Tuesday, July 11, 2017

غيرن کي پيرين پئبو ئي پيرن ڪڍڻ لاءِ آ.

غيرن کي پيرين پئبو ئي پيرن ڪڍڻ لاءِ آ. (چوڻي)
ھڪڙي ڀت، سرن، گاري ۽ گچ سان ڏاڍي مضبوط اڏيل ھئي. رازي به دل سان ٺاھيو ھيس. شاھل ۾ پڻ ٽُڪ سڌي ھئي. ان سڌائيءَ جي ڪري قداور ۽ شاندار پئي لڳي.
ڀر وارو رستو ٿورو ھيٺ ڀرو ھيو. ھڪ ڏينھن برساتي پاڻي، ڍوري ڪري، اچي ڀت جي پاڙ ۾ بيٺو. ڀت جي پاڙ کي آلاڻ محسوس ٿي ته کانئس پڇيائين؛ ”ھي ڇا ٿو ڪرين؟


پاڻيءَ ڏاڍو عاجزيءَ وراڻيس؛ ”تنھنجي شان ۽ وڏائيءَ، سرو قد ۽ اونچائيءَ کي سلام ٿو ڪيان. ان ڪري چڱائي ان ۾ سمجھيم ته تنھنجا قدم مبارڪ چمان. ڇا ته تنھنجي اوچائي ۽ آسمان سان قد پڄائڻ واري ڊگھائي آھي. مان ته ايترو مٿي بيھڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگھان.“
پاڻي ٻه ٽي ڏينھن ڀت جي پاڙ وٽ ساندھ بيٺو ته ڀت جا بنياد ئي لڏي ويا. بنھ کسڪڻ سبب، ڀت مٿان کان ھيٺ ڊيھاڙ شروع ڪيو ۽ ڪرڻ پڄاڻان، بيٺل پاڻيءَ کان پڇيائين؛ ”ھي ڇا ڪيئي؟ “
”ڪنھن وڏائي خور جا..“ بيٺل پاڻيءَ ساڳي ھيٺانھين سان ورندي ڏنس؛ ”ائين ئي پير ڪڍبا آھن.“
مطلب؛
۱ . خود غرض ماڻھو، پيرين پوندو ئي، پيرن ڪڍڻ لاءِ آھي.
۲ . خود غرض ۽ لالچي ماڻھو، بيٺل پاڻيءَ وانگر آھي، جيڪو بيٺي بيٺي مضبوط ڀت جا آئرا جڏا ڪري، ترا ڪڍي ڇڏي.


No comments:

Post a Comment