Showing posts with label ٽڪي جا ماڻهو، اصطلاح جو پسمنظر ۽ ڪارج، فاروق جلباڻي، لاڙڪاڻو،. Show all posts
Showing posts with label ٽڪي جا ماڻهو، اصطلاح جو پسمنظر ۽ ڪارج، فاروق جلباڻي، لاڙڪاڻو،. Show all posts

Friday, May 26, 2017

ٽڪي جا ماڻهو - فاروق جلباڻي

ٽڪي جا ماڻهو
اصطلاح جو پسمنظر  ۽ ڪارج
فاروق جلباڻي/لاڙڪاڻو
پاڪستان ٺھڻ کان اڳ، گڏيل هندوستان يا پوءِ بنگلاديش جي ٺھڻ تائين، سرڪاري ڪرنسيءَ ۾ ٽڪو به رائج هوندو هو. جيئن پئسو يا آنو وغيره به هو. ٽڪي جو ملھ، پئسي کان وڌيڪ هوندو هو پر آني کان گهٽ ھوندو ھيو. اڄڪلھ بنگال جو بنيادي سڪو يا ايڪو ٽَڪا آھي، جيئن پاڪستان ۾ روپيه آھي.