(موزون
آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون)
لوڪ ادب، عام ماحول ۽ ذهنن مان جنم وٺي، عوامي زبانن ۽
سينن ۾ پلجي، زماني جي گردش ۾ پڪو پختو، صاف شفاف ٿي، وقت جي ورقن تي وکري، دوام
حاصل ڪندو آهي. ان جي گوناگون شاخن منجهان ضرب الامثال به هڪ اهم شاخ آهي. عربيءَ
۾ ان کي مثال ڏيئي سمجهائڻ يا سمجهڻ لاءِ مثال ڏيڻ، سڏبو آهي. ڪنهن ڏکيءَ ڳالهه يا
مسئلي کي سمجهائڻ يا سمجهڻ لاءِ ڪنهن ڏٺل / سولي/ آسان / سمجهيل شيءِ جو مثال ڏيئي
سمجهائڻ کي ضرب المثل چئبو آهي.
ضرب المثل ڳالھين/ شين جا ٽي قسم آهن.
۱. مثالي ٽوٽڪا يا مثالي
ڪهاڻيون.
۲. مثالي جملا: پهاڪا
يا چوڻيون.
۳. مثالي فقرا:
ورجيسون يا اصطلاح.
ٽنهي شاخن بابت هيٺ
وضاحت ڏجي ٿي.
