Friday, July 21, 2017

هاٿيءَ وارا ڏند- مير اعظم علي ٽالپر

هاٿيءَ وارا ڏند
مير اعظم علي ٽالپر
دنيا جي ٻين ملڪن جي خبر نه آهي، پر اسان ۽ اسان جي معاشري ۾ ڪي ڳالهيون اسان جي سماج جو حصو بڻجي ويون آهن، جيئن ’ڏند‘- ڏندن جي ڪري هيڏو سارو ’هاٿي‘ بدنام آهي، انهي هاٿي جي قد بت سبب ڪيترن ئي ’انسانن‘ کي جيڪي حقيقت ۾ ’انسان‘ ۽ ’انسانيت‘ وارا هوندا آهن يا نه پر ماڻهو ۽ ماڻهوءَ جي شڪل وارا ضرور هوندا آهن، ان لاءِ به اهو چيو ويندو آهي. ڏسو ته سهي ”مڙس هاٿي لڳو پيو آهي.“ هاڻي اها خبر نه آهي ته هاٿي پنهنجن ٻن ڏندن سبب پهرين ڪيئن ۽ ڪٿي بدنام ٿيو ۽ ان مٿان اهو بدنامي جو ڪنڀار وارو ’ٺڪر‘ ڪنهن ڀڳو؟ حالانڪه ڏندن لاءِ جيجي زرينه بلوچ ڳايو آهي ته، ”ڏند ته موتي هيرا لال جواهر“ پر اهي ڪي ٻيا ڏند هوندا. اهڙي ريت بيمار ۽ اگهو ’شينهن‘ ڀلي ڪجهه به ڪري سگهي، فقط جهنگ ۾ سُتي، سُتي گجگوڙ ڪندو ته به ستن ڪوهن تي سندس اها گجگوڙ ٻڌي چئبو ته هائو ٻيلي جهنگ ۾ اڃا به ’شير‘ عرف شينهن موجود آهي. ان وانگر ويچارو اُٺ هلڻ ۾ هلاڪ جُهور هوندي به اهو چئبو آهي ته پُوڙهو اٺ وري ٻه ڪنواٺ لهي. بهرحال هر ڳالهه، هر ڪم ۽ هر فيصلي ۾ هاٿي وارا ’ڏند‘ ضرور ڪم اچن ٿا، جيڪي ’اصل‘ ۽ ’نقل‘ سان گڏوگڏ رک رکڻائي به ڪن ٿا. ان وانگر سُتل شير ۽ شينهن جي ٺلهي رڙ به ڊيڄارڻ جو ڪم ڏئي ٿي ۽ اٺ رڙي يا نه رڙي پوءِ به سائين منهنجا ’ريگستان جو جهاز‘ آهي.


دنيا جي ملڪن ۾ صرف هڪ ڪورٽ ’قانون‘ واري، قانون ۽ انصاف لاءِ هوندي آهي. ممڪن آهي ته انهن ملڪن ۾ ڏوهه گهٽ هوندا يا نه پر ’فيصلو‘ ڪرڻ ۾ هڪ ’واٽ‘ ۽ هڪ رستو هوندو آهي. پر جتي سائيڊ ’بزنس طور‘ ٻيون متوازي ڪورٽون هونديون آهن ته مسئلا ئي مسئلا پيدا ٿيندا آهن. خاص ڪري ان ملڪ ۾ جنهن عدالتن کي پيار ۽ محبت سان لاڏ ۽ ڪوڏ ۾ عدالت سڳوري کي ڪڏهن ’عظميٰ‘ ته ڪڏهن ’عاليه‘ جي لقب سان سڏيو ويندو ته پوءِ سندن عقل به زنانو هوندو.
سنڌ ۾ ويچارو ’جهان خان‘ جو نالو هاٿي جي ڏندن وانگر خوامخواهه بدنام آهي (مسڪين جهان خان کوسي کان معافي وٺندي) اڄ تائين اها خبر نه پئي آهي ته سنڌ ۾ پهرين ڪٿي جهان خان ڄائو ۽ ان تي ڪنهن ۽ ڪڏهن اهو نالو رکيو. ان کانسواءِ ان اهڙو ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو جنهن سان هو جهر جهنگ ۾، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، هنڌين ماڳين، راتو واهه مشهور ٿي ويو.
حالانڪه جهان خان نالي، سنڌ ۾ سکر ۽ شڪارپور روڊ تي لکي غلام شاهه جي ويجهو علائقو به آهي. جنهن جي تصديق عبرت جو ليکڪ نسيم بخاري ڪندو. دنيا ۾ ليليٰ جو نالو به عشق جي دنيا ۾ هٽ لسٽ تي آهي ۽ ان کانپوءِ سندس اڪن ڇڪن ميان مجنون اصل عاشق زهر پياڪ هو، پر اڄڪلهه ليليٰ نياري آهي ۽ ان جو عاشق مزاج به ڦري ويو آهي. اڄوڪي ليليٰ ’سياست‘ ۽ ان جو عاشق ’سياستدان‘ آهي، پر ڪاري ليليٰ اڄ واري دور ۾ وڌيڪ ڪاري بڻجي وئي آهي ته عاشق ان کان وڌيڪ مڪار بڻجي ويو آهي. جيڪو هاڻي هاٿي جي ڏندن بدران هن مثال مطابق آهي ته ”گڏهه جو ماس، ڪُتي جا ڏند.“ اڄڪلهه پڪا گهر، جايون اوطاقون آهن پر جڏهن ڪچا گهر هوندا هئا ته سنڌ ۾ پهاڪو مشهور هو ته ”مينهن وسي ڇهه پهر، ڇنو (منهه) ٽمي ٻارهن پرهه“ يعني بارش پئي 6 ڪلاڪ ۽ ڪکن واري منهه (ٽوا پکا) مان ڦڙيون ڪرن 12 ڪلاڪ يا ائين چئجي ته نانگ في الحال نڪري ويو، خالي ليڪو پيو ڪٽجي، سو ڀلي پيو ڪٽجي، لٺيون هڻي هڻي همراهه نيٺ ٿڪجي پوندا. بس اونداھيءَ ۾ تيرن جي ڪا خبر نه ڪا چار. البته شاندار فخريه ماضي ۾ اڄ کان 45 سال اڳ هنن تاريخن ۾ 21 اپريل تي ملڪ ۾ 3 سال 26 ڏينهن جي لڳل مارشل لا کي ختم ڪيو ويو هو ۽ ان بعد ذوالفقار علي ڀٽو کي جسٽس حمودالرحمان عبوري آئين تحت قسم کڻايو هو. ذوالفقار علي ڀٽو، ان جي ٻئي ڏينهن ايمرجنسي تحت هڪ آرڊر جاري ڪيو ته ڪو به پنهنجا بنيادي حق حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ نه ويندو، جڏهن هي تحرير (اڄ) 22 اپريل تي لکي رهيو آهيان ته اڄ کان ٺيڪ 40 سال اڳ، هن ئي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي وڏن شهرن لاهور، ڪراچي، حيدرآباد ۾ مارشل لا نافذ ڪئي ته ان جي خلاف صحافين ٽوڪن هڙتال ڪئي. ان ۾ عبرت اخبار جا صحافي به شامل هئا. ان زماني کي اڄ به عبرت جو جهونو صحافي حيات بلوچ ياد ڪري ٿو.
هر دور ۾ پنهنجو نئون چرخو ڦري ٿو، ڪڏهن سُبتو ته ڪڏهن اُبتو، پر راجڪپور جي فلم ’دلي دُور است‘ جيان اسان لاءِ ’اسلام آباد دُور است‘ سو اسان ته صرف اسلام آباد جو نالو پڙهي ۽ ٻڌي سگهون ٿا. وڌ ۾ وڌ اڄڪلهه دُهلن ۽ شرنائين سان وڄندڙ ميڊيا جي پرائيويٽ چئنلن تي اسلام آباد نظر اچي ٿو. البته راقم هن دنيا ۾ ڄمڻ جي دعويٰ ان لاءِ ڪري سگهي ٿو ته لاهور ضرور ڏٺو آهي ۽ لاهور ۾ آلو جا اُڦراٽا (مانيون پٽاٽي واريون) به کاڌا آهن. حالانڪ آلو جي اڦراٽن لاءِ مشهور آهي ته هڪ شخص پنهنجي گهرواري کي شڪايت ڪندي چيو ته ”بيگم تو چيو هو ته اڄ لنچ ۾ آلو اڦراٽا کائينداسين. پر اڦراٽن ۾ ته آلو نظر ئي نه ٿا اچن“ ان تي سندس گهرواري ڪاوڙ مان چيو ته ”ماٺ ڪري ويهي کائو، اهي اڦراٽا، چريا ڪڏهن ڪشمير چانهه ۾ ڪشمير ڏٺو اٿئي؟ ’چرخو‘ جيڪو هاڻي عام نه آهي، پر هر دور ۾ اُبتو سُبتو ڦرندو رهيو آهي، صرف ان کي ڦيرائڻ وارو خفيه هٿ تبديل ٿيندو رهيو آهي، جيئن ڪرسين تي ويهڻ وارا ايندا ويندا رهندا آهن، پر جنهن جو نالو ’انصاف‘ ولد ’نظام‘ آهي، سو ساڳيو رهندو آهي. گاڏيون تبديل ڪري، نيون آنديون وينديون آهن. پر انهن مٿان بلو بتي ساڳي هوندي آهي. هر دور ۾ ھڪ جهان خان هُجي ٿو، ان لاءِ ’عظميٰ‘ ۽ ’عاليه‘ ميدان ۾ اينديون رهن ٿيون ۽ هن لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ بڻجن ٿيون. بس هاٿي وارا ڏند ظاهري طور نظر اچن ٿا. وڻ جي هيٺان ستل شينهن جي رڙ (گجگوڙ) تي صرف خوف پيدا ٿئي ٿو. نانگ واري ليڪي مٿان لٺ جو ڦهڪو جاري رهي ٿي. اهو لقاءُ يورپ جو عقلمند ۽ هتي جو نڀاڳو چٻرو ڏسندي کلي به ٿو ته روئي به ٿو، پر انهي لقاءَ ۽ تماشي ۾ مشال خان سڀني کان وسري ويندو. سنڌ ۾ ميرن جي صاحبي جو مشهور پهاڪو آهي ته ”لڳو ڳوڙهو، ڀڳو ٺوڙهو، لَسَ لغارين، لائي هي.“ يعني ميرن جي سپاهي لغارين انگريز جو مقابلو ڪندي، ان مٿان پٿر ۽ ڀتر وسايا ته انگريز جيڪو مٿي تي وار نه هئڻ سبب گنجو هو، يعني ٺوڙهو سو ڀڄي ويو. لغارين جي ڳالهه تي ياد آيو ته نورين لغاري به مشال خان وانگر ياد نه رهندي. ميرن جي ذڪر ۾ اهو به ذڪر ڪجي ته ڪالهه سابق ميمبر مجلس شورا، مير رسول بخش خان ٽالپر (مرحوم) جي نياڻي ۽ سابق سينيٽر مير غلام حيدر خان ٽالپر (مرحوم) ۽ چيئرمين (سابق) ٽنڊوڄام مير غلام اڪبر خان ٽالپر جي همشيره گذاري وئي. الله کيس جنت ۾ جاءِ ڏيندو.

سنڌي فلمن جي ٺهڻ واري دور ۾ هڪ سنڌي رنگين سئنيما اسڪوپ فلم ”سَمجهُو ڪي سَمجهن“ ٺاهڻ جو اعلان ٿيو هو. پر فلم نه ٺهي هئي. ان فلم جي نالي جيان راقم جو اڄوڪو مضمون به ’سمجهو ڪي سمجهن‘ جي عين مطابق آهي. جيڪڏهن ڪجهه سمجهه ۾ اچي ۽ ڪا ڳالهه دل سان لڳي ته مهرباني.

No comments:

Post a Comment