Saturday, July 22, 2017

شاطرن سان شرط نه رکجي

شاطرن سان شرط نه رکجي. (چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
آڳاٽي زماني جي ھڪڙي بادشاھ اعلان ڪيو، جيڪو ماڻھو ڪا نئين راند ايجاد ڪندو، جنھن سان مون بادشاھ کي وندرائيندو، تنھن کي دل گھريو انعام ڏنو ويندو.
هڪڙي عقلمند درٻاريءَ، بادشاهه جي حضور ۾، شطرنج راند پيش ڪئي، جنھن جا مھرا عاج مان جڙيل ھيا. بادشاھ کيس ان راند کيڏڻ لاءِ، طريقيڪار پڇيو. ان کلاڙي درٻاريءَ، شطرنج راند جا چوھٺ خانا، ھڪڙا اڇا ٻيا ڪارا، بادشاھ کي سمجھايا. ان بعد سورھن مھرا ھڪ کلاڙيءَ جا ۽ سورھن مھرا ٻئي کلاڙيءَ جا، نالن سميت کيس ٻڌايا. انھن جون چالون به کيس، ان زبان ۾ سمجھايون، جنھن ۾ بادشاھ سمجھندا آھن. ڳالھين ئي ڳالھين ۾ ھڪ ٻه راند بادشاھ سان کيڏيائين پڻ. بادشاھ، راند ۾ ايترو محو ٿي ويو جو کيس وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيو.


بادشاھ، شطرنج جي راند مان ڏاڍو محظوظ ٿيو ۽ اعلان پٽ اندر، درٻاريءَ کي انعام جي آڇ ڏنائين ۽ کانئس فرمائش پڇيائين. جنھن چيس؛ ”مون کي ٻيو نه فقط اھو انعام ڏيو جو شطرنج جي بساط تي ٺھيل خانن منجھان پھرئين خاني ۾ ڪڻڪ جو ھڪڙو داڻو وجھو. ٻئي خاني ۾ ان جي ٻيڻ وجھو. ٽئين خاني ۾ ٻئي خاني ۾ پيل داڻن جي ٻيڻ وجھو. ائين چوھٺ خاني تائين، ھر اڳلي خاني ۾ پوئين خاني جي ٻيڻ جيترا ان جا داڻا وجھي ڏيو.“
”اھو ڪو ايڏو انعام ڪونھي.“ بادشاھ بيحد اصرار سان کيس پنھنجي فرمائش تي نظر ثاني ڪرڻ لاءِ موقعو ڏيندي چيو؛ ”جيئن راند، بادشاھي ٺاھي پيش ڪئي وئي آھي، تيئن انعام به شاھي انداز سان گھرڻ گھرجي.“
ان دور جي بادشاھن وٽ، يا سندن وزيرن وٽ، علم رياضيءَ جي ڄاڻ پوري ساري ھوندي ھئي. اُن ڪري بادشاهه سلامت گھريل انعام کي، تمام ٿورو سمجھي، مٿس نظرثانيءَ لاءِ حڪم صادر ڪرڻ فرمايو.
”مون کي ان کان وڌيڪ ڪجھ نه کپي.“ درٻاريءَ پنھنجي ارادي ۽ فرمائش تي اٽل ۽ مصر ٿيندي، عرض ڪيو.
بادشاهه بادل ناخواسته، درٻاريءَ جي فرمائش پوري ڪرڻ خاطر، ان جي شاھي گودام مان ڪڻڪ جي داڻن آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
فرمائش تحت، خانن جي حساب سان ڳوٿريون ۽ ڳوڻيون ترتيب ڏنيون ويون. نمبر-وار، ھر ڳوڻ ۾ ان جا داڻا ڳڻي وجھڻ لاءِ، شاھي فرمان جاري ٿي ويو.
ڏهين خاني جي ڳوٿريءَ ۾ اناج جي داڻن جو تعداد ۵۱۲ وڃي بيٺو. جڏھن ته ۱۴ هين خاني واري ڳوٿريءَ ۾ داڻن جو تعداد ته ۸۱۹۲ بيٺو پر وزن وڃي هڪ ڪلوگرام ٿيو. ان حساب سان ويھين خاني لاءِ ٺاھيل ڳوڻ ۾ وزن ۱۲۸ ڪلوگرام ٿيو، جيڪو ڳوڻ کان واڌو ھيو.
اڳتي وارن خانن لاءِ، حساب ڳوڻين ۾ ٿيڻ لڳو. ٽيھين خاني جي حساب ۾ ان ۵۱۲ ٻوريون ٿيو. ھر خاني جو پنھنجو ان ۽ آخري يعني چوھٺ خاني تائين جو ان شاھي ميدان تي آندو ويو، جيڪو بادشاھ جي شاھي خزاني ڇا پوري رياست جي گودامن مان آندو ويو ھيو. پوءِ به حساب ڪتاب ۾ ان کٽو.
بادشاھ جا طاق لڳي ويا. جنھن انعام کي ان معمولي پئي سمجھيو، سو ته سندس سوچ سمجھ کان مٿي ھيو.
مطلب؛
۱ . ھڪ انگ کي ٻيڻو ڪيو وڃي ۽ وري تنھن کي ٻيڻو ڪيو وڃي ته اهو تعداد زمين کان ٻاھر نڪري ويندو.
۲ . ٻيڻ مٿان ٻيڻ، لاتعداد ٿيندي آھي.

No comments:

Post a Comment