اها ڪڪڙ ئي مري وئي، جيڪا
سونا آنا ڏيندي هئي. (چوڻي)
انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
هڪڙي ھمراھ هڪڙي
ڪڪڙ پالي هئي.
اتفاق سان اھا جيڪو ڏيهاڙي آنو
لاهيندي هئي، سو سونو ھوندو
ھيو.
هڪ ڏينهن ڪڪڙ جي مالڪ جي من ۾ لالچ جاڳي پئي. دل ۾ چوڻ لڳو؛ ”زندگيءَ
تي ڀروسو ڪونھي. ڇو نه ڪڪڙ کي ڪهي، سندس پيٽ مان سمورا سونا آنا، هڪ ئي دفعي سان
ڪڍي وٺان. اھي کپائي، ڪا جاگير خريد ڪيان،
جيڪا اکين آڏو به ھجي، ھٿن ۾ به ھجي ته جنھن وقت مرضي پوي تنھن وقت منجھانئس فائدا
وٺان.“
اهو خيال ايندي ئي، ڪاتي کڻي، ڪڪڙ
کي ڪٺائين. پر منجهانئس کيس هڪ آنو به هٿ نه آيو. ان تي گهڻو پڇتائڻ لڳو؛ ”مون
ناحق ڪري، آنا ته وڃايا پر ڪڪڙ به هٿئون وڃايم“.
مطلب: ۱. ھٿان ويل وقت، وري ھٿ نه ٿو اچي.
۲. ڏُهي کائجي، ڪُهي نه کائجي.
۳. اهو چوئٿ ئي مري ويو، جيڪو چڻا کپائيندو هيو.
۴. اهي تنيا ئي مري ويا، جيڪي گهٽا بخشائيندا هيا.
No comments:
Post a Comment