گهوڙو گاهه سان ياري
رکندو ته بُک مرندو
انتهائي غلط چوڻي
مٺل جسڪاڻي
مون به
اوهان وانگر هڪ چوڻي ٻُڌي. اوهان وانگر درست تسليم ڪري، وري وري پئي ورجائي آهي.
پر اڄ صبح کان آئون سوچي سوچي، ويچاري ويچاري، ٿڪي پيو آهيان. ڦري سري ساڳئي نتيجي
تي پيو پهچان!؟... آئون سمجهان پيو ته؛ ”گهوڙو گاهه سان ياري رکندو ته بُک مرندو.“
انتهائي غلط چوڻي آهي. ڇاڪاڻ ته... گهوڙي ۽ گاهه جي ياري کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾، جيتوڻيڪ
گهوڙي ۽ مون ۾ تمام گهڻو فرق آهي، پر پوءِ به مون پهرين مون متعلق سوچيو. ڳالهه
سمجهڻ ۾ سولائي نه ٿي، ته ننڍي هوندي وارا شوق ياد ڪري ڪڪڙ پالڻ، ٻڪري يا رڍ ڌارڻ
کان ويندي، جڏهن آئون ننڍو هئس، ته اسان وٽ هڪ مينهن هوندي هئي، هاڻ ماشاءَالله ڪڏهن
ڪڏهن ته درجن کان به وڌيڪ مينهون پنهنجون، هڪ ڍڳي ۽ ڪجهه ٻڪريون به پنهنجون، انهن
جي پيٽ قوت ۾ سولائي لاءِ ڪڏهن نر ته ڪڏهن مادي، پر هڪ گڏهه بہ پنهنجو، پنهنجي
رهندي پئي اچي.
”گهوڙو گاهه
سان ياري رکندو ته بُک مرندو“ کي سمجهڻ لاءِ مون پاڻ بابت ويچاريو. پاڻ سان گڏ اٿڻ
ويهڻ وارن کان ويندي، جن متعلق ٻڌندو يا پڙهندو رهيو آهيان، انهن بابت به سوچيم.
گهوڙو يا گهوڙي کانسواءِ، جيڪي جيڪي به جانور پنهنجي حصي پتي ۾ رهيا آهن، هر ننڍي
وڏي ۽ نر مادي سميت به سوچيم، پر...
اوهان
منهنجي سمجهه تي شڪ ڪري سگهو ٿا، پر آئون پنهنجي عقل، دماغ، سمجهه، ساڃاهه، پنهنجي
هر گُڻ اوگڻ تي ويچاريندي، اڃا ان پڪ جو شڪار آهيان، ته آئون گهڻن کان گهڻو صحتمند
آهيان.
منهنجي
هوش ۽ حواس تي اعتبار ڪندي، بهرحال آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته؛ ”گهوڙو گاهه
سان ياري رکندو ته بُک مرندو.“ انتهائي غلط چوڻي آهي. ان ڪري جيستائين اها چوڻي
درست هجڻ تي گهڻ رخي تحقيق ڪري، درست هجڻ جي تصديق نه ٿي ڪئي وڃي، يا سُڌاري،
سنواري درست نه ٿي ڪئي وڃي، تيستائين ان چوڻي جي استعمال کان ڪو پاسو ڪري يا نه،
پر ان تي ايمانداريءَ سان سوچي ضرور.
No comments:
Post a Comment