لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو
ادل سولنگي
سنڌي
لوڪ ادب جون پاڙون پاتال ۾ پيٺل رهيون آهن، ان جا بنياد ويدن تائين وڃن ٿا، تاريخ
جي هر دور ۾ باشعور، سماج سڌارڪ، سپورنج ۽ سڄاڻ ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن جن مهل
۽ موقعي جي مناسبت سان ڪونتل ڪڏايا آهن ۽ پنهنجن گفتن سان ڪچهرين ۾ رنگ ڀري کين رس
دار بڻايو آهي، ٻهگڻن جا اهي ٻول حقيقتن جو آئينو آهن، ٻوليءَ جي وينجهارن جا ٻَڌل
اهي ٻول صدين تائين گونجندا رهيا آهن، جيڪي صدين جو سفر ڪري سيني به سيني لوڪن
تائين پهچندا رهيا آهن، ڪتاب ”لوڪ ادب“ جو جائزو جيڪو اسان جي عالم، اسڪالر، اديب،
دانشور سائين ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي تحقيق آهي، اچو ته ”لوڪ ادب“ جي صنفن بابت
ڪجهه ڄاڻون.
پرولي:
”پرولي“ لوڪ
ادب جي صنفن مان هڪ پياري پر اهميت واري صنف آهي. جنهن کي ڪچهريءَ جا ڪوڏ يا شوق
سان ٻڌن ۽ ڀڃن، ڳجهارت جو بنياد به ”پرولي“ تي رکيل آهي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾
پرولين جا ڪيترائي قسم بيان ڪيل آهن. ڳوڙهن جا بيت گرو ۽ چيلو، ڳجهارت
ڳجهارتن جا قسم:
سُريلي
يا سُرائتي ڳجهارت، بي سُري يا سُر کان ٻاهر ڳجهارتسُريلي ڳجهارت: جيڪا ڪنهن سُر
هيٺ آڌاريل هجي، جيئن سُر مومل راڻو، سسئي پنهون، عمر مارئي، سهڻي ميهار، نوري ڄام
تماچي، هير رانجهو، ليلا چنيسر، سورٺ راءِ ڏياچ، ڀوري ڦل وڌو، مورڙو مانگر مڇ،
موکي متارا، سيف الملوڪ، ليلا مجنون، شيرين فرهاد ۽ ست سُري ڳجهارت.
ٻهڳڻن جا ٻول:
سگهڙ ۽
شاعر جيڪو ڪجهه چوندا آهن سو ڏسي وائسي جاچي جوچي ۽ سمجهي سوچي، ڪڏهن به گُٿي يا
پاسيري ڳالهه پيش ناهن ڪندا. هنن وٽ هر ڳالهه جو ماڻ ۽ ماپو پنهنجو ٿئي، سندن
وهايل وکر، نهايت سوڌيل ۽ سنواريل هوندو آهي جيڪو نج سون جيان پيو جلوا وجهي، پاڻ
سادا تنهن ڪري سندن ٻول به سادا پر سٺا، سندن تشبيهون به ساديون پر پياريون ۽ وڏي
ويچار واريون، سندن اکِ سدائين عملن طرف مائل هوندي آهي.
سگهڙ
پائي جا ٻول ۽ سياڻپ جا سهڻا سخن جڏهن ڪچهريءَ ۾ نروار ٿين ٿا تڏهن ٻڌندڙ دنگ
رهجيو وڃن ته ڪيئن نه مسڪينن ۽ محتاجن پر شوق وارن اهي ٻول ٻڌا آهن جڏهن وکر جون
کنڌيون کوليندا آهن تڏهن ايئن معلوم ٿيندو آهي ته ڄڻ ڪو وڏ ڦڙو مينهن وسي ٿو. اهي
صراف آهن، جيڪي ويٺا پنهنجي دڪانن کي هيرن ۽ جواهرن سان سينگارين.
پنجڪا:
سگهڙن ٻن
ٻن مصرعن کان وٺي ويهن کان ٽيهن مصرعن تائين به ٻول ٻوليا آهن. سنڌي ”لوڪ ادب“ ۾
پنجڪا مشهور آهن، هن صنف ۾ پنجن ماڻهن يا پنجن شين جي لڇڻن ۽ ڪُلڇڻن، خوبين ۽
خامين جي ڀليءَ ڀت اُپٽار ڪيل هجي ٿي، ٿي سگهي ٿو ته پهريائين هڪ سگهڙ ٻئي سگهڙ
کان اهڙي قسم جا سوال ڪري جواب طلب ڪيا هجن ته پوءِ سگهڙن عقل ويڙهائي سوال توڙي
جواب پاڻ ئي ٺاهيا هجن. پنجڪا، پنج ٻول آهن، جي هڪ ٻئي پٺيان نمبروار پنج سٽن تي آڌاريل
هوندا آهن. جيڪڏهن هن ۾ ڇهه سٽون به ڪتب آنديون ويون، هجن تڏهن به ان کي ”پنجڪا“ ۾
شامل ڪيو ويندو آهي. نموني طور ڪجهه پنجاڪا ڪتاب ۾ شامل آهن.
هنر:
”هنر“ فارسي
لفظ آهي جنهن جي معني آهي فن، ڪاريگري، ڪاريگري جو ڪيل ڪم تڏهن ظاهر ٿيندو آهي جڏهن
ڪو اهو ڪم ڪري ڏيکاري، جيئن پٿر، ڪاٺ ۽ مٽي جڏهن اصلوڪي حالت ۾ آهن، تڏهن انهن ئي
نالن سان سڏجن ٿا پر ڪاريگر انهن شين کي پنهنجي اٽڪل ۽ استاديءَ سان ڪا موزون شڪل ڏئي
ته اهو سندس ”هنر“ چئبو، ان مان ثابت ٿيو ته هنر شئي جي اصلوڪيءَ حالت جو نه پر ان
مان ٺاهيل موزون حالت جو نالو آهي، جيئن ”پٿر“ مان تراشيل شڪل آهي. ”بت“، ”روهي“
”روهڙو“ وغيره. ”ڪاٺ“ مان ڏوئي، گهڙا منجي، صندل وغيره. مٽيءَ مان مٽ، ڪنواءِ،
دلو، پارو، وغيره نالا ڏيئي سگهجن ٿا. اهڙي طرح شاعر ۽ سگهڙ به لفظن، جملن ۽ بيتن
۾ ڪا رمز رچي (هنر) جي معنيٰ رکندا آهن. هنر جي بيتن جو گهاڙيٽو (لفظ، جملا ۽ بيت
هوندا آهن)
هنر: سُرائتا، بي سُرا، چيروان ۽ رواجي، هنرن، جي
فن جي اعليٰ ورڇ مطابق هر هڪ قسم مان نموني طور هنر جا بيت ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا
آهن.
دراهو:
”دراهو“ هنر
جو هڪ قسم آهي جنهن ۾ سگهڙن ۽ شاعرن ٻٽو هنر ڪم آندو آهي، يا ٻن قسمن جي لِڪَ رکي
آهي دراهو فارسي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ٻن رستن وارو، دو-ٻه-راهو-رستو، ”لوڪ
ادب“ جي فن ۾ شاعرن ۽ سگهڙن محض ٻن راهن کي سامهون رکي بيت ٺاهيا جن کي پنهنجي عام
اصطلاح ۾ دراهو، نالو ڏنائون.
ٻن
معنائن وارو، ٻن کان وڌيڪ معنائن وارو، ڪتاب ۾ ٻن معنيٰ وارا هنر، مثال طور ڏنا
ويا آهن. جڏهن ته ٽن کان وڌيڪ معنائن وارا هنر به نموني طور ڪتاب ۾ ڏنل آهن.
سَتَ سُري:
”لوڪ ادب“ جي
هيءَ صنف جنهن ۾ ڪي ست سُر آيل هجن، جيئن مومل راڻُو، سسئي پنهون، ڀوري ڦل وڌو،
بوبنا جراڙ، ليلان چنيسر، سورٺ راءِ ڏياچ، نوري ڄام تماچي وغيره. هن صنف جو لاڳاپا/ڳانڍاپو
خاص بيتن سان آهي. ”لوڪ ادب“ جي مواد ۾ ”ست سرو“ به ملي ٿو جنهن جو تعلق ستن قسمن
جي بيتن سان آهي، ”سَتَ سُري“ جي بيتن جو تعلق ڏوهيڙن سان ڄاڻايل آهي. ”ست سُري“
کي ٽن قسمن ۽ نمونن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هنر کان ٻاهر يا سڌي سنواٽي، هنر ۽ ڳجهارت
۾ ست سري جي انهن ٽنهي قسمن ۾ ان جي وڌيڪ سلسلي جو خاڪو هن طرح ڏنو ويو آهي.
سَتَ سُري: ڳجهارت ۾، هنر ۾، هنر کان ٻاهر
يا سڌي سنواٽي، سُر ۾، سُر کان ٻاهر، هڪ سُر تي، مختلف سُرن تي، سَت سُري آڌاريل ٻڌائي
وئي آهي جڏهن ته سَتَ سُري جا مختلف نمونا ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن.
سينگار:
”لوڪ ادب“ جي
صنفن ۾ سينگار جي صنف وڏي اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ جو محبوب جي حسن ۽ جمال، خط ۽ خال،
باڪمال ۽ بي مثال جو بيان اهڙي ته نازڪ ۽ نفيس نموني ڪيل آهي جو شاعرن ۽ سگهڙن جي
بُلند خيالي ۽ ذهني ذوق جو پور پورو، پتو پوي ٿو. سينگار جو ڪهڙو به بيت هوندو ته
به ان ۾ اهڙا سهائيندڙ ۽ سيبائيندڙ لفظ، تشبيهون ۽ استعارا ڪتب آندل هوندا آهن جو
محبوب جو سارو نقشو، ننهن کان چوٽيءَ تائين اچيو اڳيان بيهي. سينگار جا بيت جيڪي
سنڌ جي شاعرن ۽ سگهڙن ڳايا آهن، اهي دراصل هندي بيتن جو تتبع آهن، هندي شاعرن ۾
انيڪ شاعر ٿي گذريا آهن جن عشق ۽ الفت، پيار ۽ پريت، هار ۽ سينگار جو ذڪر ڪيو آهي.
اهڙن شاعرن جو هن ڪتاب ۾ ذڪر ڄاڻايو ويو آهي. سينگار بابت فني ڄاڻ پڻ هن ڪتاب ۾ ڏني
وئي آهي. سينگار جا مختلف نمونا پڻ ذڪر هيٺ آندا ويا آهن.
ڏهس:
”لوڪ ادب ۾ ڏهس“
به هڪ اهم صنف آهي، جيڪا سنڌي سگهڙ پائي جو آڳاٽو ۽ نج نمونو آهي، لوڪ ادب جي اها
ئي صنف آهي جا مواد جي نقطئه نگاهه کان بنهه ٿوري، بلڪه نهايت قيمتي آهي، جيترو
لفظي ذخيرو هن صنف مان ملي ٿو، اوترو ٻيءَ ڪنهن به صنف مان ملڻ مشڪل بلڪه ناممڪن
آهي.
”ڏهس“ اها
صنف آهي، جنهن ۾ هڪ اسم جا ڏهه مختلف زبانن مان، ڏهه هم معنيٰ لفظ آندل هجن، جن
سان محبوب جي ڪنهن خوبي يا وصف کي ڀيٽي سگهجي، محبوب ته خوبين جو ڀنڊار آهي، پر
شاعرن انهن خوبين مان به چونڊ ڪري ڏهن مختلف زبانن جي لفظن سان سينگاري بيت جي
صورت ۾ پيش ڪيو آهي.
”ڏهس“ ”لوڪ
ادب“ جي چند ۽ چونڊ جنس آهي، صاف ۽ سويل جنس آهي. اُملهه ۽ اَلڀ جنس آهي. اها
پيچيده ۽ مضبوط مشين آهي، جيڪا مدت کان مختلف زبانن جي ادبي زمين کيڙيندي ۽ کوٽيندي
رهي آهي. جنهن ڪري ڪيترائي انوکا لفظ عمل ۾ اچي ويا آهن، جن سنڌي لغت ۾ وڏي وسعت
آندي آهي. چون ٿا ته ”ڏهس“ جي حق ۾ جلال کٽي مڙني سگهڙن کان مٿانهون آهي، ”لوڪ
ادب“ جي حوالي سان هن ڪتاب ۾ نهايت ئي ڳنڀير ڳالهيون ڪيون ويون آهن، جن ڳالهين
قصن، ڪٿائن ۽ داستانن کي سهيڙڻ ۽ سموهڻ، ڇنڊي ڦوڪي، اڇو، اجرو ڪري ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ
لاءِ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جي محنت ۽ محبت جو انت شمار نه ٿو ملي. ”لوڪ
ادب“ جي هن تحقيقي جائزي واري ڪتاب ۾ ”لوڪ ادب“ بابت بنيادي ۽ اهم فني ۽ فڪري ڄاڻ
جا درياهه وهايا ويا آهن جن سان سنڌي ٻولي گهڻو سيراب ٿيل محسوس ٿئي ٿي.
ڏور:
سگهڙن
جي ڪچهرين ۾ ٻين سوکڙين سان گڏ ”ڏور“ به ڏيندا آهن پر اڄ ڪلهه جي ڪچهريءَ جي سونهن
جو سامان ۽ وندر ورونهه جو وکر ئي ”ڏور“ آهي. يا ايئن کڻي چئجي ته ”ڏور“ بنا ڪچهري
اڌوري ۽ اڻپوري آهي. جهڙي طرح ”پرولي، ڳجهارت، ڏٺ، دراهي، وغيره ۾ ڪا نه ڪا لِڪِ
رکيل آهي، تهڙي طرح ”ڏور“ ۾ به شاعرن ۽ سگهڙن ڪانه ڪا ڏاهپ ضرور ڏيکاري آهي. هن ڪتاب
۾ ”ڏور“ جي ٻولي، فني سٽاءَ، مزاج ۽ ڪيفيت بابت ڪافي ۽ پيرائتي ڄاڻ ڏني وئي آهي
جنهن جي آڌار تي ”لوڪ ادب“ جي مڙني صنفن کي سمجهڻ ۾
نهايت ئي وڏي ۽ ڪارائتي ڄاڻ ملي ٿي. ”لوڪ ادب“ کي پرکڻ ۽ پروڙڻ جي حوالي سان جيڪا
هن ڪتاب ۾ محنت ڪيل آهي اها سنڌي ٻولي ۽ ”لوڪ ادب“ جي لاءِ سڀاڳ وارو عمل آهي. (
جهيڙا يا مناظرا-:
ٻه ٺڪر
گهر ۾ به پيا ٺهڪندا آهن ۽ وري ٺهي به ويندا آهن، اسان جي شاعرن ۽ سگهڙن اهڙين
حالتن کي جهيڙي جي صورت ڏئي پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن، هونئن به جهيڙي جا ڪيترائي
قسم ٿي سگهن ٿا، ڪو لٺ باٺي ڪي ڏند چڪ جا، ته ڪي طعني تنڪي ۽ ميار مهڻي جا پر هت
اسان جي ملوڪن پنهنجي منهن ٻن ڌرين کي چونڊي، هر هڪ ڌر جي خوبين ۽ خامين، ڪمزورين
۽ ڪوتاهين، گڻن ۽ اوگڻن جي زباني جهيڙي جي وسيلي ڀلي اُپٽار ڪئي آهي، ان زباني جهيڙي
کي مناظرو يا مهاڏو اٽڪائڻ به چئبو آهي. شاعرن ۽ سگهڙن پنهنجي تر جوءِ جي روزاني
وهنوار جي شين کي جهيڙي جو موضوع بڻائي پنهنجي مشاهدي ۽ باريڪ بينيءَ جو ثبوت ڏنو آهي، وندر به اتي، خوش طبعي به اتي، حق جو ڪلمو به اتي! مطلب
ته جيڪو سچ ڏسندا اهو ئي وهائي ڪڍندا، ڪنهن ڌر پاران ڳالهائيندي سندن ڪا به لُنڊي
خوشامد نه ڪندا، ڪتاب ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ پيش ڪندي مناظرن جا مختلف نمونا
(مناظرو) سَسُ ۽ نُنهن جو، دلي ۽ طالب، ٽوپي ۽ پڳ، فقير ۽ بخيل، ڏيڏري ۽ اُٺ، جو
هي اهڙا مناظرا آهن جن کي پڙهي ۽ ٻڌي ويچار جي ٿو ته علم، عقل، ڏاهپ ۽ سماجي
وهنوار جي ڄاڻ جا قيمتي خزانا شامل ڪيا ويا آهن.
مداحون ۽ مناجاتون-:
”مدح“ عربي
لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي تعريف ساراهه، جيڪو ”مدح“ ڪري تنهن کي عربيءَ ۾ ”مادح“
يا امداح“ چون، پر سنڌي محاوري ۾ ان کي (مداحي) چون.
مان
مداحي تو سندو، پرتل اٿو جاني بندو،
عرض
آزيون تو ڪندو، يا محب مشفق مهربان.
”جاني“ شاعر
پاڻ کي مداحي ”مداح ڪندڙ“ سڏيو آهي، اهڙي طرح سنڌي شاعرن ”امداح“ کي ”مداح“ چيو
آهي، شاعرن ”مداحون“ نظم ۾ چيون آهن.
مناجات-: مناجات عربي لفظ آهي جنهن جي
معنيٰ آهي ڪن ۾ ڳالهه ڪرڻ
معجزا-: معجزا عربي معجزة، جنهن جي معنيٰ اهو ڪم
جنهن جي ڏسڻ سان انسان هڪدم مڃڻ کان عاجز ٿئي يا عاجز ٿي پئي يا ائين کڻي چئجي ته
اهو ڪم انساني قوت کان ٻاهر هجي.
شاعرن
معجزي سان گڏ ”ڪرامت“ جو بيان به ڪيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي تعجب جهڙي ڳالهه ڪرڻ
يعني اهڙي ڳالهه، جا ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ جا ڪپاٽ کوٽي ڇڏي، ”معجزي“ ۽ ”ڪرامت“ ۾ فرق ڄاڻائيندي
ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي ته ”معجزو“ فقط نبين تائين محدود ۽ ”ڪرامت“ ولين ۽ درويشن
تائين محدود هوندي آهي.
شاعر
جمال به ائين چوي ٿو ته:
ڏور، ڏٺ
ڳولڻ، اهي ڪم سپورن جا،
هنر ۾
حرفت گهڻي، تنهن وڌا دراها،
سينگار
سياڻپ ٿو گهري ڪي هجن ڳولا وا،
معجزا
نبين جا ٿيا، ڪرامتون وليا.
هن ڪتاب
۾ هن صنف جي جوڙجڪ ۽ مزاج جي حوالي سان نموني طور ڪجهه معجزا ڏنا ويا آهن، معجزو
هرڻي وارو، معجزو حضرت جابر اصحابي وارو وغيرهه.
ٽيهه اکري-:
ٽيهه
اکري کي سي حرفي به چوندا آهن يعني ٽيهن حرفن واري صنف يا هن صنف جي سمجهڻ ۽
سمجهائڻ لاءِ تمام گهڻو مواد ڏنو ويو آهي جيڪو ”لوڪ ادب“ جي هن صنف کي آسانيءَ سان
سمجهڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو.
مولود-:
مولود
عربي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي نئون ڄاول ٻار، ٻار جي ڄمڻ جو وقت سنڌي محاوري ۾
”مولود“ اهو نظم جو آن حضرت صه جي ولادت باسعادت جي پُرمسرت ڀرئي موقعي تي سندس
شان ۾ چيو وڃي، ڪتاب ۾ هن صنف جي پيدائشي، پڪي ۽ پختي ڄاڻ ڏنل آهي.
لولي-:
لولي
سنڌ جو عام ۽ پيارو گيت آهي، جو سنڌي توڙي سرائيڪي زبان ۾ چيو ويندو آهي، لولين جي
ٻڌ ۽ نفيس مضمون مان معلوم ٿيندو ته لوليءَ جي بنياد جو نڪتو آهي، جذبن، اُمنگن ۽
احساسن جو اظهار، يقين آهي ته اهو جذبو پهريائين ماءُ کي ٻچي لاءِ پيدا ٿيو هوندو،
پوءِ جيئن وقت گذرندو رهيو، عشق ۽ عقل جي جنون ۽ دانش جا درياهه وهندا رهيا، هن ڪتاب
۾ لوليءَ جا ڪجهه قسم ڄاڻايل آهن.
لولي-
جيجل لولي، مجازي لولي ۽ شاعراڻي لولي، واقعاتي لولي، وَرَ لولي، پَرَ لولي،
سينگار لولي، مذهبي يا اسلامي لولي، سُرائتي لولي، ڄاڻايل لوليءَ جي موضوعاتي جوڙجڪ
۽ فني سٽاءَ بابت ڪافي ڄاڻ ڏنل آهي.
سهرا-:
جهڙي
طرح مرد خوشيءَ جي موقعن تي راڳ جي محفل مچائيندا آهن تهڙي طرح عورتون وري ”سهرا“
يا ”لاڏا“ ڳائي دل وندرائينديون آهن، مڱڻو هوندو يا پرڻو ڄمڻ ”پٽ جو“ هوندو يا طهر، ڇٺي هوندي يا باس ته عورتون پاڙي ۽ ڏيٺ وارن هنڌن سهرن جو سڏ
ٻڌائي اينديون ۽ ڍليءَ رات تائين سهرا پيون ڳائينديون، راڳ هڪ به ڄاڻو ڳائي سگهي ٿو،
پر سهرا عورتون گڏجي ڳائينديون آهن، سهري جي صنف بابت خيالن جي آڌار، تاريخ ۽
روايتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، لوڪ ادب ۾ سهرن جو اهم ڪردار رهيو آهي، خوشيءَ جي
موقعي تي ”سهرا“ ڳايا ويندا آهن، هن صنف جي فني سٽاءَ جي ڄاڻ پڻ ڪتاب ۾ ڏني وئي
آهي.
ڪوڏاڻا:
گهرن
جون وڏڙيون ننڍڙن نو نهالن کي هنج ۾ کڻي يا ٻانهن سان مٿي جهلي، عجيب ۽ غريب نموني
ڪوڏائينديون آهن، ڪوڏائڻ مهل ڏاڏيءَ جي دل ڇا نه چاهيندي هوندي، نانيءَ جي دل ڪيئن
نه ٺرندي هوندي، ماءُ جي دل ڪهڙا نه عمدا نازڪ ۽ نفيس خيال ڪندي هوندي، مطلب ته
پنهنجي ٻچڙي لاءِ هر قسم جون دعائون گهرنديون هونديون، ڪوڏاڻا ۾ ڪوڏ هاڻا: ڪوڏ
وارا يعني خوشيءَ وارا يعني ٻار کي خوش ڪرڻ جا گيت، شاهه ڀٽائي به ڪوڏ لفظ ڪتب
آندو آهي.
(سينگاريائون
سيد چئي، ڪرهَا منجهان ڪوڏَ)
ٻيلڻ-:
هر ڪنهن
خطي جي ٻوليءَ کي ڪو نه ڪو محبوب گيت ضرور هوندو آهي، جنهن تي ماحول مطابق نالو ڏنل
هوندو آهي، انهيءَ لحاظ کان (ٻيلڻ) ڪاڇي جي طرف جو دل وندرائيندڙ گيت آهي، ڪاڇي جا
جت جڏهن اُٺ لَڏيندا آهن تڏهن ميي جي مهار ڪنڌ تي رکي هڪ هٿڙو ڪن تي ڌري (الو ميان) ڪندا آهن، سندن اَلو ميان، ٻيلڻ، جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي، ٻيلڻ
ٻن مصرعن وارو نظم آهي جنهن جي ٻي مصرح کي لاهڻي وقت ٻيو دفعو ٻڌندا يا آلاپيندا،
جنهن ڪري غالبن هن تي ”ٻيلڻ“ نالو پيو آهي، هن صنف بابت مواد ۽ سٽاءَ جي جوڙجڪ جو
سر به ستو احوال هن ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي، جيڪو نهايت ئي ڄاڻ ڏيندڙ آهي.
ڇلڙا-:
”ڇلو“ هٿ جو
زيور آهي جو ڪهڙي به آڱر ۾ پائبو آهي، پر خاص ڪري، ”ڇلو“ چيچ ۾ پاتو ويندو آهي، ڇلو،
لوهه، پتل، ٽامي، چاندي ۽ سون جو ٿيندو آهي، هاڻي ته پٿر، ڪافور توڙي رٻڙ جا ڇلا
به موجود آهن، دوست هڪ ٻئي کي ”ڇلو“ سوکڙي طور به ڏيندا آهن، پر ٻهراڙي ۾ اڃا
تائين ”ڇلي“ کي نينهن جي نشاني سمجهيو ويندو آهي.
”ڇلڙا“ مرد
توڙي عورتون ٻئي ٺاهين ۽ ڳائين، پيرون چونڊيندي، سڱريون لاهيندي، ڪرڙن مان ڏيلهون ڇندي،
پاڻي ڀريندي، اَسُر جو جنڊ ڪاهيندي، عورتون ڇلڙن سان پيون دل وندرائينديون آهن،
مرد وري مال پهرڻ وقت ڪن تي هٿ رکي ڳائن. جهڙو درد ۽ سور هن گيت ۾ آهي، اهڙو ٻئي ڪنهن
گيت ۾ ملڻ مشڪل آهي، جيتوڻيڪ ”ٻيلڻ“ ۽ ”ڇلڙا“ ساڳيءَ سطح تي بيٺل آهن پر تڏهن به ”ڇلڙن“ ۾ نماڻائي، نهٺائي ۽ سوز سوايو آهي.
مثال
طور:
ڇَلا ڪنگو
رتڙا، مئيڏي يار ڏتڙا،
مورو-:
مورو
به ”ٻيلڻ“ ۽ ”ڇلڙي“ وانگر مجاز ۽ محبت جو گيت آهي، جنهن ۾ انتظاري ۽ بيقراري، فراق
۽ ڦوڙائي، ڳڻتي ۽ ڳاراڻي، جهڄڻ ۽ جهوري، ملڻ ۽ ملاقات جا خيال مرڪزي مضمون هوندا
آهن، ان سموري احوال پُر ملال کي پيغام جي صورت ڏئي، عاشق معشوق ڏانهن ۽ معشوق
عاشق ڏانهن موڪلڻ گهري ٿو، انهيءَ گيت کي ”سيهڙو“ يا سنيهڙو به چون.
”مورو“ سازتي
يابنا ساز جي ڳائي سگهجي ٿو، پر نَڙ تي وڌيڪ لئي رکي ٿو. دلي ۽ سُرندي تي به ڳائي
سگهجي ٿو ۽ مرد توڙي عورتون ٻئي ڳائي سگهن ٿا. ڪچهري ۾ ”مورو“ هڪ
ڄڻو يا ٻه ڄڻا واري وٽيءَ سان ڳائي سگهن ٿا، هڪ ”موري“ جو بند چئي پورو ڪندو ته ٻيو
ڄڻو ٻئي بند کي کڻي وٺندو، اهڙي طرح ٻنهي جي وچ ۾ گويا چٽا ڀيٽي ٿي ويندي آهي.
مثال
طور:
مورو ناهي ٿورو، راڻل مورو ويٺي ڏيان،
ڪوهه مٿي آ ٽاري، ڪريان ويٺي زاري،
راڻل مورو ويٺي ڏيان.
جمالو-:
جمالو
سنڌ جو مشهور ۽ محبوب گيت آهي، جنهن جي ڳائڻ وقت ناچ ٿيندو آهي، جنهن کي ”جمالو“
ناچ چوندا آهن، ”جمالو“ ناچ وقت هڪ ڄڻو ”جمالو گيت“ ڳائيندو آهي ته ٻيا وري ٻولڙيا
ٿي، سندس فقط پهرين سٽ يا بند دهرائيندا، ۽ دهل جي ڌرن تي تاڙيءَ جو ڦهڪو لائي ڏيندا،
”جمالو گيت“ تي اهو نالو ڪيئن پيو تنهن لاءِ مختلف رواين جون روايتون هن ڪتاب ۾ ڏنيون
ويون آهن.
مثال
طور: هڪ روايت.
”جمالو جو
اصل نالو جمال خان هيو، جو لاڙ جي طرف جو ويٺل هيو، ڪي شاهينگ سندس مال کي هڻي
ويا، ان ڪري ڀائر هڪٻئي کي طعنو هڻڻ لڳا، جمال طعنو برداشت نه ڪري سگهيو ۽ هڪدم ڀيرو
ڪڙڻ شروع ڪيائين، ڀيرو کڻندي، ڪوهستان طرف وڃي نڪتو، آخر اها جوءِ ڳولي لڌائين
جتان مال موٽي مليس، جڏهن خير سان جمالو موٽي آيو، تڏهن هر هنڌ واهه واهه ٿي وئي،
ته هڪ ڄڻي ڪيئن پنهنجو مال موٽائي آندو! اها ڳالهه هلندي وئي آخر ايترو ته مشهور ٿي
جو جمال جي شان ۾ گيت چوڻ لڳا جيڪي ٿوري ڦيرڦار سان اڄ به ملن ٿا.
تازو 4
ڊسمبر 2016ع ثقافتي ڏهاڙي تي آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ رهندڙ سنڌين سڄي دنيا جي سنڌين
لاءِ ”هو جمالو“ گيت ڳائي، سنڌ جي امن، سهپ، رواداري ۽ انسان دوستيءَ جو اهو
لازوال گيت ڳائي دنيا کي جهومائي ڇڏيو.
مثال
طور:
منهنجو جمالو، جتن سان، هو جمالو!
منهنجو کٽي آيو خير سان، هو جمالو!
ڪهاڻيون-:
ٻاراڻا ٻول –لوڪ- ڪهاڻيون
ٻول،
دعائيه ٻول، راند جا ٻول، سوال جواب جا ٻول، اڳاهه، ڪهاڻي، آکاڻي- ٻول) ڪتاب ”لوڪ
ادب جو تحقيقي جائزو“، ”لوڪ ادب“ بابت اسان جي مانواري عالم سائين ڊاڪٽر عبدالڪريم
سنديلي جي ورهين جي تحقيقي محنتن جو ثمر آهي، جيڪو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي جهول ۾
پيو آهي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب نهايت پيار ۽ پاٻوهه مان پنهنجي ايندڙ نسلن ڏانهن
هي پنهنجو علمي ادبي، ورثو منتقل ڪيو آهي، جنهن کي پهرين ”سنڌ الاجي“ ڇپائي پڌرو ڪيو
هو، جڏهن ته ٻيو ڀيرو ”پيڪاڪ پبلشرس“ هن قيمتي ڪتاب کي سڌاري ۽ سنواري پڌرو ڪيو
آهي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب لوڪ ادب جا موتي گڏ ڪري سنڌي قوم کي نهايت ئي
اهم سوکڙي ڏني آهي، جنهن ۾ ڄاڻ جا ڪيترا ئي اَملهه موتي سموئيا ويا آهن، جنهن ۾
علم جو درماهه ڇوليون هڻندي محسوس ٿئي ٿو.
متفرقا-: وتايو فقير، پيراڻو ڀنڀرو،
آفيمي بادشاهه، ڏند ڪٿائون، ديون پرين جون ڪهاڻيون، روايتي يا نيم تاريخي قصا،
جانور جون آکاڻيون.
لوڪ ڪهاڻيون-:
لوڪ ڪهاڻيون،
”لوڪ ادب“ جو پراڻي مان پراڻو مواد آهي جنهن جي اهميت جي نقطئه نگاهه کان، ”لوڪ
ادب“ جي مڙني کان مٿاهين آهي، (لوڪ ڪهاڻيون) لوڪ ادب جو آڳاٽو ادب آهي، ”لوڪ ادب“
جي گويا آڳاٽي اکر وينجهه (DICTIONARY) آهي. جنهن ۾ هر هڪ موقعي مل جي پوري وضاحت ڪيل هوندي آهي، لوڪ ڪهاڻيون
جن ۾ تر توڙي برجي تصوير ڇڪيل پر ڍڪيل آهي، اهي انسان ذات جي ڄمڻ کان مرڻ تائين
سندس حرفت، هنر، اٽڪل ۽ استادي، لياقت ۽ طاقت جا جهونا دستاويز آهن، جن تي وهڃائڻ
۽ ويچارڻ سان اڳين انسانن جا وس وسا ۽ وهم، ڀيد ۽ ڀرم، رسم ۽ رواج، منتر ۽ جنتر، ٽوڻا
ڦيڻا ۽ سڳا ۽ ڌاڳا، ڏس پتا، مطلب ته وقت جي هر چيز سئيءَ سڳي سوڌو اڳيان اچي
بيهندي.
No comments:
Post a Comment