Showing posts with label ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون، اڀياسي تبصرو، مٺل جسڪاڻي،. Show all posts
Showing posts with label ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون، اڀياسي تبصرو، مٺل جسڪاڻي،. Show all posts

Tuesday, August 22, 2017

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون - مٺل جسڪاڻي

اڀياسي تبصرو
مٺل جسڪاڻي
”ٿري پھاڪا ۽ چوڻيون“، انجنيئر عبدالوھاب سھتو جو ڪتاب، صرف اھو سمجھي نه پڙھڻ ته ٿري نه ايندي آھي، پھاڪا ۽ چوڻيون سمجھہ ۾ نه اينديون! اھڙي پاڻ مُرادي، تڪڙي، اُٻهري (خود ساخته) راءِ قائم ڪرڻ کان ٿورو اڳتي، مثبت سوچي، جيڪو به ھي ڪتاب اٿلائي پٿلائي ڏسندو، اھو جيڪڏھن ڪجھه ڄاڻڻ، سمجھڻ، سکڻ جو خواھشمند ھوندو، ته ضرور ڪتاب خريد ڪري پڙھندو. جيڪو به پڙھندو، اھو ئي پروڙيندو، پرائيندو. مون هي ڪتاب پڙھيو آھي، تمام سولي سنڌي الف ب ۾ لکيل، سنڌي لپي ۾ ڇپيل، ھر ھڪ ٿري پھاڪي خواھه چوڻي کي، سولي سنڌي ٻوليءَ ۾، ڏکين لفظن جي معنيٰ سان گڏ، نه صرف سمجھاڻي، تشريح لکي وئي آھي، پر پھاڪي جو مطلب پھاڪي ۾، يا پھاڪي جي انداز ۾ به لکيو ويو آھي.