وتايو فقير بمقابله ڀتايو فقير
عزيز سولنگي
ڊان ليڪس
جي جاچ رپورٽ کانپوءِ وزير اعظم طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي ماڻهو اهو ئي تز
تبصرو ڪري سگهي ٿو ته، ”ڪيڏانهن منهن مريم جو، ڪيڏانهن
ٽنڊو الهيار“. ان نوٽيفڪيشن ۾ رڳو ٽنڊو الهيار ئي ٽنڊو الهيار آهي. پر جيڪا
ڏاهپ ٽنڊي الهيار جي سڃاڻپ آهي، ان جو ذرو به ان ۾ ذڪر ڪونهي.
اها ڪا
اڄوڪي ۽ ڪالهوڪي ڳالهه ناهي. اهو صدين جو سچ آهي ته مريم جو منهن ٽنڊي الهيار ڏانهن
رهيو ئي نه آهي. مريم، ٽنڊي الهيار کان ايترو ڇو ٿي شرمائي يا وري ٽنڊو الهيار
مريم جي مهڙ کان پاسيرو ڇو آهي، ان تي وري به ڪا جاچ ڪميشن جڙڻ گهرجي. ٽنڊي الهيار
کي آئون سڃاڻان، پر مريم سان محاوراتي ميل جي ڪري نه، وتائي فقير جي ڏاهپ ۽ فڪري
بيباڪيءَ جي ڪري. ٽنڊي الهيار جي ڌڱاڻي بوزدار ويجهو دانش جو ڌِڱ (دانش جو ور نه)
وتايو فقير سنڌ ۾ ڏاهپ جي گفتن جي حوالي سان صدين تائين ڇانيل رهندو. وتايو اهڃاڻ
آهي سچ، ڏاهپ ۽ بيباڪيءَ جو. ماڻهو رڳو زلفن جا اسير ناهن بڻجندا، اهي انائن جا به
اسير بڻجي ويندا آهن. لفظن جي به انا هوندي آهي، لفظن جو به ضد هوندو آهي. وتائي
فقير جو به ضد آهي، جنهن کي چئجي ٿو ڀَتايو فقير. ڀتايي فقير جو تعلق ڀَتَ سان
آهي. وتائي فقير جو ڀتايي فقير سان ڪهڙو مقابلو؟ هي دور وتائي فقير جو نه پر ڀتايي
فقير جو آهي، جنهن کي بس موقعي پرستيءَ جو مٺو ڀت آڇڻ جي دير آهي، اهو پنهنجي تڪ
کي به پليٽ ۾ رکي پيش ڪري ٿو ڇڏي.
سو ڳالهه
ٿي ڪئيسين ڀت جي. ڀت قديم زمانن کان موجود رهيو آهي. ڀت ته دراوڙي دور ۾ به ملي ٿو.
ڀت کي سنسڪرت ۾ پلائو چوندا آهن. اهو پڻ چيو وڃي ٿو، Pilav ترڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي. مطلب ته ڀتايا فقير رڳو اسان وٽ ئي نه،
دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به موجود آهن. جتي ڀَت، اتي ڀتايو فقير. جڏهن کان ڀَت، تڏهن
کان ڀتايو فقير. چيو وڃي ٿو ته جڏهن سڪندر اعظم اهو علائقو، جنهن کي هاڻي سمرقند سڏيو
وڃي ٿو، فتح ڪيو هو ته انکي شاهي دعوت ۾ ڀَت پيش ڪيو ويو هو. ان بعد سڪندر جي
سپاهين ڀَت جي اها ترڪيب مقدونيا پهچائي، جتان ڀت قديم يونان ۾ متعارف ٿيو. صرف
اهو ئي نه، ڀَت جي ترڪيب بُوعلي سينا جي طبي سائنس جي ڪتابن ۾ پڻ موجود آهي. بوعلي
سينا، انهن ڪتابن ۾ ٻين کاڌن سان گڏ، ڀَت رڌڻ جا به طريقا لکيا آهن. مزي جي ڳالهه
اها ته ازبڪ ۽ تاجڪ ته بوعلي سينا کي ”جديد ڀت جو ابو“ ٿا سمجهن. جيئن عرب، عربي ٻوليءَ
کي ام اللسان، يعني سڀني ٻولين جي ماءُ سمجهن ٿا، تيئن وري کچڻيءَ کي ام الڀَت،
يعني ڀَت جي سمورن قسمن جي ماءُ سمجهيو ٿو وڃي. سياست ۾ کچڻيءَ جي تمام وڏي اهميت
آهي. ڀَت جي هڪ قسم کي ”برياني“ به سڏيندا آهن. ڀت ۽ بريانيءَ جو رشتو پهاڄن وارو
رشتو آهي، جڏهن ته ڀت ۽ بريانيءَ ۾ فرق ايترو آهي، جيترو فرق پاڪستاني جمهوريت ۽
آمريت وچ ۾ هوندو آهي. چون ٿا ته بريانيءَ جي ترڪيب مغلن ايران (فارس) مان آندي،
پر هڪ خيال اهو پڻ آهي ته هندستان ۾ بابر جي اچڻ کان اڳ ئي برياني موجود هئي. ٻوليءَ
جي بي اختيار اداري جي هڪ با اختيار ڀوتار ”ڀاڙين مٿان
ڀِت، ڪانگن ڪيرائي وڌي“ واري پهاڪي جي تصحيح ڪندي چيو آهي ته، اصل پهاڪو
آهي: ”ڀاڙين مٿان ”ڀَت“، ڪانگن ڪيرائي وڌو“.
سندس چوڻ آهي ته هن فاني دنيا ۾، ڀاڙين کي ڀَت جي ترڪيب، ڪانگن ئي سيکاري هئي. ممڪن
آهي ته اهو ”ڪارو ڪانءُ“ ٿر جو هجي، جنهن کي شايد ڀاڙيي ۽ مڙس ماڻهوءَ جي پرک هئي.
سنڌيءَ
ٻوليءَ ۾ لفظ ”ڀٽارو“، تقديس ۽ تعظيم لاءِ استعمال ٿئي ٿو. جيڪو لفظ ان لفظ سان
سلهاڙجي ٿو، ان جي توقير وڌيو وڃي. مثال طور: نور ڀٽارو، کير ڀٽارو، ڳئون ڀٽاري،
مال ڀٽارو ..... ۽ جيئن ته اٺ به مال ۾ ڳڻجي ٿو، پر ڪڏهن توهان اهو ٻڌو آهي ته ڪنهن
چيو هجي، ”اٺ ڀٽارو“ يا وري ڪو چوندو هجي، ”ڀَت ڀٽارو“. اٺ کي ڀٽارو ڇو نٿو چيو وڃي،
ان جو اندازو ته اٺ کي ڏسڻ مان ٿيو وڃي، باقي جيتريقدر ڀَت کي ڀٽارو نه سڏڻ جو
تعلق آهي ته خيرات، شاديءَ ۽ طهرن جي ڀت جو ڌار ڌار ذائقو هوندو آهي، ڪهڙي ڀَت کي ڀٽارو
سڏجي؟ چوندا آهن ته شاديءَ ۽ طهرن جو ڀت ڀلي هڪ ئي بورچيءَ جو رڌل هجي، پر ٻنهي ۾
ذائقي جو فرق رهجي ويندو آهي. هڪ بورچيءَ جو چوڻ آهي ته ڀَت شاديءَ جو هجي يا طهرن
جو، ذائقي جو فرق توهان جي ”سوچ“ جي ڪري هوندو آهي. توهان جي ”سوچ“ ذائقي جو تعين ڪندي
آهي. نفسياتي ماهر به ان ڳالهه جو ڳجهه پروڙي نه سگهيا آهن ته شاديءَ جو ڀَت
کائيندڙ ڇو سرور ۽ خمارن ۾ هوندا آهن، جڏهن ته طهرن جي ڪاڄ جو ڀت کائيندڙن جو منهن
ان شيديءَ جهڙو ٿي ويندو آهي، جنهن کي دسي ان جي وات ۾ سڄو ليمون نپوڙيو ويو هجي.
هڪ ڀتايي
فقير جو خيال آهي ته ڀَت، سواءِ موت جي، هر مرض جو علاج آهي، جڏهن ته اهو پڻ چيو ٿو
وڃي ته جي ٽين مهاڀاري جنگ لڳي ته اها ڀَت تان ئي لڳندي. سنڌ ۾ ڀَتن جي موسم،
شادين جي موسم کي ئي چئجي ٿو. پر سياسي لغت ۾ ڀَت جي موسم ڌرڻن واري مند کي سڏيو وڃي
ٿو. جيئن ڌرڻا ۽ ڌپ لازم ۽ ملزوم آهن، ائين ڌرڻا ۽ ڀَت به لازم ۽ ملزوم آهن. ڀت جي
موسم (شادين جي مند) رُسامن ۽ سرچاءَ جي موسم آهي. انهن ئي موقعن تي ماڻهو ڪاڄيتن ڏانهن
پاءُ پاڻي جو ڪڍندا آهن ...... ”تو واري پوٽي گذريل سال منهنجي ڪتي کي پٿر ڇو هنيو
هو؟“..... ”تو تنهنجي ٻنيءَ ۾ ڀيل ڪندڙ منهنجي گڏهه کي ڀونڊو ڇو ڏنو هو؟ جناور تي
به ڪهل نه آيئي ته ان جي به ڪا عزت ٿيندي آهي! ..... هلو ڀلا گگدام گڏهه کڻي غلطي
به ڪئي ته پوءِ تون گڏهه کي نه، مون کي ئي ڏسين ها.... ڪو نه کائبو تنهنجو ڀت!“
پوءِ شروع ٿي ويندا ڪاڄيتن جا پٽڪن جا سٽڪا، ميڙون منٿون پر همراهه چوي ته، ”پاڻ نه رت-ڀائي، نه ڀت-ڀائي“ ..... پوءِ ڀٽاري رزق جا
واسطا ڏئي، کيس مڃائبو هو ۽ سندس ڪاوڙ ڪافور ٿي ويندي هئي. همراهه وڏو پٽڪو ٻڌي اچي ڇني جي وچ ۾ ويهندو
هو.
ڀت رڌيندڙ
کي سنڌ ۾ ”راڌارو“ سڏجي ٿو. سلام ته خواجا غريب نواز معين الدين چشتي اجميري جي راڌارن
کي آهي، جيڪي وڏي ديڳ ۽ ننڍي ديڳ رڌيندا آهن. اجمير شريف جي وڏي ديڳ ۾ هڪ ئي وقت
125 مڻ يعني 5 هزار ڪلو گرامن کان به وڌيڪ چانور رڌي سگهبا آهن. مغل بادشاهه اڪبر
اعظم، خواجا غريب نواز جي درگاهه تي چتور ڳڙهه قلعي جي فتح لاءِ باس باسي هئي ۽ سوڀ
ماڻڻ کانپوءِ پيرين پنڌ اچي وڏي ديڳ رڌرائي هئي. اهڙي ديڳ سنڌ ۾ ته 30 هزار ڀَتائي
فقيرن جو ڀڀ ڀرڻ لاءِ ڪافي آهي، جڏهن ته اجمير شريف جي ننڍي ديڳ ۾ هڪ ئي وقت 80 مڻ
يعني 3200 ڪلوگرامن کان به وڌيڪ جانور رڌي سگهبا آهن، جيڪا اسان جا لڳ ڀڳ 20 هزار ڀتايا
فقير کائي سگهن ٿا. اها ننڍي ديڳ مغل بادشاهه جهانگير، خواجا غريب نواز جي درگاهه
تي اچي رڌرائي هئي. اهڙيون ٻه ديڳيون رڳو پاڪستان ۾ ڌرڻن وارن هنڌن تي پهچايون وڃن
ته لنچ ۽ ڊنر باڪسز جي ضرورت ئي نه پوي.
اهي ته
هيون اُهي ديڳيون، جيڪي عام خلق لاءِ رڌي اهو لنگر انهن ۾ ورهايو ويندو هو پر جن
سياسي ڀوتارن جا پنهنجا پيٽ ئي اجمير شريف جي وڏي ديڳ ۽ ننڍي ديڳ جيترا هجن، اهي
عام ماڻهن کي ڇا ڏئي سگهندا؟
(روازاني ڪاوش، ۵ مئي ۲۰۱۷ع تان ٿورن سان ورتل)
ڀت ته
پلاءُ، باقي مڙيئي ڀت!
ڪالهه
05 مئي 2017ع جي ڪاوش ۾ گفتار ڏنگي جي سري هيٺ عزيز سولنگي جو ڪالم ”وتايو فقير
بمقابلا ڀتايو فقير“ پڙهي سچ ته دل باغ بهار ٿي وئي۔ ڌڻي تبارڪ و تعالي عزيز
سولنگي ۽ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر کي سلامت رکي، جيڪي هن گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ نه رڳو ٿڌي
هوا جي جهوٽي پر ڏکايل ۽ نراسيل مکڙن تي مرڪ جو سبب بڻجي رهيا آهن۔ گفتار ڏنگي
واري سائين کي عرض ته، ڀت (پلاءُ جي باري ۾) سنڌي ٻوليءَ ۾ هي پهاڪو به آڳاٽي
زماني ۾ گهڻو مشهور هو”پلاءُ جهڙي پدمڻي، جب هڪي حاضر هو، ٻوهي وجهه پيٽ ۾، مر ته
پيٽ ڦاٽي پوي.“ مذڪوره پهاڪو ”ڳوٺاڻو ڳـُـڙ“ جي نالي سان ڇپيل ڪتاب ۾ تفصيل سان ڏنل
آهي. پلاءُ کان وڌيڪ پرڪشش ڀت ٻيو ڪين آهي. ذائقيدار ۽ چٻاڙڻ ۾ سنھنجو، اهو جڏهن هڪيو
حاضر هجي ته جلد پيٽ ۾ داخل ڪجيس. مطلب جيڪو ماڻھو ڄڀ جي ذائقي لاڀ، پيٽ کوڙي
پرائي ڀت تي ويھي رهي ۽ اٿڻ جي حامي نه ڀري، تنھن کي انھن لفظن سان ٽوڪبو آهي. ان
اڻلڀ ڪتاب کي يگاني ليکڪ انجنيئر عبدالوهاب سهتو سهيڙيو آهي۔
جاويد سحر قريشي/مراڪش
(روازاني ڪاوش، ۶ مئي ۲۰۱۷ع تان ٿورن سان ورتل)
No comments:
Post a Comment