Showing posts with label نينگر به ننڍي، جمعا به گھڻا، پھاڪو، انجنيئر، عبدالوھاب سھتو،. Show all posts
Showing posts with label نينگر به ننڍي، جمعا به گھڻا، پھاڪو، انجنيئر، عبدالوھاب سھتو،. Show all posts

Saturday, August 5, 2017

نينگر به ننڍي، جمعا به گھڻا.

نينگر به ننڍي، جمعا به گھڻا. (پھاڪو)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ھڪڙي نينگريءَ جو رشتو، جمعي نالي ھمراھ سان طئي ٿيو ھيو. وقت گذرندي گھوٽيتا، زبان تان ڦري ويا.
ھونئن ته نياڻيءَ رشتو ڪرڻ ۾ دير وجھڻ سان، يا رشتو ٿيڻ بعد، ڪنھن اڻبڻت سبب ٽٽڻ سان، نياڻي سڄي عمر ويھجي ويندي آھي. پوءِ سندس شادي به نه ٿيندي آھي. زندگي به اھنجن ۽ ڏکن واري ٿي ويندي اٿس. ڇو جو نياڻيءَ جي ماني، بادشاھن جي گھر ۾ به ناھي.