مردن جي بالادستيءَ
لاءِ پهاڪي جو غلط استعمال
منصور ٿَلهو
ڏاهپ رکندڙ فردن جي ذهن مان ڦٽي نڪرندڙ
ڳالهيون، جنهن ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون، ڏور ۽ ڳجهارتون آھن، جيڪي سمجهاڻين ۽ صدين جي
تجربن ۽ مشاهدن سان ڀريل هونديون آهن، تن مان زندگيءَ کي سمجهڻ جي وڏي ڄاڻ ملندي
آهي. يارن جي چوڪڙيءَ ۾ ويهي،
ڳالھ ڪندي ڪندي ماڻهو پنهنجي گفتگوءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين کي چئي، ٻڌندڙن تي ڏاهپ جو
اثر خوبصورت انداز ۾ ڇڏيندو آهي. پهاڪن ۽ چوڻين جو درست ۽ موقعي مهل جي مناسبت سان
استعمال، ٻوليءَ جي سگھ سان گڏ ان جي سونهن ۾ به واڌارو ڪندو آهي. پهاڪو، لوڪ ڏاهپ
جو اساس آهي. عام زندگيءَ ۾ ان جو استعمال، روزاني ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿو. پهاڪي جي
خصوصيت اها آهي ته؛ اهو ڪتابن وسيلي سفر نه ٿو ڪري. پر عام ماڻهوءَ جي زبان وسيلي،
صدين جو پنڌ ڪري ٿو. جڏھن ته پهاڪي جو تحفظ، ڪنهن به سماج ۾، عام ماڻهو ئي آهن.
ڳوٺن ۾ پڪا پوڙها ماڻهو، وڏي ڪمال جا هوندا آهن. سندن ڪچهرين ۾ ويهندي، پهاڪن ۽
پرولين جو استعمال وڻندڙ ۽ خوبصورت هوندو آهي. پهاڪو اتي زنده هوندو آهي، جتي
ثقافت پنهنجي روح سان موجود هجي. ان جي لاءِ ٻهراڙيون مناسب رهيون آهن. جڏهن ته ان
جي ڀيٽ ۾ اهڙو ماحول شهرن ۾ جڙندي نظر نه ٿو اچي.
سنڌي ٻوليءَ جا پهاڪا
۽ چوڻيون، ٻوليءَ ۾ چوڏس چانڊاڻ واري حيثيت رکن ٿا ۽ جيڪي نصيحت سان ڀريل هوندا
آهن. جنهن ۾ سماج جي جوڙجڪ، رهڻي ڪهڻي، عام ماڻهوءَ جي اٿڻي ويهڻي، محبت رکڻ، ونڊڻ
جي انداز جو پتو پئجي وڃي ٿو. ان سان جيئاپي جي جنگ جو ڏس ملي ٿو ۽ ڪي پهاڪا سست ۽
ٿڪل ماڻهو جي ڀيٽ ۾ به ڏنل آهن.
·
اُٿئي گدڙ به ڍءُ، ويٺي شينهن بک مرن.
·
آئي ٽانڊو کڻڻ، ٿي وئي بوچياڻي.
·
ٻه ته ٻارنهن.
·
ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ.
·
ڪڻي مان ڪيچ ٿين.
·
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ.
·
تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي.
مٿين پهاڪن ۽ چوڻين
مان جدوجهد، لڳاتار محنت، همٿ نه هارڻ ۽ چالاڪ ماڻهن جي چالاڪيءَ جو پتو پئجي وڃي
ٿو. اهي سڀ پهاڪا، غور ڪرڻ جا آهن. وڏي ڳالھ اها آهي ته ماضيءَ جا چيل پهاڪا، اڄ
به اونداهي رات ۾ ڪو رهنما ترورو ٿي سگهن ٿا ۽ ماڻھن جي سوچ ۾ تبديلي آڻي سگھن ٿا.
ڪوڙ ۽ سچ جي لاءِ ڪسوٽي ثابت ٿي سگھن ٿا. سنڌي ٻولي به پهاڪن ۽ چوڻين جي لحاظ کان
شاهوڪار ۽ آسودي ٻولي آهي. اتي به روزاني زندگيءَ ۾ جتي ڪٿي پھاڪا ۽ چوڻيون عام
ڳالھ ٻولھ جو ضروري حصو آھن. اھي پھاڪا اڄ به سوين معنائون ۽ مطلب پاڻ ۾ سمائي
ويٺا آھن ۽ پھاڪا استاد ٿيندا آھن، جيڪي زندگيءَ جو ڪتاب پڙهي ٻڌائيندا آهن. انهن
۾ مٽيءَ جي سڳنڌ هوندي آهي ۽ اهي ٻوليءَ جي ٻانهن جا ڪنگڻ هوندا آهن. سنڌي ماڻهو
ڀليڪار چوڻ ۾ دير ناهن ڪندا. جو ڪجھ هوندو اَٿن، اهو سڀ آيل جي اڳيان آڻي رکندا
آهن. پوءِ ڇو نه ان جا پير ٿڦيل هجن، مون ۾ مير رکي آيو هجي، پوءِ به ان جي خدمت
ڪرڻ کان ڍاپندا ڪين. ايندڙ کي اکين ۾ جاءِ ڏيئي ويهارڻ ۾ هٻڪندا ڪو نه آهن. اهڙي
سادگيءَ ۾ سور به ڏاڍا سهندا آهن پر پوءِ به مڙن نه ٿا. اُن جي لاءِ مشهور آهي ته؛
·
جو حال حبيبان، سوئي پيش پريان.
·
ڪني آڱر وڍي چڱي.
”گلو! .... تنهنجو پٽ ....
.“
”ها ... ها ... ڇا ٿيو
ان کي؟“ وڏي آواز ۾ رڙ ڪري موٽ ڏيندو.
”يار ... چڙين ڇو ٿو؟ هر
ڪو ڄاڻي ٿو ته تنهنجي پڳدار پٽ جا پير سڌا ڪونهن، سڄو ڏينهن واندن سان اوتاري تي
ويٺو آهي. ڪڪڙ هٿن ۾، سوٽن تي سوٽا. رات جو ٿو لوڙها لتاڙي. سڄي ويڙهي وارن کي
تپائي ماريو اٿس. ڪا جهل ڪرينس، ڪا مهل ڪهڙي، وقت خراب آهي. بهتر اٿئي ته تون
پنهنجي پڳدار پٽ جا پير ٻڌ. ائين خاموش ويٺو مٿس ڪک رکندين ته پوءِ ماڻهن کي منهن
ڏيکارڻ جهڙو به نه رهندين. سٺو اٿئي ته سوير ئي سنڀال. ”ڪني آڱر، وڍي چڱي.“
گلوءَ کي ڪچهريءَ ۾
اها ڳالھ نه وڻي. پنهنجي بيعزتي ڀانئيندي هڪدم ڀڙڪو کائي، سڀني ڏانهن نهاري چوڻ
لڳو؛ ”ادا! جڏهن پيرن ۾ ڏانوڻ پوندس ته پوءِ ڦڏا پير به سڌا ٿي ويندس. منهنجو اهو
سڪيلڌو هڪڙو پڳدار پٽ آهي. هونئن به مرد ماڻهو آهي. گهمي ڦري وٺي، ڪٿي نه ڪٿي
اگهامجي ويندو. ڀلا... جوانيءَ ۾ ڪير نه ٿو اهڙيون حرڪتون ڪري؟ هروڀرو ويٺا منهنجي
پڳدار پٽ تي گند اڇلايو.“
گلوءَ ڪچهريءَ ۾ ويٺلن
کي ماٺ ڪرائي ڇڏي.
ان جي ڀيٽ ۾ جي اهڙي
ڳالھ، ڪچهريءَ ۾ ڪو عورت جي لاءِ ڪري ته پوءِ سڀني جي بت کي چهنڊڙيون لڳي وينديون.
خار مان هر ڪو پنهنجين مڇن کي تاءُ پيو ڏيندو ۽ ذهن ۾ ان کي مارڻ جي ويٺو سوچيندو
۽ پوءِ ”ڪني آڱر وڍي چڱي“ جي پهاڪي تي عمل ڪري، بعد ۾ ساھ پٽيندو. اهو پهاڪو به
ڪهاڙيءَ وانگر، عورت جي ڪنڌ تي ڪريو. جڏهن ته اهو پهاڪو غداري ڪندڙ ڏانهن منسوب
ٿيل هو، پر مرد وڏي چالاڪيءَ سان پنهنجي طاقت کي برقرار رکڻ جي لاءِ ان کي مخالف
جنس استعمال ڪري ڇڏيو. ”ڪني آڱر“ جو اشارو فقط عورتن سان لاڳو ٿيڻ نه کپي. اهو مرد
جي لاءِ به ڪتب آڻڻ گهرجي. اهو حقيقت پسنداڻو رويو روا رکيو وڃي ته، ”ڪني آڱر“ فقط
عورت نه مرد به ٿي سگهن ٿا ۽ سماج جي جسم جي لاءِ ناسور بنجي سگهن ٿا.
تمام سٺي ڳالھ لکي آهي توهان حق گوئي جو حق ادا ڪيو اٿو
ReplyDelete