Tuesday, November 27, 2012

نيٺ انڌن وڃي ملتان لڌو! اسير امتياز

نيٺ انڌن وڃي ملتان لڌو!
اسير امتياز
هاڻوڪي بي رحم دور ۾ ماڻهو کي کلائڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه ناهي، گهڙي پل جي کِل کان پوءِ ساڳين ئي ماڻهن وٽ رڳو درد ئي هجي ٿو، ڀلا جتي رڳو درد ۽ ڳوڙها هجن اُتي ڪنهن کي کلائڻ ڪيترو آسان هوندو؟ اُهو ته هر ڪو ئي اندازو لڳائي سگهي ٿو ته هن ماتمي موسم ۾ ڪنهن کي کلائڻ ڪيتري جوکم جو ڪم هوندو ان جو ته اندازو ئي نٿو لڳائي سگهجي! هن ڪالم ذريعي مان ناچيز ڪنهن کي کلائي به ڪيئن ٿو سگهان! جنهن ماحول ۾ جتي رڳو غم جو عالم ڇانيل هجي ۽ ماڻهو ڪنهن جي پٿر تي ويٺل هجن اتي ڀلا خوشي به ڪهڙي! جتي چوڏس سوڳواريءَ ترسيل هجي، ماڻهو مايوسين جي نذر ٿي رهيا هجن، اُتي ته فقط ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو. پر ڪا چواڻي آهي ته ”نه روئڻ ۽ بنا تڪليف جي هجڻ کان پوءِ، کلڻ ئي سهي.“ سو ان ڪري به پنهنجي ننڍڙيءَ ڪوشش سان ڪجهه کِل ڀوڳ جهڙيون ڳالهيون اوهان سان شيئر ڪندي، اوهان کي سنڌي جي پهاڪن، چوڻين ۽ مُحاورن جي آڌار تي کلائڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ ڪجهه سيئريس ڳالهيون به اڄ اوهان سان شيئر ڪندس، ڇو ته هر وقت مذاق به سهي ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو سنجيده به ٿي پوي ته بهتر!

Monday, November 26, 2012

ٻهراڙين جي فطري اصلاحي ۽ محاوراتي ٻولي - سيد گدا حسين شاھ بخاري

ٻهراڙين جي فطري اصلاحي ۽ محاوراتي ٻولي!

سيد گدا حسين شاھ بخاري/ ڳوٺ ٻٽڙا
ڪنهن به ٻوليءَ جي سونهن ۽ وسعت ڏسڻي هجي ته ان جي نثر ۽ نظم سان گڏوگڏ ٻهراڙين ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ جي مخصوص علاقائي لهجي ۽ رنگ ۾ رڱيل ٻوليءَ جو ٿورو به جائزو وٺجي. ائين ڪرڻ سان خبر پوندي ته انهن جي ٻولي ۽ گفتگو، انتهائي سادي، سٻاجهي، برڪت واري، ادب ۽ اخلاق جو سرچشمو نظر ايندي. جنهن کان انڪار ڪرڻ بلاشبه سنڌي زبان سان تعصب ۽ ٻه-اکيائي سمجهي ويندي. 

Sunday, November 25, 2012

کيڏڻ وارو دور! - اسير امتياز


کيڏڻ وارو دور!
اسير امتياز
اڄ جي هن اُداس ماحول ۾ جڏهن ماڻهو جو من اڪيلائي محسوس ڪندو آهي ته پوءِ اهو ماڻهو پنهنجي من کي وندرائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪندو آهي، اُداس گهڙين ۾ ماڻهو جو من شايد راحت ئي تلاشيندو آهي جنهن ۾ ماڻهو جي من کي راحت ملندي آهي، سو ان ڪري به دل چوي ٿي ته ڪجهه کل ڀوڳ به ڪجي ته جيئن اوهان جي دلين تائين اها راحت پهچي سگهي. سو دوستيون ڪري به هر ڀيري اوهان دوستن سان ڪا نه ڪا نئين ڳالهه شيئر ڪندو آهيان، جنهن ۾ ٿورڙو ئي سهي پر مزاح جو عڪس هجي ٿو. اڄ به هن هفتيوار ڪالم ۾ اوهان سان کلڻ جهڙيون ڳالهيون شيئر ڪبيون. مون کي اُميد آهي ته اوهان کي راحتڙي رسندي. سڀ کان اول ته مان توهان کي اڄوڪي ڪالم جي عنوان واريءَ ”کيڏڻي“ کان واقف ڪرايان ته بهتر ٿيندو، دوستو هي کيڏڻي اسان توهان ڀلي نه سمجهون پر هن کيڏڻي کي ٻار ضرور سمجهن ٿا. گهڻو ڪري هن کيڏڻي جو تعلق ٻارن سان ئي هوندو آهي. منهنجو به تعلق ان کيڏڻي سان ننڍي هوندي جو آهي. پر هاڻ ٻار ناهيان پر پوءِ به مون ۾ اڄ اُهي ٻاراڻيون موجود آهن. ماڻهو وڏا ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ شايد انهن ڳالهين کي وساري ٿا ڇڏين پر مون انهن ڳالهين کي ناهي وساريو ۽ وسارڻ به نه گهرجي. تنهن ڪري آئون اڄ به ان کيڏڻي جي ويجهڙائي ۾ رهندو آهيان. ان ڪري به اُهي کيڏڻيون کڻي توهان سامهون حاضر ٿيو آهيان. اصل ۾ اهو چوندي انتهائي ڏک به ٿئي ٿو ته هاڻ اسان جي ٻارن کان اهي کيڏڻيون، مطلب ته اُهي رانديون به ويون جيڪي اڳ ۾ ٿينديون هُيون ۽ جيڪي هاڻ هن بي رحم دور ۾ نه پيون ٿين، عجيب قسم جون رانديون اچي ويون آهن جيڪي ڪنهن به حوالي سان راندين جي زمري ۾ ته اچن ئي ڪونه ٿيون. اڄ جو ٻار ڪاٺيءَ کي ڏور ٻڌي ڪلهي تي کڻي ”اسان وڏا خوني ماڻهو“ چئي راند ڪندي نظر اچي ٿو. حقيقت ۾ هي ڪا راند ڪونهي. هن راند، هن ڪلچر جي متعارف ٿيڻ تي، اسان جي ٻارن کان تعليم ته وئي پر اصل رانديون به ويون، جيڪي اسان ننڍي هوندي ڪندا هئاسين. مون کي ياد ٿو پوي ته اسان جي زماني ۾ ايڏيون ته مزيدار رانديون ٿينديون هُيون جو هاڻ اڄ جي ٻار کي يا اڄ جي ماڻهو کي انهن راندين جا نالا يا اهي رانديون کيڏڻ به شايد نه اچن. ڇا ته ماحول هو ڇا ته ننڍپڻ هُيو، جو اسان پاڻ ۾ ”سن“ ڇوڪرا اُهي رانديون کيڏندا هئاسين. پاڻ کان وڏي عمر واري کي اهو چئي راند کيڏڻ ڪونه ڏيندا هئاسين ته ”تون وڏو آهين“ جي اهو وڏو هروڀرو به ضد ڪندو هو ته پو راند ڦٽيءَ ويندي هئي ۽ ها... سچي راند ڦٽڻ وقت هڪ عجيب ترنم ۾ گيت ڳائي راند ڦٽائيندا هئاسين ته ”اسين نه کيڏڻي، ڪاليءَ ڪُتيءَ کيڏڻي ۽ پوءِ اها متل راند پل ۾ ڦٽيءَ ويندي هئي.

Saturday, November 24, 2012

مال مفت دل بي رحم - مختيار سمون


مال مفت دل بي رحم
مختيار سمون
ڪنھن به ٻوليءَ ۾ پھاڪا ۽ چوڻيون ان ٻولي ڳالھائيندڙ قومن جي مجموعي شعور جي عڪاسي ھوندا آھن، جيڪي سالن ۽ صدين جي حاصل ڪيل تجربن کان پوءِ وجود ۾ ايندا آھن. اھي پھاڪا ۽ چوڻيون، ڪڙو سچ ۽ حقيقتن تي مبني ھوندا آھن. جيڪي ھر دور ۾ مخصوص حالتن جو نقشو چٽي، ماڻھن لاءِ سبق ۽ سکيا جو ڪم ڏيندا آھن. سنڌي ٻولي پڻ اھڙن پر معنيٰ ۽ سبق آميز پھاڪن ۽ چوڻين سان مالامال آھي. پھاڪا ۽ چوڻيون، مختلف موقعن تي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿين ٿا ۽ ڳالھين کي سمجھڻ جو ادراڪ به ڏين ٿا ته پيدا ٿيل مسئلن ۽ مونجھارن جي حل ۾ ڪارائتا ڪردار به ادا ڪن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ اھڙين کوڙ سارين چوڻين مان ھڪ جيڪا تمام عام فھم، پر معنيٰ ۽ مقصد ۽ روزمرھ جي گفتگو ۾ گھڻو استعمال ٿيندڙ چوڻي آھي، سا آھي؛ ’مال مفت، دل بي رحم.‘  

Friday, November 23, 2012

آب آب ڪندي مئين - نجم حسن سيد - سيد محبوب علي


آب آب ڪندي مئين
تحرير: نجم حسن سيد
ترجمو: سيد محبوب علي لڪياري لاھور

ٻوليءَ جي باري ۾ ٻه پُراڻِيون ڳالهيون نَيون ڪَريون.
پهرين ڳالھ:
مُغلن ويلي گُجرات لَڳ، ڪنجاھ ۾ ڪي وڏا عالِم هُئا؛ مولوي غَنيمت. فارسي شاعر ھُئا. فارسي ڪِتاب لِکِيائون. نانءُ ڪَمايائون. فارسي بَحَر ايڏو کُلي وَيُن جو، عام ڳالھ به فارسيءَ ۾ ڪَرڻ لڳا. مَجال آ جو ڪَڏهن ڀُلجي به ڪو ديسي ٻول واتَئون ڪڍي ويهَن. ماڻهن سوُ وَس ڪَيا پر مولوي جَن نَه ٿِڙِڪيا. هِڪ ڏينهن ڇا ٿيو، مولوي سڳورن پنهنجي مُنهِن ويٺي فارسي شعر پَڙهيا ته هِڪ ڏينڀوُ گوڏ ۾ وَڃي گھِڙِيَن. ڏينڀوءَ ڏَنگيو ته مولوي جَن اوٽارجي وَيا. گوڏ تي ڌَڪُ هڻي دانهن ڪَيائون؛ ”اڙي تُنهنجيءَ ماءُ کي.“ (جيڪي بُزرگ گارگَند کان پاسو ڪَندا هِن اُهي چَوَن ٿا مولوي سڳورن ”هَئي ڙي اَمان“ چَيو هُو) مولوي جَن جو بِه چَيو، اُهو فارسي نَه هُئو. سو شاگرد ڀَڄندا وَيا ۽ ڳوٺ وارن کي وَڃي ٻُڌايائون. چَي؛ مولويءَ جَن نيٺ ڳالهايو آ اَڄُ۔
ٻِي ڳالھ:
مُغلن ويلي هڪ ڳوٺاڻو ڳَڀرو، شاهي لشڪر ۾ ڀرتي ٿيو. هِڪ ويڙھ ۾ ڦَٽجي پيو. اُڃ کان مَرڻهارڪو ٿي پَيو. پنهنجو ڳوٺ ويجهو هُئس. گھوڙو ڀَڄائيندو اُتي پُڳو ۽ فارسيءَ ۾ اَچي پاڻي گھُريائين. چَئي؛ آب! آب!! ماڻهن گَھڻئي ڌُڪا هَنيا. وري وري پُڇيو اَٿن؛ پُٽَ! ڇا گھُرجَئي. هُو رُڳو آب آب ڪندو وَيو ۽ پُورو ٿي وَيو. پويَئون ڪنهن مولوي غَنيمت، ڳوٺاڻن کي ڏسيو؛ اَڙي آبُ پاڻيءَ کي چَوندا هِن. جي توهان فارسي پَڙهيَل هُجو هان ته اَڄ توهان جو لَشڪري پُٽ، اُڃيو نه مَري ها. هاڻي هڪ ته پُٽ وِڃايَوَ، ٻيو تيار ٿي وَڃو، بادشاھَ پُڇا ڪَرِڻي آهي تَه؛ منهنجي لشڪريءَ کي پاڻي ڇو نَه ڏِنَوَ. ڳالھ اِئين به پُوري ٿي سگھندي هُئي ته ڳوٺاڻن جَهٽِ مولوي غَنيمت کان فارسي سِکي وَرتي. بادشاھ به کين کڻي معاف ڪَيو ۽ اَڳيئون ڳوٺ جو ڪو ئي لَشڪري پُٽُ اُڃِيو به نَه مُئو. پر ڳالھ پُوري اِيئن ٿي تَه لَشڪريءَ جي ماءُ کي جَڏَهن آب جي مَطلَب جو پَتو پيو ته هُن پِٽيو. چَئي؛
جي مان ڄاڻان مَڱِين پاڻي، ڀَري تان پِيالا پِيارِيا،
آب آب ڪَندي مُئين ٻَچِڙا، فارسِيُن گَھرَ ڳارِيا.
ڳالهيون/ چَوِڻيون، چَتَر هونديون هِن. سَدا اَڌُوريون. پنهنجي اَندرَئون نِتُ پَيون پورَ ڏيکاريندِيون هِن. ۽ پورَ هُوندا هِن پُڇائون.

Monday, November 12, 2012

گل شڪر - حميد سبزوئي

گل شڪر
لوڪ ڏاهپ جو خزانو
حميد سبزوئي
اسان جي لوڪ ادب ۽ عوامي ورثي ۾ ايترا خزانا آهن جو اسان فخريه انداز ۾ اهو چئي سگهون ٿا ته اسان پنهنجي لوڪ ادب ۾ خوشحال ۽ پاڻڀرا آهيون. پر ان بابت چوڻ جي ڳالهه اها آهي ته ان جي سرجڻ ۽ تخليق ڪرڻ ۾ بيشڪ ڪيئي صديون لڳيون هونديون پر ان کي ميڙڻ، سهيڙڻ ۽ ڇنڊي ڦوڪي ڪاڳر تي لکي، ڇپائي محفوظ بڻائڻ ويهين صديءَ ۾ ئي ممڪن ٿي سگهيو هو. اهو به انهيءَ ڪري جو ويهين صديءَ ۾ سنڌ کي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتو جهڙا جاکوڙي ۽ پاڻ ارپيندڙ محقق ۽ نقاد مليا آهن. جن پنهنجو نور نچوڙي، اسانجي لوڪ ورثي کي محفوظ ۽ سڀني جي پهچ ۽ پڙهڻ لائق بڻايو آهي.

Thursday, November 8, 2012

ڪاڻي کي ڪاڻو نه چئبو آهي - مٺل جسڪاڻي

ڪاڻي کي ڪاڻو نه چئبو آهي

مٺل جسڪاڻي



چوڻيون، پهاڪا ۽ محاورا ڪُوڙا ٿورو ئي آهن. هي به عمل جي رد عمل ۾ ئي ته جنم وٺن ٿا. ان ڪري انهن مان به پرائڻ گهرجي، سکڻ کپي. جيڪڏهن ڪو عام اياڻو ماڻهو هجي ته به ٺهيو، پر جيڪو اُٺ ڪتابن جا پڙهي سند به حاصل ڪري چڪو هجي، مٿان وري هزارين رپيه خرچ ڪري، ٻيا ڪتاب وٺي، پڙهي ۽ امتحان لاءِ تياري ڪري، ڪميشن جو ڪو اعلى امتحان ڏيڻ ويو هجي، اهو ته گهڻو وڌيڪ سرت ۽ ساڃهه وارو هئڻ گهرجي. ان کي ته ڪو هڪ اڌ به نه، بيشمار محاوار ذهن ۾ هجڻ گهرجن. هو ته هر پهلوءَ کان بخوبي واقف هجڻ گهرجي. فضيلت ڀريو هجڻ گهرجي. کيس وقت جي نزاڪت سمجهڻ جيتري تميز هجڻ کپي. هو صرف صبر واروئي نه، صابرين هئڻ گهرجي.

ڪنھن جو کلڻ خواري، ڪنھن جي روئڻ ۾ راحت - اسير امتياز

ڪنھن جو کلڻ خواري، ڪنھن جي روئڻ ۾ راحت

اسير امتياز



ھفتيوار طنز ۽ مزاح تي مشتمل ھن ڪالم سميت، منھنجو اڄوڪي عبرت ۾ ھي ٽيون ڪالم شايع ٿيو آھي. مون کي اُميد آھي ته منھنجو ۽ عبرت جو رشتو جيڪو جڙيو آھي، اھو پنھنجي منزل تائين ضرور رسندو. پڙھندڙن کي اھو ضرور ٻڌائيندو ھلان ته منھنجو ھي مزاح تي مشتمل ڪالم ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان، ڪٿي نه ڪٿي اوھان کي ضرور کلائيندو ھوندو ۽ توھان ڪنھن نه ڪنھن جملي، مُحاوري، پھاڪي يا ڪنھن چوڻي تي ضرور کلي ڏيندا ھوندؤ.

Wednesday, October 31, 2012

جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي - ظھور احمد سولنگي

جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي
ظھور احمد سولنگي
ڪنھن وقت جي ڳالھه آھي ته ھڪ سوداگر پنھنجو سامان وڪرو ڪرڻ لاءِ ڏورانھين ڏيھ ڏانھن وڃي رھيو ھو. ھن جي ٻيڙو ھر قسم جي سامان جھڙوڪ روغن، ماکي، گرم مصالحا، پستا، بادام ۽ قيمي ڪپڙن وغيره سان ڀريل ھو. وڏي ڳالھ ته سوداگر وٽ ناياب قسمن جي ھيرن جي ھڪ ھڙ ھئي، جيڪا ھن کي پيٽ سان ٻڌل ھئي، جيئن ڪو ڏسي ڦري نه وڃي، ٻيڙو ھلندو رھيو، پر ھنن جي منزل ڪيترائي ميل ڏور ھئي. ھو جڏھن ٿڪبا ھئا ته، ڪنھن ٻيٽ تي لنگر ھڻندا ھئا ۽ پوءِ اڳتي وڌندا ھئا.

Wednesday, October 17, 2012

ذڪر زالن ۽ لفظن جي درست استعمال جو - يوسف جوکيو

ذڪر زالن ۽ لفظن جي درست استعمال جو
يوسف جوکيو
دنيا جي سمورين گهروارين ۾ اوهان کي ٻه هڪجهڙائيون ضرور ملنديون. هڪ اها ته اهي هر وقت مڙس جي مبينا محبت کي ماپڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اينديون. ٻي اها معلوم ڪرڻ جي هورا کورا ته امڪاني جهيڙي يا دهماني رسامي جي صورت ۾ مڙس وٽ بهترين متبادل آپشن ڪهڙي عورت ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن اوهان مڙس آهيو ۽ ياد رکو ته مڙس هجڻ لاءِ مڙس ماڻهو هئڻ ضروري نه آهي، ته ٻه سوال اوهان کي هر هر ملندا/ ٻڌڻا پوندا هوندا: هڪ اهو ته ”مون سان ڪيتري محبت اٿئي...؟“ ۽ ٻيو اهو ته؛ ”مري وڃان ته ٻي شادي ڪندين؟ ڪندين ته ڪنهن سان ڪندين...؟“ انهن ٻنهي سوالن جا جواب ڏيڻ وقت ئي توهان کي خبر پئجي ويندي ته توهان مڙس ماڻهو وڌيڪ آهيو يا مڙس!

Tuesday, September 11, 2012

مقدمو - موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون- انجنيئر عبدالوهاب سهتو



(موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون)
لوڪ ادب، عام ماحول ۽ ذهنن مان جنم وٺي، عوامي زبانن ۽ سينن ۾ پلجي، زماني جي گردش ۾ پڪو پختو، صاف شفاف ٿي، وقت جي ورقن تي وکري، دوام حاصل ڪندو آهي. ان جي گوناگون شاخن منجهان ضرب الامثال به هڪ اهم شاخ آهي. عربيءَ ۾ ان کي مثال ڏيئي سمجهائڻ يا سمجهڻ لاءِ مثال ڏيڻ، سڏبو آهي. ڪنهن ڏکيءَ ڳالهه يا مسئلي کي سمجهائڻ يا سمجهڻ لاءِ ڪنهن ڏٺل / سولي/ آسان / سمجهيل شيءِ جو مثال ڏيئي سمجهائڻ کي ضرب المثل چئبو آهي.
ضرب المثل ڳالھين/ شين جا ٽي قسم آهن.
۱. مثالي ٽوٽڪا يا مثالي ڪهاڻيون.
۲. مثالي جملا: پهاڪا يا چوڻيون.
۳. مثالي فقرا: ورجيسون يا اصطلاح.
ٽنهي شاخن بابت هيٺ وضاحت ڏجي ٿي.

Monday, September 10, 2012

وتايو فقير - امر خورشيد شاھ

وتايو فقير

امر خورشيد شاھ



سچ چوڻ به ڏکيو آهي ۽ سچ سهڻ به ڏکيو... سچ جن چيو تن جي تاريخ ۾ ئي ڌار فهرست لکجي وئي. جنهن کي وقت جي ڪا به تبديلي مٽائي نه سگهي. هونئن به سچ جي ڪڙاڻ برداشت ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي. پر چوڻ وارا به شاهه جي هن سٽ وانگر ته ”سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار“ سڀ لاڳاپا لاهي سچ جون ڪاتيون تکيون ڪري نروار ٿيندا آهن. جيئن لطيف سائين جي هيءَ سٽ ته ”چنڊ چوانءِ سچ جي مٺيان مور نه ڀانئين“ سو سچ تي ته ڪهڙو به آسمان جو چنڊ هجي، مٺيان ته اوس لڳنديس. پر سچ چوڻ وارن جي چڱي خاصي لسٽ ۾ شمار ٿيندڙ وتايو فقير به هو، جنهن سدائين سچ ٻوليو پر منفرد انداز سان... سندس قول ٻول ڪي سالڪ سمجهندا هئا، باقي اسان پارن لاءِ ويچارو وتوُ فقير چريو يا چرچائي هو. هونئن ته اسين ‘وقت ۽ بخت جا رنگ’ ڏسي، گهڻو خاموش رهندا آهيون. پر ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڪردار ڏسي اها ڊگهي خاموشي ٽٽي به پوندي آهي ۽ اسين وتايا ٿي ويندا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن وتائي کان به اڳرا ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون پر پوءِ نڌڻڪائيءَ تي ترس کائي، ‘مٺي به ماٺ ته مٺي به ماٺ’ واري اصول جا پوئلڳ ٿي، ‘چپن کي چونو هڻي’ پيا هلندا آهيون. ان لاءِ ته اسين وتايا ته ٿي سگهون ٿا پر فقير ڪڏهن به نه. ان ڪري ‘جنهن جو جهڙو وڙ، سو ڀلي پيو ورڇي، ورهائي’. خاموش ئي رهڻو پئي ٿو.

Thursday, September 6, 2012

ناھيون ذات متعلق پھاڪا ۽ چوڻيون - غلام مصطفي ناھيون

ناھيون ذات متعلق پھاڪا ۽ چوڻيون
غلام مصطفي ناھيون
پھاڪا ۽ چوڻيون معاشري جون آئينه دار ھوندا آھن. پوءِ ڪي چوڻيون صحيح ۽ صاف عڪس ڏيکارنديون آھن، جن تي قومون ناز ڪرڻ لڳنديون آھن ته ڪي وري ابتو عڪس پسائينديون آھن، جن تي قومون شرمندگي ظاھر ڪنديون رھنديون آھن. سنڌ ۾ تقريبًا ھر ذات ۽ قوم لاءِ جدا جدا علائقن ۾ جدا جدا چوڻيون ۽ پھاڪا آھن، جن پٺيان يا ته سچيون حقيقتون ڇپيل آھن يا وري ڪوڙيون ڪٿائون ڏنل آھن. ناھيون ذات لاءِ پڻ، مختلف علائقن ۾ مختلف چوڻيون چيل آھن. جن مان ڪن جو حقيقت سان گھرو واسطو آھي ته ڪي ھٿ ٺوڪيون آھن. جيڪي ملي سگھيون آھن سي ھيٺئين ريت آھن:

Friday, August 24, 2012

پهاڪن جي پيڙھ - ارشاد ڪاغذي

پھاڪن جي پيڙھ
ارشاد ڪاغذي
بلڪل صحيح آهي ته، آهي اسان جو يار، پر جوڙ سڄي جڳ سان جڙيل اٿس. ٻار کان ٻڍي تائين ۽ ٻڍي کان لاش تائين، لِڇ سڀ سان لڳندي ايندي اٿس.
همراھ جي جوڙجڪ به نرالي آهي. ٽنگون مولانا آزاد جهڙيون، ڌڙ ضمير جعفري جهڙو ۽ ٻوٿ اڪبر الھ آباديءَ وانگر. جيڪڏهن منهن تي ٻئي هٿ رکي ويهندو ته سراسر سردار پٽيل پيو لڳندو ۽ جيڪڏهن مٿي سان وال ڪپڙي جو ٻڌندو ته اڪالي دل جي ڏک ڏيندو. ڳالهائيندو ته علامه چرڪين کي به شھ ڏيئي ڇڏيندو.

مردن جي بالادستيءَ لاءِ پهاڪي جو غلط استعمال - منصور ٿَلهو

مردن جي بالادستيءَ لاءِ پهاڪي جو غلط استعمال
منصور ٿَلهو
ڏاهپ رکندڙ فردن جي ذهن مان ڦٽي نڪرندڙ ڳالهيون، جنهن ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون، ڏور ۽ ڳجهارتون آھن، جيڪي سمجهاڻين ۽ صدين جي تجربن ۽ مشاهدن سان ڀريل هونديون آهن، تن مان زندگيءَ کي سمجهڻ جي وڏي ڄاڻ ملندي آهي. يارن جي چوڪڙيءَ ۾ ويهي، ڳالھ ڪندي ڪندي ماڻهو پنهنجي گفتگوءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين کي چئي، ٻڌندڙن تي ڏاهپ جو اثر خوبصورت انداز ۾ ڇڏيندو آهي. پهاڪن ۽ چوڻين جو درست ۽ موقعي مهل جي مناسبت سان استعمال، ٻوليءَ جي سگھ سان گڏ ان جي سونهن ۾ به واڌارو ڪندو آهي. پهاڪو، لوڪ ڏاهپ جو اساس آهي. عام زندگيءَ ۾ ان جو استعمال، روزاني ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿو. پهاڪي جي خصوصيت اها آهي ته؛ اهو ڪتابن وسيلي سفر نه ٿو ڪري. پر عام ماڻهوءَ جي زبان وسيلي، صدين جو پنڌ ڪري ٿو. جڏھن ته پهاڪي جو تحفظ، ڪنهن به سماج ۾، عام ماڻهو ئي آهن. ڳوٺن ۾ پڪا پوڙها ماڻهو، وڏي ڪمال جا هوندا آهن. سندن ڪچهرين ۾ ويهندي، پهاڪن ۽ پرولين جو استعمال وڻندڙ ۽ خوبصورت هوندو آهي. پهاڪو اتي زنده هوندو آهي، جتي ثقافت پنهنجي روح سان موجود هجي. ان جي لاءِ ٻهراڙيون مناسب رهيون آهن. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ اهڙو ماحول شهرن ۾ جڙندي نظر نه ٿو اچي.

Friday, July 13, 2012

پراڻن لفظن جي نئين ڊڪشنري - وسعت الله خان

پراڻن لفظن جي نئين ڊڪشنري
وسعت الله خان
سچ: هڪ افسانوي پکي آهي، جيڪو ڪنهن کي ڏيکاري نٿو ڏئي، پر سڀ ان جي ڳولها ۾ رُلي رهيا آهن.
ڪوڙ: سچ جي ٻئي رخ کي “ڪوڙ” چيو ويندو آهي. پر جيئن ته نج سون مان زيور ٺاهڻ لاءِ ان ۾ “کوٽ” ملائڻي پوي ٿي، اهڙي ريت نج ۽ نبار ڪوڙ به اڄڪلهه ڪم نٿو اچي. سچ هجي يا ڪوڙ، اهي نج استعمال ڪرڻ سان قبضي ڪن ٿا. تنهن ڪري ڪوڙ کي سچ ۾ ٿورو ٿورو ملائي، صبح شام استعمال ڪرڻ، چوڻ ۽ ٻڌڻ وارن لاءِ وڌيڪ مفيد ۽ هاضم آهي.

Friday, April 27, 2012

ڪي پھاڪا Some Proverbs - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


انجنيئر عبدالوھاب سھتو
نمبر
ڪي پھاڪا
Some Proverbs
1.       
آھي ته عيد، نه ته روزو
Waste not, want not
2.       
آئي سڱن کي، پر ڪن به ڪپائي وئي
Many go out for wool and come home shorn
3.       
اياڻو چوي، سياڻو ويڃائي
A fool may give a wise man counsel
4.       

شاهه جي سُر سورٺ ۾ محاورن جو استعمال - احمد خان ڪيريو

شاهه جي سُر سورٺ ۾ محاورن جو استعمال
احمد خان ڪيريو
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح کي دنيا جي انهن عظيم شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جن جو ڪلام هر لحاظ کان معياري ۽ مڪمل مڃيو ويو آهي. ڀٽائيءَ جي ڪلام جو هر بيت، مڪمل ۽ حڪمت سان ڀريل نظر اچي ٿو. تنهن کانسواءِ، سندس ڪلام جي هڪ اها به خصوصيت آهي ته ان کي جيترو گهڻو پڙهبو، اوترو وڌيڪ دلچسپ ۽ وڻندڙ پيو معلوم ٿيندو.
لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ تمام گهڻيون سٺايون ۽ سهڻايون آهن، جن تي نظر وجهڻ کانپوءِ اهو چڱيءَ طرح اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ واقعي سنڌي زبان جو وڏو ڄاڻو ۽ پارکو هو ۽ انهيءَ لحاظ کان اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته ٻوليءَ جي لحاظ کان، سنڌي ٻوليءَ کي جيڪي ڪجهه لطيف ڏنو آهي، اهو ٻئي ڪنھن به شاعر نه ڏنو آهي ۽ موجوده سنڌي زبان جو اوج ۽ عروج به ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام جي  ڪري ئي آهي.

Saturday, April 21, 2012

عزيز جو ڪتاب ”سنڌي اِصطلاح“


عزيز جو ڪتاب ”سنڌي اِصطلاح“
ليکراج ڪشنچند ميرچنداڻي (جنم: 19 ڊسمبر 1897- ديھانت: 19 آگسٽ 1971) پنھنجي تخلص ”عزيز“ سان سنڌي ساهت جڳت ۾ وڌيڪ مشھور هئو. مان کيس سندس ادبي لکڻين ذريعي ته پنھنجي اسڪولي جيوَنَ کان وٺي سُڃاڻندو هوس، پر ساڻس پھرين مُلاقات تڏهن ٿي، جڏهن هُو ”صُراحي“ ڪتاب تي ساهتيه اَڪادميءَ جو عطا ڪيل انعام وٺڻ لاءِ دهليءَ آيو هئو. هرومل سدا رنگاڻيءَ جي گهر سندس ديدار ٿيو هئو. چٽيءَ طرح ياد اٿم ته کيس هڪدم سڃاڻي نه سگهيو هوس. تصويرُن ۾ ڏٺل ”عزيز“ ۽ روبرو نظر ايندڙ ”عزيز“ ۾ چڱو فرق هئو. وار سفيد، ڳٽن ۾ ڪي قدر گُهنج، پيشانيءَ تي لنبي عمر مان حاصل ڪيل اَنُڀؤُ جون ريکائون. اِن هوندي به سندس شخصيت رعب ۽ حشمت واري هئي. فُل سوٽ ۽ نيڪ-ٽاءِ پاتل قد-آور ۽ بَرجستو مُڙس هو. ڳالهين ڪندي چپن تي هلڪي مُرڪَ. گفتگوءَ ۾ فهميدو چرچو، گهٻو. سندس رنگين مزاج، هر ڪنهن کي مُتاثر ڪندڙ هئو. اوڀاريون لھوريون ڳالهيون ڪندي، سنڌي ٻوليءَ جو ذڪر نڪتو. شڪايت واري نوع ۾ چيائين ته؛ اڄ ڪلهه جي سنڌي اديبن کي پنھنجيءَ مادري زبان جو به پورو عِلمُ ڪونهي. سندن لکڻين ۾ ٻوليءَ ۽ مُحاورن جون بيشمار غلطيون آهن. نوجوان سنڌي شاعرن کي ته بحر-وزن، قافيي-رديف جي به پوري ڄاڻ نه آهي.

Friday, April 20, 2012

سُر ڪلياڻ ۾ آيل اصطلاح - نور افروز خواجه

سُر ڪلياڻ ۾ آيل اصطلاح
نور افروز خواجه

ٻولي انسانن جي وچ ۾ اظھار جو هڪ اهم وسيلو آهي، جنھن کي انسان پنھنجي مرضيءَ مطابق جوڙيو. ٻوليءَ ۾ آواز ته گهڻا ٿا ٿين، پر ان جي جوڙجڪ خاصي مونجهاري واري آهي. انھن آوازن جي مدد سان هڪ عام رواجي ذهن وارو ماڻهو به ڪيترا ئي لفظ ٺاهي ٿو[1]. ٻولي اها ئي شيءِ آهي، جيڪا انسانن کي انھيءَ لائق بنائي ٿي ته هو پاڻ جھڙن ٻين انسانن سان خيالن جي ڏي-وٺ ڪري سگهن. ٻين جي اڳيان پنھنجي نفس جا رايا کولي، خواهشن ۽ اميدن، خوفن ۽ خطرن جو اظھار ڪري سگھن. انھيءَ کان سواءِ، انسان خود پاڻ کي سڃاڻي نٿو سگهي ۽ انھيءَ وسيلي هو پنھنجي ماحول جو مشاهدو ڪري سگهي ٿو.

بروو سنڌي ۾ آيل اصطلاح ۽ پهاڪا - پروفيسر مظھر علي قريشي

بروو سنڌي ۾ آيل اصطلاح

شاهه لطيف جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پهاڪا
پروفيسر مظھر علي قريشي
راڳ، هڪ اهم فن آهي. هيءُ فن، سڀ ڪنهن جي وس کان پري آهي. هن فن ۾ ڪيتريون ئي وڏيون راڳڻيون آهن. هن کي هندستاني راڳڻيون سڏبو آهي. اهڙين راڳڻين مان ”بروو“ به هڪ اهم راڳڻي آهي. هن لفظ جي لغتي معنى آهي؛ بيمار، گهايل، مريض، هڪ قسم جو پکي، هڪ وڻ جو نالو ۽ هڪ راڳڻي جو نالو. رسالي ۾ هن جو نالو ”بروو سنڌي“ آهي. شاهه لطيف هن سُر کي نج سنڌي رنگ ڏنو آهي. هن سر جا بيت توڙي وايون، مختلف رسالن ۾ گهٽ وڌ آيل آهن. هيءُ سر جيتوڻيڪ ننڍن بيتن تي مشتمل سرن مان آهي، تڏهن به وڏي اهميت جو حامل آهي. هن سر ۾ الله سان عشق رکڻ لاءِ انسان کي سکيا ڏيڻ سان گڏ، عاشق جي بيوسي به بيان ڪيل آهي. ان کان علاوه خدا کان جدا ٿيڻ تي انساني روح جو روڄ راڙو به هن سر ۾ آندل آهي. هن سر ۾، مجازي عشق جو گهڻو بيان ڪرڻ سان گڏ حقيقي محبوب جو بيان به ڪيل آهي. شاهه لطيف، عاشق جي نياز ۽ نئڙت، معشوق جي ناز، انداز ۽ حسن کي تمام دلڪش نوعيت ۾ نروار ڪيو آهي. هن سر ۾ عشق ۾ گهائڻ ۽ عاشق کي مارڻ واري ڪم کي ڪاسائڪي ڪار سان تشبيهه ڏني وئي آهي.

Monday, April 16, 2012

ڪجهه دلچسپ اصطلاح ۽ پھاڪا - غلام قادر سومرو


ڪجهه دلچسپ اصطلاح ۽ پھاڪا
غلام قادر سومرو
”ڍؤنگل“
تحقيق مان پتو پوي ٿو ته ”ڍؤنگل ڍارڻ“ يا ”ڍؤنگل هڻڻ“ جي معنى ”ويڪون ڪڍڻ يا عيب ويچارڻ، طعني زني ڪرڻ، چرچو يا چٿر ڪرڻ ڊاڙ ٻٽاڪ ۽ لٻاڙ هڻڻ“ آهي.
”ڍؤنگل“ کي ڍاري وانگر اهڙيءَ طرح اڇلايو ويندو آهي جو ڪامياب تير وانگر پنھنجي نشاني تي پوريءَ طرح وڃي لڳندو آهي.
ڍؤنگل هڻندڙ يا ڍؤنگل ڍاريندڙ کي ”ڍؤنگلائي“ يا ”ڍؤنگلي“ چوندا آهن. ”ڍؤنگل“ اڇلائڻ اهڙو آهي جھڙو ککر ۾ کڙو هڻڻ. کڙو هڻي، ستل ڏينڀن کي جاڳائي، چيڙائي، مڇرائڻ مان ڌرين کي ڏنگ لڳڻ جا امڪان ئي ٿي سگهن ٿا.
”ڍؤنگل“ تائيندڙ، تپائيندڙ، ٽاهه ڏيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ لفظن جا اڍنگا اظھار آهن.

Sunday, April 15, 2012

پھاڪا ۽ اصطلاح - لالا ڌڻي بخش پٺاڻ


پھاڪا ۽ اصطلاح
لالا ڌڻي بخش پٺاڻ
اها ڳالهه الم نشرح آهي ته اسان جو ادب پڪو ۽ پائيدار آهي. جيتوڻيڪ اسان جي سنڌ سونھاري ٻوليءَ جي حوالي سان ڪيتريون ئي مشڪلاتون ڏٺيون آهن، ته به سنڌي ٻولي پنھنجو وجود قائم رکيو ٿي اچي ۽ انشاءَ الله هن دنيا ختم ٿيڻ تائين اسان جي زبان (ٻولي) زنده رهندي. انھيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته زماني جي بدلجڻ سبب, اسان جو ادب به لٽ ۾ لٽجي ويو آهي ۽ ادبي زنجيرن جون ڪڙيون غائب ٿي ويون آهن. پر جس آهي اسان جي ادبي غواصن کي، جن علم جي سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي، ڪي موچارا موتي ميڙي، ٻوليءَ جي مالها ۾ پوتا آهن.

Saturday, April 14, 2012

ڏُکارو منطق - گابريل لائوب / ولي رام ولڀ


ڏُکارو منطق
گابريل لائوب / ولي رام ولڀ
ايفورِزم (Aphorism) هڪ مختصر پر جامع جملي کي چئبو آهي، جيڪو مثال ڏئي، ڀيٽ ڪرڻ جي ذريعي يا ڪنهن شيءِ جي خلاف اظهار راءِ سان پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري. ايفورزم جي لفظي معنيٰ آهي مختصر، اڻپورو ۽ زوردار. يوناني فيلسوف هيپوڪراٽس کي انهيءَ صنف جو مهندار ڪوٺيو ويندو آهي. جرمن ادب ۾ گوئٽي ۽ فيلسوف شوپنهار ۽ نيچي (نطشي) انهيءَ صنف کي ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو آهي. سهيوڳي اديبن ۾ خاص ڪري گابريل لائوب انهيءَ صنف تي ڪم ڪيو آهي. لائوب 1928ع ۾ چيڪو سلاواڪيا جي اُن حصي ۾ پيدا ٿيو، جتي جرمن زبان ڳالهائي وڃي ٿي. تعليم پراگ ۾ حاصل ڪيائين ۽ اُتي ئي صحافي ۽ اديب جي حيثيت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. 1928ع ۾ جڏهن چيڪو سلاواڪيا ۾ روسي فوجون گهڙي آيون ته هو مغربي جرمنيءَ هليو ويو. ”ڏکارو منطق“ جي عنوان سان هن ايفورزم جو هڪ مجموعو شايع ڪيو هو. هيٺيون مواد اُنهيءَ مان چونڊيو ويو آهي- سنڌيڪار

ٻرڙا ذات بابت ڪجهه پھاڪا - شمن شمس ٻرڙو


ٻرڙا ذات بابت ڪجهه پھاڪا
شمن شمس ٻرڙو
اهڙا ڪيترا ئي مثال ملن ٿا، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو؛ ڪهڙا ۽ ڪير آهن. جھڙيءَ طرح ڪن ذاتين بابت پھاڪا ۽ چوڻيون مشھور آهن. جن مان تن ذاتين بابت معلوم ٿئي ٿو ته اهي اصل ۾ ڪير ھيا. ٻرڙن بابت، اسان جي مورخن ۽ ليکڪن کي، تاريخ جي ڪنھن به ڪتاب ۾ ڪو مضمون ڏسڻ يا مطالعي مان نه گذريو آهي. البت سنڌي ادب ۾ جهاتي پائڻ سان، ٻرڙا ذات بابت ڪجھ مواد ملي ٿو. سنڌ جي اصلوڪي ذات هئڻ ڪري، ٻرڙن بابت به ڪيترا ئي سنڌي پهاڪا مشهور آهن. جن منجھان ڪن جو تفصيل، زباني حوالن يا قلمبند ڪيل روايتن ذريعي ھيٺ ڏجي ٿو.

Saturday, January 7, 2012

هاٿيءَ کي هندستان نه ڏيکارجي - الطاف شيخ

هاٿيءَ کي هندستان نه ڏيکارجي
الطاف شيخ
اڃا ڪراچيءَ ۾ ئي هوس ته، ممبئيءَ مان ڊاڪٽر پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ فون ڪري مون کي چيو ته؛ انڊيا اچين ته پنهنجي پاسپورٽ، ويزا ۽ ٻين ڪاغذن جون ٽي چار فوٽو ڪاپيون ٺهرائي اچجانءِ. ڇو جو موبائيل فون جي سِم، توڙي هوٽل ۾ ڪمرو وٺڻ مهل، انهن ڪاغذن جي فوٽو ڪاپي ڏيڻي پوي ٿي. ڊاڪٽر ٻلديو، بلڪل صحيح ڳالهه ڪئي. اڄ ڪلهه دنيا جي هر ملڪ ۾ سيڪيورٽي کي ترجيح ڏني وڃي ٿي ۽ هر پنهنجي پرائي جي چڱي طرح کوج لڳائي وڃي ٿي. بهرحال ڌارين ملڪن ۾ پهچي پوءِ فوٽو اسٽيٽ وارن جا دڪان پيا ڳولجن، ان کان بهتر آهي ته پنهنجي ملڪ مان نه رڳو مسافري ۽ شناخت سان تعلق رکندڙ ڪاغذن جون ٽي چار فوٽو ڪاپيون کڻي نڪرجن، پر ڏهاڪو کن پنهنجا پاسپورٽ سائيز فوٽو به پاڻ سان گڏ رکجن. اهو انهن ماڻهن لاءِ به ضروري آهي جيڪي حج يا عمري لاءِ، سعودي عرب وڃن ٿا. يا زيارتن لاءِ ايران، عراق ۽ شام وڃن ٿا.