اڀياسي تبصرو
مٺل جسڪاڻي
”ٿري پھاڪا ۽
چوڻيون“، انجنيئر عبدالوھاب سھتو جو ڪتاب، صرف اھو سمجھي نه پڙھڻ ته ٿري نه ايندي
آھي، پھاڪا ۽ چوڻيون سمجھہ ۾ نه اينديون! اھڙي پاڻ مُرادي، تڪڙي، اُٻهري (خود
ساخته) راءِ قائم ڪرڻ کان ٿورو اڳتي، مثبت سوچي، جيڪو به ھي ڪتاب اٿلائي پٿلائي ڏسندو،
اھو جيڪڏھن ڪجھه ڄاڻڻ، سمجھڻ، سکڻ جو خواھشمند ھوندو، ته ضرور ڪتاب خريد ڪري پڙھندو.
جيڪو به پڙھندو، اھو ئي پروڙيندو، پرائيندو. مون هي ڪتاب پڙھيو آھي، تمام سولي سنڌي
الف ب ۾ لکيل، سنڌي لپي ۾ ڇپيل، ھر ھڪ ٿري پھاڪي خواھه چوڻي کي، سولي سنڌي ٻوليءَ
۾، ڏکين لفظن جي معنيٰ سان گڏ، نه صرف سمجھاڻي، تشريح لکي وئي آھي، پر پھاڪي جو
مطلب پھاڪي ۾، يا پھاڪي جي انداز ۾ به لکيو ويو آھي.
هونئن
ته هر ليکڪ جي لکڻ جو پنهنجو انداز آهي ئي، پر انجنيئر عبدالوهاب سهتو جو پنهنجو
نجو اسلوب آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل سندس ڪتاب، سندس تخليق نه، تحقيق ۽ ترتيب
تي مشتمل آهن. ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون ڪتاب بابت راءِ قائم ڪرڻ لاءِ ڪتاب جو انتساب پڙهڻ
ضروري آهي. جنهن ۾ لکي ٿو ته ”هن ڪتاب جوڙڻ ۾ جيڪي شخصيتون مددگار ٿيون، تن منجهان
پهريون آهي رام چند سانجهيرا صاحب. اگر اهو صاحب پنهنجي مخصوص انداز سان، ڍاٽڪي
پهاڪن، چوڻين ۽ ٻولن جي وضاحت نه ڪري ها ته شايد ٿري پهاڪن جا مقالا جوڙڻ ڏانهن ڌيان
ئي نه وڃي ها ۽ گمان آهي ته هيءُ ڪتاب پڻ نه جڙي سگهي ها. جان ڪي ديوي صاحبه جي ٿيسز
اگر هٿ نه اچي ها ۽ استفادي لاءِ ميسر نه هجي ها ته به ڪتاب جو جڙڻ، مشڪل هيو. اها
ٿيسز لکڻ وقت، سرڪاري طرح مقرر ٿيل گائيڊ کان علاوه، اگر جناب معمور يوسفاڻي صاحب
سندس رهنمائي نه ڪري سگهي ها. نه اها ٿيسز معمور صاحب جي پٽ اسد جمال پليءَ وٽ هٿيڪي
هجي ها ۽ نه ئي عابد لغاري صاحب وٺرائي ڏئي سگهي ها. جيئن ته هن ڪتاب لکڻ لاءِ، مٿي
ڄاڻايل ٽي شخصيتون؛ رامچند صاحب، جان ڪي ديوي ۽ معمور يوسفاڻي صاحب، اصل محرڪ رهيا
آهن. تنهنڪري هيءُ ڪتاب، ڏانهُن منسوب ڪيان ٿو.“
ڊاڪٽر
محبت اڪيڊمي قنبر جي اعزازي ڊائريڪٽر رياضت ٻرڙو هن ڪتاب جي شروعات ۾ ”ٻه چار لفظ“
عنوان سان لکي ٿو ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (ڏاهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو- ٽنهي
۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به، ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي
جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل
هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي
ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو
گل!“ اڳتي لکي ٿو ”۴۹۶ صفحن
تي مشتمل هن ڪتاب جي ضخامت ۾ سمايل، سنڌي الف-بي جي ۴۲ اکرن سان شروع ٿيندڙ ۷۸۵ پهاڪا
۽ چوڻيون ڏکن ۽ سکن جون سهسين ڪهاڻيون ٻڌائي رهيون آهن، ۽ اهو به ته هن منفرد ڪتاب
تي ڪيڏي نه محبت منجهان محنت ڪيل آهي! جيڏو ٿر وسيع آهي، ايڏو ئي ان جا پهاڪا ۽ چوڻيون
به، جيڪي ريگستان جي چَپي چَپي ۾ سمايل ۽ سانڍيل محسوس ٿين ٿيون.“
مون جڏهن
هي ڪتاب نه صرف اٿلايو پٿايو، پڙهيو ۽ ان تي لکڻ جو ارادو ڪيو ته مون کي رياضت ٻرڙو
جي هن راءِ سان به سهمت ٿيڻو پيو: ”هن ڪتاب ۾ انيڪ خوبيون گلدستي جيان سينگاريل
آهن، جن ۾ هيٺيون ڪجهه خاص خوبيون پڌري پٽ پسي سگهجن ٿيون؛
۱. سُهڻِي سنڌ جي ڪنهن خاص علائقي سان واسطيدار پهاڪن ۽ چوڻين جو ايڏو وڏو
زخيرو پهريون ڀيرو پڌرو ٿي رهيو آهي.
۲. پهاڪن ۽ چوڻين جي ترتيب الف-بي وار، لغتِي سٽاءَ موجب، بيهاري وئي آهي،
جنهن سان ڪنهن به پهاڪي ۽ چوڻيءَ وغيره کي سولائيءَ سان ڳولي سگهجي ٿو.
۳. ڏکين لفظن جون معنائون درج ڪيون ويون آهن، جن ذريعي ”ٿري لهجي جي لغت“ جوڙي
سگهجي ٿي.
۴. تشريحن ۾ ضروري وضاحتون ۽ چِٽايون پيش ڪيون ويون آهن.
۵. ”مطلب“ ۾ مختصر طور مفهوم واضح ڪيو ويو آهي ۽ لاڳاپيل پهاڪي يا چوڻيءَ کي پڻ
آندو ويو آهي يا ڪا لفظي ڦيرگهير آهي ته اها به داخل ڪئي وئي آهي ۽ علائقي يا ٻوليءَ\لهجي
بابت آگاهي پڻ ڏني وئي آهي.
۶. ٿري لهجي جي ڪِن ننڍ-لهجن، جهڙوڪ ڍٽ وغيره جي نشاندهي پڻ مطالع ڪري سگهجي ٿي.
۷. پارڪر جي پهاڪن ۽ چوڻين کي پاسيرو ڪيو ويو آهي، جنهن سان ان خطي جي پهاڪن ۽
چوڻين تي مشتمل الڳ ڪتاب جي گنجائش پڻ پيدا ٿي آهي.
۸. انهن پهاڪن ۽ چوڻين جي داخلا پڻ رکي وئي آهي جيڪي ٻين علائقن يا ٿر جي ڀرپاسي
جا ته آهن، پر ٿر ۾ مروج آهن.
۹. پهاڪي، چوڻيءَ ۽ ورجيس جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
۱۰. ڏِسڻي پڻ جوڙي وئي آهي، جنهن سان ڪنهن به پهاڪي ۽ چوڻيءَ تائين پهچ ۾ آساني
پيدا ٿي پئي آهي.
۱۱. شاهه لطيف جي شاعريءَ مان پڻ واسطيدار چوڻين وغيره کي درج ڪيو ويو آهي.
۱۲. ضروري حوالن ۽ مددي ڪتابن جي لسٽ پڻ، پهاڪن جي پڄاڻيءَ تي، ميسر ڪيل آهي،
جنهن سان ٿر بابت وڌيڪ مطالعو ڪري سگهجي ٿو.“
ڪتاب
جي مُهڙ ۾ ڪتاب جي ليکڪ ”سادا اکر“ عنوان ۾ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو به تمام سٺو ۽
معلوماتي آهي. جنهن جو اندازو سندس هنن سٽن مان لڳائي سگهجي ٿو: ”سنڌ جو ٿر، اٽڪل ۸۴۹۶ چورس ميلن تي پکڙيل آهي. ان جي اتر ۾ هندستان جي رياست جوڌپور ۽ سانگهڙ
ضلعي جو کپرو تعلقو، اوڀر ۾ جوڌپور، ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ اولهه ۾ ٽنڊو باگو، ڊگهڙي ۽
عمرڪوٽ آهن... ٿر جو علائقو، لوڪ ادب جي لحاظ کان شاهوڪار خطو آهي، جنهن جون مشهور
صنفون؛ ٻول، ٺوڪ، ساکيون، ڳوڙها هيماريون، اڏيون، پروليون ۽ پهاڪا چوڻيون آهن. مان
نه ٿريو، نه ٿر ڄايو آهيان. نه مادري ٻولي ٿري اٿم ۽ نه ئي وري مٿس ڪا مهارت رکان ٿو،
پوءِ ڪيئن منجهس پهاڪن ۽ چوڻين جو ڪتاب لکڻ جي جرائت ۽ جسارت ڪئي اٿم، سو ته
منهنجو رب ٿو ڄاڻي! جيڪي ڪجهه سنگيتن جي صحبت ۽ سنگت مان پرايم يا پراپت پيم، يا اڳي
لکيل ڪتابن ۾ چونڊي چايم، سو سارو مال يڪجا ڪري، هڪ ئي پوٽليءَ اندر، ڪتابي صورت ۾
عام آڏو پيش آهي. جيڪو جتان هٿ لڳم، تنهن جو جوڳو حوالو ڏيڻ جي به ڪوشش ۽ ڪاوش ڪئي
اٿم... ٿري پهاڪن ۽ چوڻين جي ڪتاب کان پوءِ پارڪري پهاڪن ۽ چوڻين تي، موضوع وار
ترتيب هيٺ، الڳ ڪتاب قارئين آڏو پيش ڪيو ويندو. هر هڪ پهاڪي جي وضاحت بعد، ان جي
سرچشمي جو هنڌ پڻ ٻڌايو ويو آهي. اهڙي حوالاجاتي وچور، ڪتاب جي آخر ۾ پڻ ڏني وئي
آهي. پهاڪن ۽ چوڻين جي ڏسڻي، پڙهندڙن جي سهولت ۽ آسانيءَ لاءِ ڪتاب جي پڄاڻيءَ ۾ پڻ
رکي وئي آهي.“
سچ ته
آئون جيئن تبصري ۾ لکڻ پسند ڪريان ها، تيئن ته رياضت ٻرڙو ۽ ڪتاب تاليف ڪندڙ يعني
انجنيئر عبدالوهاب سهتو پاڻ لکي چڪو آهي. ان ڪري آئون وڌيڪ لکڻ بدران، هن ڪتاب ۾ ۶۹۲ نمبر تي لکيل پهاڪو ”نپٽ راجا، نپٽ پرجا“ اوهان کي پڙهائڻ ضروري ٿو
سمجهان. ڪتاب ۾ موجود سمورن پهاڪن ۽ چوڻين کي ساڳئين ترتيب ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي
وئي. هي پهاڪو سمجهائڻ لاءِ پهرين ڏکين يا نون يا گهٽ مروج لفظن جي لفظي معني هن
ريت لکي ٿو ”نپٽ؛ بنهه، صفا، ڄائي ڄائي کان. پرجا؛ رعيت“. ان کان پوءِ انتهائي
مختصر، پر سولائي سان سمجهه ۾ اچي سگهندڙ هر پهاڪي ۽ چوڻي جي سمجهاڻي به ائين لکي ٿو،
جيئن هتي مثال لاءِ لکيل پهاڪي جي سمجهاڻي ۾ لکيو اٿس ته ”راجا، رعايا مٿان راڄ ڪندڙ
هوندا آهن. پر اهي هوندا به ان رعيت يا راڄ منجهان آهن. مٿان مڙهيل آسماني مخلوق
نه هوندا آهن. اگر رعايا چري آهي ته منجهانئن نمودار ٿيندڙ راجا پڻ چريو ۽ بيوقوف
هوندو. اگر رعيت ظالم آهي ته انهن جو حاڪم پڻ ظالم ۽ ناانصاف هوندو.“ جنهن پهاڪي
يا چوڻي جي سمجهاڻي پاڻ لکي اٿائين، ته ان جي آخر ۾ ڪجهه به نه، پر جيڪڏهن اها ڪٿان
کڻي لکي اٿائين ته هن پهاڪي جي سمجهاڻي کان پوءِ ”(۳۵) ص ۲۵۵“ لکي، حوالو نمبر ۽ ان حوالي
واري ڪتاب وغيره جو صفحو نمبر به لکيو اٿائين. ائين صرف ايماندار، سچا، کرا محقق
ئي ڪن ٿا. بهرحال، هن پهاڪي جا ٻه وڻندڙ مطلب لکندي لکي ٿو ”۱- جهڙو راجا، تهڙي پرجا ۽ ۲- رعايا
مفاد پرست هوندي ته راجا پڻ خود غرض هوندو.“
بظاهر
تمام سولو، پر حقيقت ۾ اهڙو ڏکيو ڪم، جيڪو ٻيا نه ڪري سگهيا آهن، اهو عبدالوهاب
سهتو ڪري رهيو آهي. هن اڪيلي جيترو ڪم ڪيو آهي، ايترو ڪنهن ٻئي ڪيو به آهي، ته اهو
لڪل ڇو آهي؟ ظاهر ڇو نه آهي؟ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي کان اهڙو ڪم نه پڳو آهي، ته انجنيئر
عبدالوهاب سهتو کي جس هجي. جنهن جا ويهارو کن ڪتاب آهن، جن مان شروعاتي ٽي ڪتاب ڪهاڻين
جا مجموعا آهن ۽ ۱۲ ڪتاب
پهاڪن ۽ چوڻين/ورجيسين تي مشتمل آهن. اهي ۱۵ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، رهيل ڇپجڻ جي مرحلي ۾ آهن. ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ڪتاب ”ٿر
جي علائقي اندر مروج پهاڪا ۽ چوڻيون“ پڻ انجنيئر عبدالوهاب سهتو جو تاليف ڪيل ڪتاب
آهي، تازو ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپرائي، پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي
وئي آهي. هن ڪتاب ۾ موجود ۷۸۵ پھاڪا
۽ چوڻيون، ۴۹۶ ڊيمي
سائيز جي صفحن تي سمجھايل آھن. ڪتاب جي قيمت ۶۰۰ روپيا لکيل آھي.
(هفتيوار ادبي صفحو تخليقڪار، ترتيب: واحد پارس هيسباڻي، روزاني عبرت
حيدرآباد، آچر ۲۰ آگسٽ ۲۰۱۷ع)
No comments:
Post a Comment