جنھن گھوڙي نه پڄائي، زائفان نه وندرائي،
تنھن جي عمر ئي اجائي. (سارو سنگھار، ٿر، چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
رڻ ڪڇ جي پاسي،
سارو سنگھار نالي، ھڪڙو
داناءُ ٿي گذريو آھي. سندس ٻول، وتايي فقير وانگر، ڏاڍا سِڌائتا ۽ ھنڌائتا ھوندا
ھيا. حقيقت جي
ويجھو، بامعنيٰ ۽ تز ھئڻ سبب، عام ماڻھن جي دلين تي، اڻ مِٽ اثر يا نقش اڪيري
ويندا ھيا. ھيءُ به سندس ھڪڙو قول يا ٻول آھي، جيڪو اڄ جي زماني ۾ ڪھاوت/ چوڻيءَ يا پھاڪي واري حيثيت حاصل ڪري ويو آھي.
گھوڙو، ساھدار آھي. منجھس اھي سموريون فطرتي
خاميون يا خوبيون موجود آھن، جيڪي بين ساھدارن منجھ آھن. جڏھن ته نسلي افزائش کان
وٺي کائڻ پيئن ٻين جھڙو اٿس. ڪارج جي حساب سان ڊڪڻ ڊوڙڻ وارن ڪمن ۾ ڪتب ايندو آھي.
نر ته نر آھي. جنھن لاءِ مشھور آھي؛ ”سواري به نر جي، ياري به نر جي.“ ان جي برعڪس،
ماديءَ جي سواري، خواري ھوندي آھي. جو ھلندي، اگر وھرجي پئي ته پوءِ چڱي ڀلي سئيس کي
به اڏائي ۽ ڪڏائي رکندي. سئيسن جي عادت ھوندي آھي ته؛ ھلندڙ وھٽن کي ٻچڪارون ڏيندا
آھن، ٻول ڪسيندا آھن. نر گھوڙو ته ڊگام ھلندو آھي. جڏھن ته ڪا ڪا گھوڙي اھڙين
ٻچڪارن تي وھرجي پوندي آھي. سٺو ۽ قابل سئيس اھو آھي، جيڪو اھڙين ٻچڪارن کان پاڻ
بچائي، وھٽ کي وھائيندو، منزل تي پھچي.
رب ريجھائڻ سولو آھي، رنان ريجھائڻ ڏکيون
آھن. ڇو جو رب غفور ۽ رحيم آھي. چوٽي، ٻنھي کي آھي، پر رب وري به ٻاجھارو آھي.
عورت کي وڏا مڪر آھن. چوڻي آھي؛ ”رنون مڪر جنون، تر تر تال ڪن، رڌيون پڪيون
ڪونجڙيون، اڏايو ڇڏين.“ ان ڪري مرد اھو ڪامياب آھي، جيڪو عورت کي پنھنجي چرب
زبانيءَ سان، بنا ڪنھن تخت بخت بخشيش ڪرڻ جي، ريھي ريبي، آتاري ڌتاري پنھنجو ڪري،
جو عورت بک ڏک تي کيس ڇڏڻ لاءِ تيار نه ھجي.
مطلب:
گھوڙيءَ تي سوار ٿي منزل تي پھچڻ ڏکيو ۽ اھنجو ڪم آھي. زال کي پاڻ
سان پرچائي کڻي ھلڻ به ڏکيو ڪم آھي. جيڪو ماڻھو ٻئي ڪم نه ڄاڻي تنھن جو جيئڻ بيڪار
آھي.
Nices lines..informative paragraph..
ReplyDeleteThanks sir for putting commendable comments
Deleteتمام بهترين سائين. توهان جي لڳاتار محنت کي سلام آهي، ۽ هي ڳجهارتون، دانائن جا ٻول ۽ ٻيا تمام گهڻا اوهانجا بلاگس نظر وٽان گذريا آهن ۽ واقعي وڏڙن جون چيل ڳالهيون برابر سچائي ۽ واقعاتي آهن.
ReplyDeleteDear thanks for putting valuable remarks, about the wisdom of ancient Sindh peoples, based on wit and experienced life. These are the mile stones of the wisdom & History of Sindh.
Delete