چڱائي به اصيل سان ڪجي.
هڪ ڏينهن
ھڪڙو باز، زخمي حالت ۾، جھنگ ۾ تڙپيو پئي. کيس هڪ هرڻيءَ زخمي حالت ۾ تڙپندي ڏٺو
ته کڻي اچي هڪ وڻ پويان شڪارين کان لڪايائينس. سندس ٽھل ٽڪور ۽ چيٺ ڪيائين ته اڏامڻ
جھڙو ٿي پيو. اڏامندي، هرڻيءَ کان پڇيائين؛ ”ٻڌاءِ! مان تنهنجو اهو احسان ڪيئن لاھي
سگھندس؟!“
”منھنجو
اھو احسان ائين لاھي سگھندين،“ هرڻيءَ چيس؛ ”مصيبت پئي جي، مدد ڪر!“
هڪ ڏينهن
باز اڏامندي هڪ ڪئي کي ٿڌي پاڻيءَ واري جهاڙيءَ اندر ڦاٿل ڏٺو. کيس مصيبت پيو
سمجھي، اتان ڪڍيائين.
ڪئو
نستو ھيو. کيس گھربل گرمي پد پھچائڻ واسطي، پنهنجي آکيري ۾ کڻي آيو. ڪئو، سرديءَ
کان ڏڪيو پئي. باز کيس پنهنجي پرن ھيٺان کڻي لڪايو. جھٽ کن ۾ ڪئي جو سيءُ گهٽ ٿيو
ته بک محسوس ڪندي، اندران ئي اندران، باز جا پر ڪترڻ لڳو.
ڪجھ
دير کان پوءِ، باز کي به نڪرڻو پيو. جيئن ئي اڏام ڀريائين ته اُڏي نه سگھيو ۽ وڃي پٽ
تي ڪريو.
هرڻيءَ
باز کي ان حالت ۾ ڏٺو ته پڇيائينس؛ ”تنھنجا اھي حال ڪيئن ٿيا آھن، جو نه طوفان، نه
برسات، سڪيءَ تي وڃي ڦھڪو ڪيو اٿئي؟!“
باز کي
ڪُئي تي ڪيل احسان به ياد آيو ۽ پنھنجي حالت ڏسي وسمي به ويو ته ساڻس ڪھڙي ويڌن ٿي
آھي.
”ڪئي
جي جان بچايم. کيس، ٿڌي پاڻيءَ مان ڪڍي، پنھنجي آکيري اندر رکيم ۽ پنھنجي پرن
ھيٺان لڪايم.“ باز، ھرڻيءَ کي پوري روئداد ٻڌائيندي ڏوراپو ڏنو؛ ”تنهنجي مشوري تي
عمل ڪيم، جنھن مون کي مارايو.“
”چريا!
مون تو کي، ڪنھن بي نسلي سان چڱائي ڪرڻ جو مشورو يا نصيحت ته ڪا نه ڪئي ھئي.“ هرڻيءَ
وضاحت ڪندي چيس؛ ”چڱائي به نسل ڏسي ڪبي آھي. بي نسلي جي ويجهو به نه وڃبو آھي.“
مطلب؛
۱-
جنھن جو بد بنياد، تنھن جو ميوو مٺو نه ٿئي.
۲- بد
اصل؛ با وفا نه ٿيندو، اصيل؛ بي وفا نه ٿيندو.
۳- بي
اصل مان چڱائي نه ٿيندي، اصيل مان برائي نه ٿيندي.
(فيس بوڪ تان، مرتضيٰ ڪلھوڙو جي شيئرنگ تان، ايڊٽنگ بعد کنيل.)
No comments:
Post a Comment