Friday, July 21, 2017

پنھنجو حق ڇڏڻ لاءِ، ڪير به تيار ناھي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

پنھنجو حق ڇڏڻ لاءِ، ڪير به تيار ناھي. (چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ھڪڙي فقير، هڪڙي گهر جي سامهون بيھي، ڏھين روپئي جي صدا ھنئي.
”فقير!...“ گهر جي نئين نويلي ڪنوار، در جي چخ مٿي ڪري چيس؛ ”بابا معاف ڪر..!“
فقير، اھو ٻڌي ٻئي در تي سين ھڻڻ لاءِ اڳتي وڌيو. پويان ڪنوار جي سس، پنھنجي ڪمري مان نڪتي. تنھن جي ڪنن تي، ننھن جو آواز پيو ته يڪدم فقير کي سڏ ڪيائين.


فقير خوشيءَ مان ڊورندو واپس در تي آيو. دل ۾ چيائين؛ ننڍيءَ خير نه ڏنو ته خير آھي. وڏي ٿي سڏي، من اھا ڏئي.
فقير جڏھن در وٽ، بلڪل سامھون اچي پھتو ته سس يڪدم چيس؛ ”فقير بابا! معاف ڪر!“
فقير کي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي. پر چئي ڏنائينس؛ ”اھو معاف ڪرڻ وارو جملو ته تنهنجي ننهن به چيو هو... پوءِ تون مون کي واپس گھرائي، ٻيھر ڇو ٿي چوين؟“
”گهر جي مالڪياڻي مان آهيان.“ سس جواب ڏنس؛ ”هيءَ ڪير ٿيندي آ تو تي رعب ڄمائڻ واري؟ اھو حق منھنجو ھيو. مان پنھنجو حق ڪيئن ڇڏيان!؟!“
مطلب؛
۱ . ھر ڪو پنھنجو حق، ڇني وٺڻ لاءِ آتو آھي.

۲ . فقير کي در تان ھٿين خالي موٽائڻ جو حق به سس حاصل آھي.

No comments:

Post a Comment