جڏھن حسن پئي ورھايو، تڏھن
ڪاٿي ھئين؟
عبدالڪريم ھاليپوٽو
راجا
رنجيت سنگھ، جيڪو شڪل جو ڪوجھو ھيو. ھڪ اک کان ڪاڻو به ھيو. سندس دربار ۾ هڪ ڪنيز محو
رقص هئي۔
رقص جو
فن پيش ڪرڻ پڄاڻان، نرتڪيءَ راجا کان دان وٺندي هڪ سوال ڪرڻ جي اجازت گهري۔ جنھن
جي راجا کيس اجازت ڏني.
”ماشاءَالله!
اوھان وٽ ڌن سولت ته تمام جھجھو آھي.“ فنڪاره پنھنجي سندر ۽ من موھيندڙ انداز ۾ پڇيو؛
”جڏهن حسن پئي ورھايو، ان وقت اوهان ڪٿي ھليا ويا ھيا؟“
”جڏهن تون حسن
جي بازار ۾ بيٺي حسن ورتو، ان وقت مان بخت جي بازار ۾ بيٺل هيس، جتان بخت پئي ورتم.
جنھن جو اڄ اھو نتيجو آھي جو؛“ راجا، سمجھي ويو ته کيس رنگ جو ڪوجھو ۽ عيب وارو
سمجھي اھو سوال ڪيو ويو. تنھن ھوندي به مسئول سائل تي بجاءِ ڪاوڙ ڪرڻ جي مضحڪه خيز
مسڪراھٽ سان وراڻيو؛ ”تو جهڙيون ڪيئي حسينائون، منهنجيون ٻانھيون ۽ ڪنيزون آهن.“
مطلب؛ جڏھن حسن پئي ورھايو، تڏھن تو جھليو پرڻ.
عبدالڪريم ھاليپوٽو جي فيس بوڪ وال تان.
No comments:
Post a Comment