غيرن کي پيرين پئبو ئي پيرن ڪڍڻ لاءِ آ. (چوڻي)
ھڪڙي
ڀت، سرن، گاري ۽ گچ سان ڏاڍي مضبوط اڏيل ھئي. رازي به دل سان ٺاھيو ھيس. شاھل ۾ پڻ
ٽُڪ سڌي ھئي. ان سڌائيءَ جي ڪري قداور ۽ شاندار پئي لڳي.
ڀر
وارو رستو ٿورو ھيٺ ڀرو ھيو. ھڪ ڏينھن برساتي پاڻي، ڍوري ڪري، اچي ڀت جي پاڙ ۾ بيٺو.
ڀت جي پاڙ کي آلاڻ محسوس ٿي ته کانئس پڇيائين؛ ”ھي ڇا ٿو ڪرين؟“