنو لاهيندي هئي، سو سونو ھوندو ھيو.
هڪ ڏينهن ڪڪڙ جي مالڪ جي من ۾ لالچ جاڳي پئي. دل ۾ چوڻ لڳو؛ ”زندگيءَ تي ڀروسو ڪونھي. ڇو نه ڪڪڙ کي ڪهي، سندس پيٽ مان سمورا سونا آنا، هڪ ئي دفعي سان ڪڍي وٺان. اھي کپائي، ڪا جاگير خريد ڪيان، جيڪا اکين آڏو به ھجي، ھٿن ۾ به ھجي ته جنھن وقت مرضي پوي تنھن وقت منجھانئس فائدا وٺان.

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون - مٺل جسڪاڻي

اڀياسي تبصرو
مٺل جسڪاڻي
”ٿري پھاڪا ۽ چوڻيون“، انجنيئر عبدالوھاب سھتو جو ڪتاب، صرف اھو سمجھي نه پڙھڻ ته ٿري نه ايندي آھي، پھاڪا ۽ چوڻيون سمجھہ ۾ نه اينديون! اھڙي پاڻ مُرادي، تڪڙي، اُٻهري (خود ساخته) راءِ قائم ڪرڻ کان ٿورو اڳتي، مثبت سوچي، جيڪو به ھي ڪتاب اٿلائي پٿلائي ڏسندو، اھو جيڪڏھن ڪجھه ڄاڻڻ، سمجھڻ، سکڻ جو خواھشمند ھوندو، ته ضرور ڪتاب خريد ڪري پڙھندو. جيڪو به پڙھندو، اھو ئي پروڙيندو، پرائيندو. مون هي ڪتاب پڙھيو آھي، تمام سولي سنڌي الف ب ۾ لکيل، سنڌي لپي ۾ ڇپيل، ھر ھڪ ٿري پھاڪي خواھه چوڻي کي، سولي سنڌي ٻوليءَ ۾، ڏکين لفظن جي معنيٰ سان گڏ، نه صرف سمجھاڻي، تشريح لکي وئي آھي، پر پھاڪي جو مطلب پھاڪي ۾، يا پھاڪي جي انداز ۾ به لکيو ويو آھي.

Thursday, August 17, 2017

پر-متڙيو- مٺل جسڪاڻي

پر-متڙيو
مٺل جسڪاڻي
پرائي مت تي عمل ڪرڻ واري کي پر-متڙيو سڏيو ويندو آھي.
ھر ذي فھم انسان کي، پنھنجي حالتن جو تفصيلي جائزو وٺي ۽ حقيقتون ڄاڻي، پنھنجو عقل استعمال ڪرڻ گھرجي. صلاح جي ضرورت ھجي، ته ڪنھن ھڪ کان نه، ھر ڪنھن کان به نه، فقط اعتبار جھڙن ۽ سڄڻن سان صلاح ڪرڻ گھرجي.

Saturday, August 5, 2017

نينگر به ننڍي، جمعا به گھڻا.

نينگر به ننڍي، جمعا به گھڻا. (پھاڪو)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ھڪڙي نينگريءَ جو رشتو، جمعي نالي ھمراھ سان طئي ٿيو ھيو. وقت گذرندي گھوٽيتا، زبان تان ڦري ويا.
ھونئن ته نياڻيءَ رشتو ڪرڻ ۾ دير وجھڻ سان، يا رشتو ٿيڻ بعد، ڪنھن اڻبڻت سبب ٽٽڻ سان، نياڻي سڄي عمر ويھجي ويندي آھي. پوءِ سندس شادي به نه ٿيندي آھي. زندگي به اھنجن ۽ ڏکن واري ٿي ويندي اٿس. ڇو جو نياڻيءَ جي ماني، بادشاھن جي گھر ۾ به ناھي.

Sunday, July 30, 2017

جديد ڊڪشنري - هالار اترادي

جديد ڊڪشنري
هالار اترادي


۱: وڪيل: حرام حلال جي ڪاتي.
۲: صوبيدار: مرڻو به کائي، پرڻو به کائي.
۳: ملان: آڻ پرائي، ته ڏسئون کائي.
۴: حاجي: انٽرنيشنل واپاري.
۵: واپاري: يا! ملاوٽ تيرا آسرا.
۶: انگريزي اسڪول: ٽيوشن سينٽر.
۷: ٻهراڙيءَ جو پرائمري ماستر: وڏيري جو منشي.
۸: انگريزي ماستر: ڪاپي ۽ ٽيوشن جو چيمپيئن.
۹: ڪاليج: کڙتالي سياست گهر.
۱۰: ليڪچرار: جيڪو پهرين تاريخ تي ڊيوٽي تي اچي.

Thursday, July 27, 2017

وٽ تي رسو ڀڃڻ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

وٽ تي رسو ڀڃڻ (اصطلاح)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو





رسو، اڪثر ڪري، سڻيءَ منجھان وٽي ٺاھبو آھي. ڊيگھ ۾ تمام وڏو ھوندو آھي. جنھن ڪري ان کي ويڙھي، ويٽي جي صورت ۾ رکبو آھي. حسب ضرورت اتان، ٽڪرا ڪپي استعمال ھيٺ آڻبا آھن.

Saturday, July 22, 2017

شاطرن سان شرط نه رکجي

شاطرن سان شرط نه رکجي. (چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
آڳاٽي زماني جي ھڪڙي بادشاھ اعلان ڪيو، جيڪو ماڻھو ڪا نئين راند ايجاد ڪندو، جنھن سان مون بادشاھ کي وندرائيندو، تنھن کي دل گھريو انعام ڏنو ويندو.
هڪڙي عقلمند درٻاريءَ، بادشاهه جي حضور ۾، شطرنج راند پيش ڪئي، جنھن جا مھرا عاج مان جڙيل ھيا. بادشاھ کيس ان راند کيڏڻ لاءِ، طريقيڪار پڇيو. ان کلاڙي درٻاريءَ، شطرنج راند جا چوھٺ خانا، ھڪڙا اڇا ٻيا ڪارا، بادشاھ کي سمجھايا. ان بعد سورھن مھرا ھڪ کلاڙيءَ جا ۽ سورھن مھرا ٻئي کلاڙيءَ جا، نالن سميت کيس ٻڌايا. انھن جون چالون به کيس، ان زبان ۾ سمجھايون، جنھن ۾ بادشاھ سمجھندا آھن. ڳالھين ئي ڳالھين ۾ ھڪ ٻه راند بادشاھ سان کيڏيائين پڻ. بادشاھ، راند ۾ ايترو محو ٿي ويو جو کيس وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيو.

Friday, July 21, 2017

پنھنجو حق ڇڏڻ لاءِ، ڪير به تيار ناھي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

پنھنجو حق ڇڏڻ لاءِ، ڪير به تيار ناھي. (چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ھڪڙي فقير، هڪڙي گهر جي سامهون بيھي، ڏھين روپئي جي صدا ھنئي.
”فقير!...“ گهر جي نئين نويلي ڪنوار، در جي چخ مٿي ڪري چيس؛ ”بابا معاف ڪر..!“
فقير، اھو ٻڌي ٻئي در تي سين ھڻڻ لاءِ اڳتي وڌيو. پويان ڪنوار جي سس، پنھنجي ڪمري مان نڪتي. تنھن جي ڪنن تي، ننھن جو آواز پيو ته يڪدم فقير کي سڏ ڪيائين.

هاٿيءَ وارا ڏند- مير اعظم علي ٽالپر

هاٿيءَ وارا ڏند
مير اعظم علي ٽالپر
دنيا جي ٻين ملڪن جي خبر نه آهي، پر اسان ۽ اسان جي معاشري ۾ ڪي ڳالهيون اسان جي سماج جو حصو بڻجي ويون آهن، جيئن ’ڏند‘- ڏندن جي ڪري هيڏو سارو ’هاٿي‘ بدنام آهي، انهي هاٿي جي قد بت سبب ڪيترن ئي ’انسانن‘ کي جيڪي حقيقت ۾ ’انسان‘ ۽ ’انسانيت‘ وارا هوندا آهن يا نه پر ماڻهو ۽ ماڻهوءَ جي شڪل وارا ضرور هوندا آهن، ان لاءِ به اهو چيو ويندو آهي. ڏسو ته سهي ”مڙس هاٿي لڳو پيو آهي.“ هاڻي اها خبر نه آهي ته هاٿي پنهنجن ٻن ڏندن سبب پهرين ڪيئن ۽ ڪٿي بدنام ٿيو ۽ ان مٿان اهو بدنامي جو ڪنڀار وارو ’ٺڪر‘ ڪنهن ڀڳو؟ حالانڪه ڏندن لاءِ جيجي زرينه بلوچ ڳايو آهي ته، ”ڏند ته موتي هيرا لال جواهر“ پر اهي ڪي ٻيا ڏند هوندا. اهڙي ريت بيمار ۽ اگهو ’شينهن‘ ڀلي ڪجهه به ڪري سگهي، فقط جهنگ ۾ سُتي، سُتي گجگوڙ ڪندو ته به ستن ڪوهن تي سندس اها گجگوڙ ٻڌي چئبو ته هائو ٻيلي جهنگ ۾ اڃا به ’شير‘ عرف شينهن موجود آهي. ان وانگر ويچارو اُٺ هلڻ ۾ هلاڪ جُهور هوندي به اهو چئبو آهي ته پُوڙهو اٺ وري ٻه ڪنواٺ لهي. بهرحال هر ڳالهه، هر ڪم ۽ هر فيصلي ۾ هاٿي وارا ’ڏند‘ ضرور ڪم اچن ٿا، جيڪي ’اصل‘ ۽ ’نقل‘ سان گڏوگڏ رک رکڻائي به ڪن ٿا. ان وانگر سُتل شير ۽ شينهن جي ٺلهي رڙ به ڊيڄارڻ جو ڪم ڏئي ٿي ۽ اٺ رڙي يا نه رڙي پوءِ به سائين منهنجا ’ريگستان جو جهاز‘ آهي.

Sunday, July 16, 2017

حساب برابر ٿيو


حساب برابر ٿيو
هڪ بادشاهي محفل ۾ ڪنهن ڳائڻي ڳائڻ شروع ڪيو.
بادشاهه خوش ٿي هزار روپين جي انعام جو اعلان ڪيو.
وري ڳائڻي دل سان ڳائڻ شروع ڪيو.
بادشاهه، ان تي وري هيرن جواهرن جي پيٽي ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
ڳائڻي اڃا ويهن آڱرين جو زور لڳائي ڳايو.

Tuesday, July 11, 2017

غيرن کي پيرين پئبو ئي پيرن ڪڍڻ لاءِ آ.

غيرن کي پيرين پئبو ئي پيرن ڪڍڻ لاءِ آ. (چوڻي)
ھڪڙي ڀت، سرن، گاري ۽ گچ سان ڏاڍي مضبوط اڏيل ھئي. رازي به دل سان ٺاھيو ھيس. شاھل ۾ پڻ ٽُڪ سڌي ھئي. ان سڌائيءَ جي ڪري قداور ۽ شاندار پئي لڳي.
ڀر وارو رستو ٿورو ھيٺ ڀرو ھيو. ھڪ ڏينھن برساتي پاڻي، ڍوري ڪري، اچي ڀت جي پاڙ ۾ بيٺو. ڀت جي پاڙ کي آلاڻ محسوس ٿي ته کانئس پڇيائين؛ ”ھي ڇا ٿو ڪرين؟

Saturday, July 8, 2017

اردو ادب ۾ ڪتا-شناسيءَ جي روايت - حسنين جمال/ انجنيئر عبدالوھاب سھتو

اردو ادب ۾ ڪتا-شناسيءَ جي روايت
حسنين جمال
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
۱
اسان جو عام ماڻھو، جيترو ڪتي-شناسيءَ جي معاملي ۾ جڏو ثابت ٿيو آھي ۽ ڪتي يا ڪتي جي ذات پرکڻ ۾ جيترو وقت وڃائي ٿو، ان کان مايوس ٿي مون اردو ادب منجھ ڪتا-شناسيءَ جي روايت تي تحقيق لاءِ، اونداھي کوھ اندر ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو ڄڻ ڏول لاٿو آھي. بس ارادو ڪرڻ جي دير ھئي، اردوءَ جي اعلى ادب منجھان ڪتن جي باري ۾ حوالا ۽ اقتباس ائين ڊوڙندا سامھون اچي بيٺا جو مون کان بي ساخته نڪري ويو؛
المدد شوق کہ بس آ پہنچے
سامنے کوچہ رسوائی ہے
اٺاويھين سيپٽمبر، سڄي دنيا ۾ ڪتا-مار مھم جي طور عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آھي. رات جو يارن دوستن سان ڪچھري ھلي پئي ته اسان جي ھڪڙي مھربان دوست تمام گھڻا شعر، ڪتن جي صفت بابت ٻڌايا ۽ محفل ڄڻ لٽي ويو. انھيءَ عالم ۾ ڏنل ٽٻيءَ  منجھان اڃا نڪتو نه ھيس جو مون کي دل ۾ آيو ته ھاڻي ان امر جو به جائزو ورتو وڃي ته اردو ادب ۾ ڪتا-شناسيءَ جا امڪان ڪيتري حد تائين آھن. ائين ته سڄي دنيا جي ادب منجھ ڪتن تي تمام گھڻو ادب تخليق ڪيو ويو آھي. ليڪن اردوءَ جي چند مکڙين تي قناعت ڪرڻ جو مقصد، اسان جي ڪالم جي ننڍي جھولي ھئڻ سبب سمجھندا. ٻيو ته ٿورو لکيو، گھڻو سمجھندا.

Thursday, July 6, 2017

چڱائي به اصيل سان ڪجي.

چڱائي به اصيل سان ڪجي.


هڪ ڏينهن ھڪڙو باز، زخمي حالت ۾، جھنگ ۾ تڙپيو پئي. کيس هڪ هرڻيءَ زخمي حالت ۾ تڙپندي ڏٺو ته کڻي اچي هڪ وڻ پويان شڪارين کان لڪايائينس. سندس ٽھل ٽڪور ۽ چيٺ ڪيائين ته اڏامڻ جھڙو ٿي پيو. اڏامندي، هرڻيءَ کان پڇيائين؛ ”ٻڌاءِ! مان تنهنجو اهو احسان ڪيئن لاھي سگھندس؟!“
”منھنجو اھو احسان ائين لاھي سگھندين،“ هرڻيءَ چيس؛ ”مصيبت پئي جي، مدد ڪر!“
هڪ ڏينهن باز اڏامندي هڪ ڪئي کي ٿڌي پاڻيءَ واري جهاڙيءَ اندر ڦاٿل ڏٺو. کيس مصيبت پيو سمجھي، اتان ڪڍيائين.

Sunday, July 2, 2017

پهاڪن جي پيڙهه اکوڙڻ بابت چند رايا - ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

پهاڪن جي پيڙهه اکوڙڻ بابت چند رايا

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

اوهان ڪيترا پهاڪا ٻڌا هوندا ۽ انهن جو مطلب به سمجهندا هوندا. جن پهاڪن جو ذڪر هن مضمون ۾ ڪرڻو آهي سي تمام ناميارا ۽ گڏوگڏ بدنام آهن. معنيٰ به سولي اٿن پر هنن جي سچائيءَ ۾ مون کي شڪ پئجي ويو آهي. اُن جو هڪڙو سبب پهاڪن جي جهونائي به آهي. ڪٿي ڪٿي ته ڪم ئي نٿا اچن. هن هيٺ اهڙن غلط پهاڪن مان سورهن پهاڪا چونڊي انهن جو بنياد پٽڻ لاءِ ڪجهه عرض ڪريان ٿو.

Tuesday, June 27, 2017

اها ئي زبان کٽ تي ويهاري، اھا ئي زبان پَٽ تي ويھاري

اها ئي زبان کٽ تي ويهاري، اھا ئي زبان پَٽ تي ويھاري

حضرت بهلول رح پنهنجي دور جو مشهور داناءُ ۽ الله-لوڪ-ماڻهو هيو.
هڪ ڏينهن صحرا اندر، پنهنجي مستيءَ ۽ موج ۾ ويٺو ھيو جو سندس شهر جو هڪ تاجر اتان اچي گذريو. تاجر جي دل ۾ بهلول لاءِ وڏي عزت هئي. گهوڙي تان ويٺي ويٺي، کانئس مشورو وٺڻ لاءِ پڇيائين؛ ”اي داناءَ! مان تجارت جي لاءِ وڃان پيو. مشورو ڏي ته ھن دفعي ڇا جو واپار ڪريان، جنهن مان مون کي گھڻو منافعو ملي.“
”ھن دفعي،“ بهلول، کيس مشورو ڏيندي چيو؛ ”ڪاري ڪپڙي جو واپار ڪر..“

Friday, May 26, 2017

ٽڪي جا ماڻهو - فاروق جلباڻي

ٽڪي جا ماڻهو
اصطلاح جو پسمنظر  ۽ ڪارج
فاروق جلباڻي/لاڙڪاڻو
پاڪستان ٺھڻ کان اڳ، گڏيل هندوستان يا پوءِ بنگلاديش جي ٺھڻ تائين، سرڪاري ڪرنسيءَ ۾ ٽڪو به رائج هوندو هو. جيئن پئسو يا آنو وغيره به هو. ٽڪي جو ملھ، پئسي کان وڌيڪ هوندو هو پر آني کان گهٽ ھوندو ھيو. اڄڪلھ بنگال جو بنيادي سڪو يا ايڪو ٽَڪا آھي، جيئن پاڪستان ۾ روپيه آھي.

Monday, May 15, 2017

جنھن گھوڙي نه پڄائي، زائفان نه وندرائي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

جنھن گھوڙي نه پڄائي، زائفان نه وندرائي،
تنھن جي عمر ئي اجائي. (سارو سنگھار، ٿر، چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو


رڻ ڪڇ جي پاسي، سارو سنگھار نالي، ھڪڙو داناءُ ٿي گذريو آھي. سندس ٻول، وتايي فقير وانگر، ڏاڍا سِڌائتا ۽ ھنڌائتا ھوندا ھيا. حقيقت جي ويجھو، بامعنيٰ ۽ تز ھئڻ سبب، عام ماڻھن جي دلين تي، اڻ مِٽ اثر يا نقش اڪيري ويندا ھيا. ھيءُ به سندس ھڪڙو قول يا ٻول آھي، جيڪو اڄ جي زماني ۾ ڪھاوت/ چوڻيءَ يا پھاڪي واري حيثيت حاصل ڪري ويو آھي.

Saturday, May 6, 2017

ڄٽ چاءِ مري، يا کاءِ مري - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڄٽ چاءِ مري، يا کاءِ مري
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
چاءِ؛ چائڻ (مصدر) کڻڻ، برداشت ڪرڻ، حمالگيري، پٺيءَ تي وزن رکڻ.
کاءِ؛ کائڻ (مصدر) پيٽ ڀرڻ، پيٽ تي وزن رکڻ.
گھڻو کائڻ ۽ اجايو وزن کڻڻ کان پاسو ڪجي. ڇو جو گھڻو کاڌل کاڌو، نيٺ جسم کي ئي ھضم ڪرڻو آھي. جسم، پھرين ان کاڌي کي ڳاريندو آھي، ان بعد ان کي ھضم ڪندو آھي. ھڪ دفعو، واڌو کاڌل کاڌي کي ھضم ڪندو، ٻه دفعا ڪندو، ٽي دفعا ڪندو. نيٺ ٿڪجي، پاڻ ڳرڻ شروع ڪندو. ان سان نيٺ ماڻھوءَ کي حياتيءَ تان ھٿ ڌوئڻو پوندو.
تنھنڪري وڏڙن جو چيل آھي؛ ”ھٺ سھائيندو کائجي، لوڪ سھائيندو پائجي.“

وتايو فقير بمقابله ڀتايو فقير- عزيز سولنگي

وتايو فقير بمقابله ڀتايو فقير
عزيز سولنگي

ڊان ليڪس جي جاچ رپورٽ کانپوءِ وزير اعظم طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي ماڻهو اهو ئي تز تبصرو ڪري سگهي ٿو ته، ”ڪيڏانهن منهن مريم جو، ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار“. ان نوٽيفڪيشن ۾ رڳو ٽنڊو الهيار ئي ٽنڊو الهيار آهي. پر جيڪا ڏاهپ ٽنڊي الهيار جي سڃاڻپ آهي، ان جو ذرو به ان ۾ ذڪر ڪونهي.

Thursday, April 13, 2017

ڪيئن ريجهايان تو کي، ڪيئن پرچايان؟ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

ڪيئن ريجهايان تو کي، ڪيئن پرچايان؟
ڊاڪٽر در  محمد پٺاڻ
چوڻيون، اصطلاح ۽ پهاڪا قومن جي تاريخ کانسواءِ، سندن نظرياتي بيهڪ ۽ رخن تي به روشني وجهندا آهن. چوندا آهيون ته ”رٺا ئي رهن، پر هجين حياتي.“ ڪيڏا نه سندر لفظ آهن ۽ اسان جي جذبن جي ڪيڏي نه سهڻي ترجماني ڪن ٿا. پر هنن لفظن ٻڌڻ سان نفسيات جي ماهرن جي اکين ۾ اوس ئي ڳوڙها اچي ويندا ۽ سمجهي ويندو ته هن قوم کي رسڻ کانسواءِ ٻيو ڪم اچي ئي ڪو نه ٿو. حقيقت به اها ئي آهي. رسامن اسان جي خوشين لاءِ رانوڻ جهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي. مثال طور ٻارن جو طوهر ڪرايو يا شادي پر گهربل سامان وٺڻ کان اڳ رٺل مائٽ پرچائڻا پوندا. بس پٽڪي ميڙ هوندي، نياڻيون پيون رلائبيون. ڪو پرچندو ته ڪو رٺو ئي رهندو، ڀت ڪيو يا خيرات ڪريو، پوءِ ويهي ڏسو ته پاٽڙن مٿان پاٽڙا ڪيئن ٿا ڀڄن، ٽٽن. عيد ٿيندي ته اها همت ئي ڪا نه ٿيندي ته ڪنهن رٺل مائٽ يا يار جي در تي وڃي عيد مبارڪ ڏجي. ماڻهو منهن پٽائڻ بدران نماز پڙهي، چپ چاپ وڃي پنهنجي گهر پهچندو.

Saturday, March 4, 2017

پھاڪي ۽ چوڻيءَ جي فرق جو تنقيدي اڀياس - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

پھاڪي ۽ چوڻيءَ جي فرق جو تنقيدي اڀياس
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اصطلاحي جزنTerms  جي استعمال جي وڏي اهميت هوندي آهي. جن ۾ پهاڪو، چوڻي، اصطلاح، محاورو، ورجيس، ۽ کوڙ ساٿرا ٻيا اصطلاح پڻ اچي وڃن ٿا جن ۾ تشبيهه، استعارو، ڪنايو، مجاز مرسل، تجنيسون يا صنعتون وغيره پڻ اچي وڃن ٿا. اسان جي هن اڀياس جو محور صرف پهاڪي، چوڻيءَ، اصطلاح، محاوري ۽ ورجيس تي مبني آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي هنن اصطلاحن جي اکيڙ جو اهم مقصد انهن جي درست رخ کي سمجھڻ ۽ انهن جو درست استعمال ڪرڻ به آهي. ان جي ضرورت ان لاءِ به محسوس ڪئي وڃي ٿي ته اسان جي ٻوليءَ جي ماهرن وٽ انهن اصطلاحن جي ڪا واضح وصف موجود ڪونهي يا ڪي متعين ڪيل وصفن سان سهمت ڪونهن يا وري ڪي ٻيا سبب هجن!

Wednesday, January 4, 2017

لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو - ادل سولنگي


لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

ادل سولنگي

سنڌي لوڪ ادب جون پاڙون پاتال ۾ پيٺل رهيون آهن، ان جا بنياد ويدن تائين وڃن ٿا، تاريخ جي هر دور ۾ باشعور، سماج سڌارڪ، سپورنج ۽ سڄاڻ ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن جن مهل ۽ موقعي جي مناسبت سان ڪونتل ڪڏايا آهن ۽ پنهنجن گفتن سان ڪچهرين ۾ رنگ ڀري کين رس دار بڻايو آهي، ٻهگڻن جا اهي ٻول حقيقتن جو آئينو آهن، ٻوليءَ جي وينجهارن جا ٻَڌل اهي ٻول  صدين تائين گونجندا رهيا آهن، جيڪي صدين جو سفر ڪري سيني به سيني لوڪن تائين پهچندا رهيا آهن، ڪتاب ”لوڪ ادب“ جو جائزو جيڪو اسان جي عالم، اسڪالر، اديب، دانشور سائين ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي تحقيق آهي، اچو ته ”لوڪ ادب“ جي صنفن بابت ڪجهه ڄاڻون.